bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 1
Exodus 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 2 →
1
هاڻي اسرائيل جا پٽ، جي مصر مان آيا، تن جا نالا هي آهن، سڀ ڪو پنهنجي خاندان سوڌو يعقوب سان گڏجي آيو.
2
روبن، شمعون، لاوي، يهوداہ،
3
اشڪار، زبولون، بنيمين،
4
دان، نفتالي، جد ۽ آشر.
5
سڀيئي ٻار جي يعقوب مان پيدا ٿيا هئا سي ستر ڄڻا هئا؛ ۽ يوسف اڳيئي مصر ۾ هو.
6
پوءِ يوسف ۽ سندس ڀائر، ۽ اها سڄي پيڙهي فوت ٿي ويئي.
7
پر اسرائيل جو اولاد ڦلدار ٿيندو، ۽ گهڻو وڌندو ويو؛ ۽ نهايت طاقت وارو ٿيو؛ ۽ اهو ملڪ ساڻن ڀرجي ويو.
8
پوءِ مصر تي هڪڙو نئون بادشاهہ حڪومت ڪرڻ لڳو، جو يوسف کي ڪونہ سڃاڻندو هو.
9
انهيءَ پنهنجن ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، بني اسرائيل جي قوم اسان کان شمار ۽ زور ۾ گهڻي وڌي ويئي آهي.
10
تنهنڪري اچو تہ ساڻن هوشياريءَ سان هلون، متان اُهي اڃا بہ وڌي وڃن، ۽ پوءِ جڏهن ڪا جنگ لڳي، تڏهن اهي وڃي اسان جي دشمن سان گڏجن ۽ اسان سان وڙهن، ۽ هن ملڪ مان نڪري وڃن.
11
سو هنن کين پيڙڻ لاءِ مٿن مقدم مقرر ڪيا تہ انهن کي بيگر ۾ وهائين؛ ۽ انهن فرعون جي لاءِ انبار جا شهر، پتوم ۽ رعمسيس اڏايا.
12
پر جيئن جيئن هو کين وڌيڪ تڪليف ڏيڻ لڳا، تيئن تيئن اهي وڌندا ۽ پکڙجندا ويا. ۽ مصري بني اسرائيل جي ڪري ڏاڍا رنج ٿيڻ لڳا.
13
تڏهن هو بني اسرائيلين کان سخت پورهيو ڪرائڻ لڳا:
14
۽ انهن کان گاري ۽ سرن جو ڪم، ۽ سڀ ڪنهن قسم جي پوک جو ڪم، سخت محنت سان ڪرائي، کين سندن حياتيءَ کان بيزار ڪري ڇڏيائون: جيڪو بہ پورهيو انهن کان ڪرايائون ٿي، سو تمام سختيءَ سان ٿي ڪرايائون.
15
پوءِ مصر جي بادشاهہ عبراني داين کي پاڻ وٽ سڏايو، جن مان هڪڙيءَ جو نالو سفرہ ۽ ٻيءَ جو فوعہ هو؛
16
۽ کين حڪم ڏيئي چيائين تہ جڏهن اوهين عبراني زالن کي ويم ڪرايو، تڏهن ويم جي هنڌ تي نگاهہ رکجو، جي پٽ ڄمي تہ انهيءَ کي ماري ڇڏجو، ۽ جي ڌيءَ ڄمي تہ انهيءَ کي جيئرو ڇڏجو.
17
پر دايون خدا کان ڊنيون ۽ جيئن مصر جي بادشاهہ حڪم ڏنو هون، تيئن نہ ڪيائون: ۽ پٽن کي بہ جيئرو ڇڏيائون.
18
تڏهن مصر جي بادشاهہ داين کي پاڻ وٽ گهرائي کين چيو تہ اوهان ڇو اهڙو ڪم ڪيو، ۽ ڇو پٽن کي بہ جيئرو ڇڏيو اٿوَ.
19
تنهن تي داين فرعون کي چيو تہ عبراني زالون، مصري زالن جهڙيون نہ آهن، هو همت واريون آهن، ۽ داين جي اچڻ کان اڳ ۾ ئي ويم ڪيو ڇڏين.
20
انهيءَ ڪري خدا داين سان ڀلائي ڪئي؛ ۽ اهي ماڻهو وڌندا ۽ زور وارا ٿيندا ويا.
21
۽ هيئن ٿيو تہ داين کي جو خدا جو خوف هو، تنهنڪري هن سندن گهر آباد ڪيا.
22
پوءِ فرعون پنهنجن سڀني ماڻهن کي تاڪيد ڪري چيو تہ عبرانين ۾ جيڪو پٽ ڄمي تنهن کي درياهہ ۾ اُڇلايو، ۽ جيڪا ڌيءَ ڄمي تنهن کي جيئري ڇڏيو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40