bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 22
Deuteronomy 22
Sindhi Bible
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 23 →
1
تون پنهنجي ڀاءُ جو ڏاند يا رڍ رلندي ڏسين، تہ ڏٺي اڻ ڏٺي نہ ڪج: پر تون ضرور ورائي آڻي پنهنجي ڀاءُ کي ڏج.
2
پر جيڪڏهن هو تنهنجو ڀاءُ توکي ويجهو نہ هجي، يا تون انهي کي نہ سڃاڻندو هجين، تہ تون انهي جانور کي پنهنجي گهر وٺي اچج، ۽ اهو تنهنجي گهر ۾ رهي جيسين ڪ تنهنجو ڀاءُ انهي جي ڳولا ڪري، پوءِ تون انهي کي موٽائي ڏج.
3
ائين ئي تون هن جي گڏهہ سان، ۽ هن جي ڪپڙن سان بہ ڪج؛ مطلب تہ تنهنجي ڀاءُ جي ڪابہ گم ٿيل شيءِ، جا هن وڃائي هجي، ۽ تو لڌي هجي تنهن سان تون ائين ڪج: تون انهي کي ڏٺي اڻ ڏٺي نہ ڪج.
4
تون پنهنجي ڀاءُ جو گڏهہ يا ڏاند رستي ۾ ڪريل ڏسي، پاسو ڪري هليو نہ وڃج: پر ضرور انهي کي اُٿارڻ ۾ هن جي مدد ڪج.
5
ڪابہ زال مرداڻي پوشاڪ نہ ڍڪي، نڪي ڪو مرد زالاڻا ڪپڙا پائي: ڇالاءِ تہ جيڪو ائين ٿو ڪري، تنهن کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.
6
جيڪڏهن توکي واٽ ويندي اتفاق سان ڪنهن پکيءَ جو آکيرو پٽ تي يا وڻ تي ڏسڻ ۾ اچي، ۽ انهي ۾ آنا يا ٻچا هجن، ۽ مادي آنن يا ٻچن تي ويٺل هجي، تہ تون ماديءَ کي ٻچن سميت نہ کڻج:
7
تون ٻچا کڻين تہ ڀلي کڻج، پر ماديءَ کي ضرور ڇڏي ڏج؛ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي، ۽ تنهنجي حياتي وڌي.
8
جڏهن تون ڪو نئون گهر جوڙين، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري ٻنو ٻڌائج، تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي، ۽ انهي جو خون تنهنجي گهر تي اچي.
9
تون پنهنجي ڊاک جي منهہ ۾ ٻن قسمن جو ٻج نہ پوکج: متان انهي جو سڀ ميوو، يعني تنهنجو پوکيل ٻج، ۽ ڊاک جي سڀ پيداوار ضبط ٿي پوي.
10
تون ڏاند ۽ گڏهہ کي گڏ جوٽي هر نہ ڏج.
11
تون پشم ۽ سڻيءَ جو گڏ اُڻيل ڪپڙو نہ پائج.
12
جنهن ڪپڙي سان تون پاڻ کي ڍڪين، تنهن جي چئن ئي پاسن تي جهالر لڳائج.
13
جڏهن ڪو ماڻهو زال پرڻجي، ۽ انهيءَ وٽ وڃي، ۽ پوءِ انهيءَ سان اڻبڻت ٿئيس،
14
۽ انهيءَ تي شرم جهڙين ڳالهين جي تهمت رکي، ۽ کيس بدنام ڪري، ۽ چوي تہ مون هن زال سان شادي ڪئي، ۽ جڏهن آءٌ وٽس ويس، تڏهن مون هن ۾ ڪنوارپڻي جون نشانيون نہ ڏٺيون:
15
تڏهن انهيءَ ڇوڪريءَ جا ماءُ ۽ پيءُ هن جي ڪنوارپڻي جون نشانيون کڻي، شهر جي دروازي تي بزرگن وٽ اچن:
16
۽ انهيءَ ڇوڪريءَ جو پيءُ بزرگن کي چوي تہ ڏسو، مون پنهنجي ڌيءَ هن ماڻهوءَ کي پرڻائي ڏني، ۽ هو انهيءَ سان نفرت ٿو ڪري؛
17
ڏسو، هن مٿس شرم جهڙين ڳالهين جي تهمت رکي آهي، ۽ چوي ٿو تہ مون تنهنجي ڌيءَ ۾ ڪنوارپڻي جون نشانيون نہ ڏٺيون؛ پر منهنجيءَ ڌيءَ جي ڪنوارپڻي جون نشانيون اِجهي هي آهن. پوءِ اهي شهر جي بزرگن جي اڳيان اهو ڪپڙو وڇائين.
18
تڏهن انهيءَ شهر جا بزرگ انهي ماڻهوءَ کي سزا ڏين؛
19
۽ مٿس چانديءَ جا هڪ سؤ مشقال ڏنڊ وجهن؛ ڇالاءِ جو هن اسرائيل جي هڪڙي ڪنواريءَ ڇوڪريءَ تي بدنامي آندي آهي، ۽ اهي ڏنڊ وارا پئسا ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڏين: پوءِ هو انهيءَ ماڻهوءَ جي زال ٿي رهي؛ ۽ هو انهيءَ کي حياتيءَ تائين طلاق نہ ڏئي.
20
پر جي اها ڳالهہ سچي هجي، يعني انهيءَ ڇوڪريءَ ۾ ڪنوارپڻي جون نشانيون ڏسڻ ۾ نہ آيون هجن:
21
تہ پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گهر جي در تي وٺي اچن، ۽ سندس شهر جا ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين: ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ زناڪاري ڪري اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
22
جيڪڏهن ڪو مرد ماڻهو ڪنهن پرڻيل زال سان گڏ سمهندو ڏسڻ ۾ اچي، تہ اهي ٻئي ماريا وڃن، يعني اهو جو زال سان گڏ ستو، ۽ اها زال: انهيءَ طرح تون اها خرابي اسرائيل جي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
23
جيڪڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري، جا ڪنهن مرد سان مڱيل هجي، ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ کي شهر ۾ ڏسي ساڻس سمهي؛
24
تہ اوهين انهن ٻنهي کي انهي شهر جي دروازي تي آڻي، کين سنگسار ڪري ماري ڇڏجو؛ انهيءَ ڇوڪريءَ کي هن ڪري، جو هو شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ماڻهوءَ کي هن ڪري، جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي بي آبرو ڪيو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.
25
پر جيڪڏهن اهو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ کي جهنگ ۾ ڏسي، ۽ ساڻس زوريءَ سمهي، تہ فقط انهي ماڻهوءَ کي مارڻ گهرجي، جو هو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو هو:
26
پر ڇوڪريءَ کي تون ڪي بہ نہ ڪج؛ انهيءَ ڇوڪريءَ جو گناهہ موت جي لائق نہ آهي: ڇالاءِ تہ جيئن ڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ تي حملو ڪري، انهي کي ماري وجهي، تيئن هيءَ ڳالهہ بہ آهي:
27
ڇوتہ هن انهيءَ ڇوڪريءَ کي جهنگ ۾ ڏٺو؛ مڱيل ڇوڪريءَ رڙيون ڪيون پر اتي ڪوبہ ڪونہ هو، جو انهيءَ کي بچائي.
28
جيڪڏهن ڪو مرد ماڻهو ڪا ڪنواري ڇوڪري ڏسي، جا مڱيل نہ هجي، ۽ انهيءَ کي جهلي ساڻس سمهي، ۽ اهي ٻئي پڪڙجي پون؛
29
تہ جيڪو ماڻهو انهيءَ ڇوڪريءَ سان ستو، سو انهيءَ جي پيءُ کي چانديءَ جا پنجاهہ مشقال ڏئي، ڇالاءِ جو هن انهي کي بي آبرو ڪيو آهي؛ پوءِ هوءَ انهي جي زال ٿي رهي، ۽ هو انهيءَ کي حياتيءَ تائين طلاق نہ ڏئي.
30
تون پنهنجي پيءُ جي زال سان شادي نہ ڪج، نڪي پنهنجي پيءُ جو ننگ کولج.
← Chapter 21
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 23 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34