bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 27
Exodus 27
Sindhi Bible
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 28 →
1
۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جي قربانگاهہ جوڙج، اها قربانگاهہ چورس هجي. انهيءَ جي ڊيگهہ پنج هٿ، ۽ ويڪر پنج هٿ هجي، ۽ اوچائي ٽي هٿ هجي.
2
۽ تون انهيءَ جي چئن ئي ڪنڊن تي سڱ ٺاهج، انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هجن: ۽ تون انهيءَ تي پتل جو پٽ چاڙهج.
3
۽ تون انهيءَ جي لاءِ رک کڻڻ جا ٿانو، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ٿالهہ، ۽ گوشت ٽنگڻ جا ڪنڍا، ۽ منگالا جوڙج، اهي سڀ ٿانو تون پتل جا جوڙج.
4
تون انهيءَ جي لاءِ هڪڙو پتل جو ڄاريدار آتشدان جوڙج، ۽ ڄاريءَ جي چئن ئي ڪنڊن ۾ پتل جا چار ڇلا جوڙج.
5
تون انهيءَ کي قربانگاهہ ۾ ڪنارن جي هيٺان اهڙيءَ طرح رکج، جو ڄاري قربانگاهہ جي اڌ تائين پهچي.
6
۽ تون قربانگاهہ جي لاءِ ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا ڏنڊا جوڙي، انهن تي پتل جو پٽ چاڙهج.
7
اهي ڏنڊا انهن ڇلن ۾ وڌا وڃن، ۽ اهي ڏنڊا قربانگاهہ جي کڻڻ وقت انهيءَ جي ٻنهي پاسن تي هجن.
8
تون اها قربانگاهہ تختن جي کوکي وانگر جوڙج؛ جهڙيءَ طرح توکي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي، تهڙيءَ طرح تون اها جوڙج.
9
۽ تون خيمي جو اڱڻ جوڙج: ڏکڻ واري پاسي ڏکڻ ڏانهن اڱڻ جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون قناتون هجن؛ انهن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هجي:
10
۽ انهن جي لاءِ ويهہ ٿنڀ هجن، جن لاءِ پتل جا ويهہ کوپا هجن؛ ۽ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن.
11
ساڳيءَ طرح اُتر واري پاسي لاءِ بہ اهڙيون قناتون هجن، انهن جي ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هجي، ۽ انهن جي لاءِ ويهہ ٿنڀ، ۽ انهن جا ويهہ پتل جا کوپا هجن، ۽ ٿنڀن جا ڪنڍا ۽ انهن جا بند چانديءَ جا هجن.
12
۽ الهندي ڏانهن، اڱڻ جي ويڪر جي لاءِ پنجاهہ هٿ ڊگهيون قناتون هجن: انهن جي لاءِ ڏهہ ٿنڀ، ۽ انهن جا ڏهہ کوپا هجن.
13
۽ اُڀرندي واري پاسي اُڀرندي ڏانهن، اڱڻ جي ويڪر پنجاهہ هٿ هجي.
14
۽ دروازي جي هڪڙي پاسي لاءِ پندرهن هٿ ڊگهيون قناتون هجن؛ انهن جي لاءِ ٽي ٿنڀ ۽ انهن جا ٽي کوپا هجن.
15
۽ ٻئي پاسي لاءِ بہ پندرهن هٿ ڊگهيون قناتون هجن، انهن جي لاءِ بہ ٽي ٿنڀ ۽ انهن جا ٽي کوپا هجن.
16
۽ اڱڻ جي دروازي لاءِ ويهہ هٿ ڊگهو هڪڙو پردو ٿيندو، جو آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جي ڪپڙي، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي، ۽ زردوزيءَ جي ڪم سان ٿيندو: انهي جي لاءِ چار ٿنڀ ۽ انهن جا چار کوپا هجن.
17
۽ اڱڻ جي ٿنڀن ۾ چوڌاري چانديءَ جا بند هجن، جن جا ڪنڍا چانديءَ جا، ۽ کوپا پتل جا هجن.
18
اڱڻ جي ڊيگهہ هڪ سو هٿ، ۽ ويڪر جتي ڪٿي پنجاهہ هٿ، ۽ اوچائي پنج هٿ هجي، ۽ اهو سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هجي، ۽ ٿنڀن جا کوپا پتل جا هجن.
19
خيمي جا سڀ ٿانو سڀني ڪمن لاءِ، انهن جون ڪليون، ۽ اڱڻ جون سڀ ڪليون، پتل جون هجن.
20
۽ تون بني اسرائيل کي حڪم ڏج، تہ روشنائي ڪرڻ لاءِ ڪٽيل زيتون جو نج تيل تو وٽ آڻين، تہ ڏيئو هميشہ ٻرندو رهي.
21
۽ جماعت واري تنبوءَ ۾، شاهديءَ واريءَ صندوق جي اڳيان جيڪو پردو ٿيندو، انهي جي ٻاهران هارون ۽ سندس پٽ سانجهيءَ کان وٺي صبح تائين خداوند جي حضور ۾ انهي جو بندوبست ڪن: اهو قاعدو بني اسرائيل جي لاءِ سندن سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ جاري رهي.
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40