bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Deuteronomy 16
Deuteronomy 16
Sindhi Bible
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 17 →
1
تون ابيب جو مهينو ياد رکج، ۽ انهي ۾ خداوند پنهنجي خدا جو فسح ڪج: ڇالاءِ جو انهي ابيب جي مهيني ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي رات جي وقت مصر مان ٻاهر ڪڍي آيو.
2
تنهنڪري جيڪو هنڌ خداوند پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊي، اتي تون پنهنجن ڍورن ۽ پنهنجن ڌڻن مان، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ فسح جي قرباني ڪج.
3
تون انهيءَ سان گڏ خميري ماني نہ کائج؛ ست ڏينهن تون انهيءَ سان گڏ بي خميري ماني کائج، يعني ڏک جي ماني؛ ڇالاءِ جو تون مصر جي ملڪ مان تڙتڪڙ ۾ نڪري آئين: سو جنهن ڏينهن تون مصر جي ملڪ مان نڪتين، اهو ڏينهن پنهنجي سڄيءَ حياتيءَ ۾ ياد رکج.
4
۽ ستين ڏينهن تائين تنهنجي سڄي ملڪ ۾ تو وٽ خمير ڏسڻ ۾ نہ اچي، ۽ تون پهرئين ڏينهن شام جو جيڪا قرباني ڪرين، تنهن جي گوشت مان ڪجهہ بہ صبح تائين بچائي نہ رکج.
5
جيڪي ڳوٺ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تن مان ڪنهن ۾ بہ تون فسح جي قرباني نہ ڪج.
6
پر جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي شام جو سج لهڻ مهل، جنهن وقت تون مصر مان نڪتو هئين، انهي وقت فسح جي قرباني ڪج.
7
۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي، اتي تون اهو پچائي کائج: ۽ صبح جو تون اتان موٽي پنهنجن تنبن ڏانهن وڃج.
8
ڇهہ ڏينهن تون بي خميري ماني کائج: ۽ ستين ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جي لاءِ پاڪ جماعت گڏ ٿيندي؛ ۽ انهي ڏينهن تون ڪوبہ ڪم نہ ڪج.
9
پوءِ تون پنهنجي لاءِ ست هفتا ڳڻج: جنهن وقت تون ان جي بيٺل پوک ۾ ڏاٽو وجهڻ شروع ڪرين، تنهن وقت کان وٺي تون ست هفتا ڳڻج.
10
۽ جيتري برڪت خداوند تنهنجي خدا توکي ڏني هجي، تنهن موجب تون نذرانو آڻي، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ هفتن جي عيد ملهائج:
11
۽ جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا پنهنجو نالو قائم رکڻ لاءِ چونڊيندو، اتي تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي جو تنهنجي ڳوٺ ۾ هجي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال، جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.
12
۽ تون اهو ياد رکج تہ تون پاڻ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئين: تنهنڪري تون هنن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪج.
13
جڏهن تون پنهنجي کري ۽ پنهنجي چيچڙي جو مال گڏ ڪري ڇڏين، تڏهن ست ڏينهن تنبن جي عيد ملهائج:
14
۽ تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي ڌيءَ، ۽ تنهنجو غلام، ۽ تنهنجي ٻانهي، ۽ لاوي، ۽ مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال جي تنهنجي ڳوٺ ۾ هجن، سي سڀ گڏجي خوشيءَ سان عيد ملهائجو.
15
جيڪو هنڌ خداوند تنهنجو خدا چونڊي، اتي تون ست ڏينهن خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ عيد ملهائج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو خدا تنهنجي ساريءَ پيدائش ۾، ۽ تنهنجن سڀني ڪمن ۾ برڪت وجهندو، ۽ تون پوريءَ طرح خوش رهندين.
16
سال ۾ ٽي ڀيرا، يعني فطيري مانيءَ جي عيد تي، ۽ هفتن جي عيد تي، ۽ تنبن جي عيد تي، تنهنجا سڀ مرد ماڻهو، خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾، سندس چونڊيل جاءِ تي وڃي حاضر ٿين: ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ هٿين خالي نہ اچن:
17
۽ جيڪا برڪت خداوند تنهنجي خدا توکي ڏني هجي، تنهن موجب سڀڪو ماڻهو جيڪي ڏيئي سگهي سو ڏئي.
18
تون پنهنجن قبيلن جي سڀني ڳوٺن ۾، جيڪي خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، پنهنجي قبيلن موجب قاضي ۽ حاڪم مقرر ڪج: تہ اهي سچائيءَ سان ماڻهن جي عدالت ڪن.
19
تون ڪنهن سان ناحق نہ ڪج؛ نڪي تون ماڻهن جي طرفداري ڪج: نڪي تون رشوت وٺج؛ ڇالاءِ جو رشوت سياڻن کي بہ انڌو ٿي ڪري، ۽ راستبازن جي ڳالهين کي ڦيرائي ٿي ڇڏي.
20
جيڪي نسورو حق هجي، انهي جي تون پيروي ڪج، تہ تون جيئرو رهين، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن جو وارث ٿئين.
21
تون خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ جيڪا قربانگاهہ جوڙين، تنهن جي آس پاس پنهنجي لاءِ ڪنهن بہ قسم جي يسيرہ نہ کوڙج.
22
نڪي پنهنجي لاءِ ڪو ٿنڀ کڙو ڪج: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا کي انهن کان نفرت آهي.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34