bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 7
Exodus 7
Sindhi Bible
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 8 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ڏس، مون توکي فرعون جي لاءِ ڄڻ تہ خدا ڪيو آهي؛ ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون تنهنجو نبي ٿيندو.
2
جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان ٿو سو تون ٻڌائج، ۽ تنهنجو ڀاءُ هارون فرعون کي چوندو تہ بني اسرائيل کي پنهنجي ملڪ مان وڃڻ ڏي.
3
۽ آءٌ فرعون جي دل سخت ڪندس، ۽ پنهنجا معجزا، ۽ عجيب ڪم مصر جي ملڪ ۾ وڌائيندس.
4
پر فرعون اوهان جي ڳالهہ نہ ٻڌندو؛ ۽ آءٌ پنهنجو هٿ مصر تي ڊگهيريندس ۽ هن کي وڏيون سزائون ڏيئي، پنهنجن لشڪرن، يعني بني اسرائيل کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آڻيندس.
5
جڏهن آءٌ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهيريندس، ۽ بني اسرائيل کي سندن وچ مان ڪڍي ايندس، تڏهن مصرين کي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان.
6
پوءِ موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند کين حڪم ڏنو هو.
7
جڏهن هنن فرعون سان گفتگو ڪئي، تڏهن موسيٰ اسي ورهين جو هو، ۽ هارون ٽياسي ورهين جو هو.
8
۽ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ
9
جڏهن فرعون اوهان کي چوي تہ اوهين ڪا نشاني ڏيکاريو، تڏهن تون هارون کي چئج تہ پنهنجي لٺ کڻي فرعون جي اڳيان اُڇلائي، تہ اها نانگ ٿي پوندي.
10
پوءِ موسيٰ ۽ هارون، فرعون وٽ آيا ۽ ائين ئي ڪيائون، جيئن خدا کين حڪم ڏنو هو، يعني هارون پنهنجي لٺ فرعون جي اڳيان اُڇلائي تہ اها نانگ ٿي پيئي.
11
تڏهن فرعون بہ ڏاها ماڻهو ۽ جادوگر گهرايا، ۽ مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو؛
12
ڇالاءِ جو انهن مان هرهڪ ماڻهوءَ پنهنجي لٺ اُڇلائي، ۽ اُهي نانگ ٿي پيون: پر هارون جي لٺ انهن جي لٺين کي ڳڙڪائي ويئي.
13
پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.
14
پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ فرعون جي دل سخت ٿي آهي ۽ هو انهن کي وڃڻ نٿو ڏئي.
15
هاڻي تون صبح جو سوير فرعون وٽ وڃج، ۽ ڏس، هو انهيءَ مهل درياهہ تي ويندو؛ ۽ تون کيس گڏجڻ لاءِ درياهہ جي ڪپ تي وڃي بيهہ، ۽ جيڪا لٺ بدلجي نانگ ٿي پئي هئي، سا پنهنجي هٿ ۾ کڻي وڃج.
16
۽ تون هن کي چئج تہ خداوند عبرانين جي خدا مون کي تو ڏانهن موڪليو آهي، ۽ چيو اٿس تہ منهنجيءَ اُمت کي وڃڻ ڏي تہ هو بيابان ۾ وڃي منهنجي عبادت ڪن، ۽ ڏس، هيستائين تو منهنجو چوڻ نہ مڃيو آهي.
17
پر هاڻي خداوند چوي ٿو تہ هن مان توکي خبر پوندي تہ آءٌ خداوند آهيان: ڏس، هيءَ لٺ، جا منهنجي هٿ ۾ آهي، سا آءٌ پاڻيءَ تي هڻندس تہ درياهہ جو سمورو پاڻي بدلجي رت ٿي پوندو.
18
۽ درياهہ ۾ جيڪي بہ مڇيون آهن، سي سڀ مري وينديون، ۽ درياهہ ۾ بدبوءِ ٿي پوندي؛ ۽ مصرين کي درياهہ جي پاڻي پيئڻ کان ڪراهت ايندي.
19
پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئو تہ پنهنجي لٺ کڻي، پنهنجو هٿ مصر جي پاڻين تي ڊگهير، يعني انهن جي ندين تي، انهن جي نهرن تي، انهن جي تلائن تي ۽ انهن جي سڀني حوضن تي، انهيءَ لاءِ تہ اُهي رت ٿي پون؛ پوءِ مصر جي ساري ملڪ ۾ ڪاٺ توڙي پٿر جي ٿانون ۾ رت ئي رت ٿي پوندو.
20
تڏهن موسيٰ ۽ هارون ائين ئي ڪيو، جيئن خداوند فرمايو هون؛ هن لٺ کڻي فرعون ۽ سندس نوڪرن جي روبرو درياهہ جي پاڻيءَ تي هنئي تہ درياهہ جو سڀ پاڻي بدلجي رت ٿي پيو.
21
۽ درياهہ ۾ جيڪي مڇيون هيون، سي سڀ مري ويون، ۽ درياهہ ۾ بدبوءِ ٿي پيئي، ۽ مصري درياهہ جو پاڻي پي نہ سگهيا؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ رت ئي رت ٿي پيو.
22
تڏهن مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو: ۽ فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند فرمايو هو.
23
پوءِ فرعون موٽي پنهنجي گهر هليو ويو، ۽ انهيءَ ڳالهہ جي پرواهہ نہ ڪيائين.
24
۽ سڀني مصرين درياهہ جي آس پاس، پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ کڏون کوٽيون؛ ڇالاءِ جو هو درياهہ جو پاڻي پي نہ سگهيا.
25
هاڻي خداوند درياهہ ۾ آفت آندي، تنهن کي ست ڏينهن گذري ويا.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40