bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 29
Exodus 29
Sindhi Bible
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 30 →
1
۽ منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي خدمت ڪرڻ واسطي هنن کي مخصوص ڪرڻ لاءِ تون هيئن ڪج: تون هڪڙو وهڙو ۽ ٻہ بي عيب گهٽا وٺج،
2
۽ فطيري ماني، ۽ تيل ۾ ڳوهيل فطيري ڍوڍا، ۽ تيل مکيل فطيري ٽڪيون: اهي سڀ ميدي جون جوڙج،
3
۽ اهي هڪڙيءَ ٽوڪريءَ ۾ وجهي، اها ٽوڪري انهي وهڙي، ۽ انهن گهٽن سان گڏ کڻي اچج.
4
۽ هارون ۽ سندس پٽن کي جماعت واري تنبوءَ جي در تي وٺي اچج، ۽ کين پاڻيءَ سان وهنجارج.
5
پوءِ تون ڪپڙا کڻي هارون کي پهراڻ، ۽ ايفود وارو جبو، ۽ ايفود، ۽ سينہ بند ڍڪائج، ۽ ايفود وارو ڪاريگري سان ٺهيل ڪمربند، هن جي چيلهہ سان ٻڌج؛
6
۽ تون سندس مٿي تي پڳڙي رکج، ۽ پڳڙيءَ جي مٿان اهو پاڪ ڇٽ رکج.
7
پوءِ مسح ڪرڻ جو تيل کڻي، اهو سندس مٿي تي وجهج، ۽ کيس مسح ڪج.
8
پوءِ سندس پٽن کي اڳيان آڻج، ۽ کين پهراڻ ڍڪائج.
9
۽ تون انهن کي، يعني هارون ۽ سندس پٽن کي، چيلهہ تي ڪمربند ٻڌج، ۽ ٽوپيون پهرائج؛ تہ کين هميشہ جي قانون موجب ڪهانت جو حق حاصل ٿئي: ائين تون هارون ۽ سندس پٽن کي مخصوص ڪج.
10
۽ تون اهو وهڙو جماعت واري تنبوءَ جي سامهون آڻج: ۽ هارون ۽ سندس پٽ وهڙي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.
11
پوءِ تون اهو وهڙو خداوند جي حضور ۾ جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ذبح ڪج.
12
۽ تون وهڙي جو رت کڻي پنهنجيءَ آڱر سان قربانگاهہ جي سڱن تي لائج، ۽ باقي سڀ رت قربانگاهہ جي هيٺيان هاري ڇڏج.
13
۽ جيڪا چرٻي آنڊن تي لڳل هجي، ۽ جيري تي جيڪو پردو هجي، ۽ بڪيون ۽ مٿن جيڪا چرٻي هجي؛ اهي سڀ کڻي قربانگاهہ تي ساڙج.
14
پر وهڙي جو گوشت، ۽ سندس کل ۽ ڇيڻو، تون منزلگاهہ کان ٻاهر باهہ سان ساڙي ڇڏج: اها گناهہ جي قرباني آهي.
15
پوءِ تون هڪڙي گهٽي کي ويجهو آڻج، ۽ هارون ۽ سندس پٽ انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.
16
پوءِ تون اهو گهٽو ذبح ڪري، انهي جو رت کڻي قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽارج.
17
۽ تون گهٽي کي ٽڪر ٽڪر ڪري، ان جا آنڊا ۽ پاوا ڌوئي، انهي جي ٽڪرن ۽ سسيءَ سان گڏي رکج.
18
۽ تون اهو سڄو گهٽو قربانگاهہ تي ساڙج: اها خداوند جي لاءِ سوختني قرباني آهي؛ اها خداوند جي لاءِ وڻندڙ خوشبوءِ جي قرباني آهي، ۽ باهہ سان ساڙي ويندي.
19
پوءِ تون ٻيو گهٽو آڻج؛ ۽ هارون ۽ سندس پٽ انهي گهٽي جي مٿي تي پنهنجا هٿ رکن.
20
پوءِ تون اهو گهٽو ذبح ڪري، انهي جي رت مان ڪجهہ کڻي، هارون ۽ سندس پٽن جي ساڄي ڪن جي پاپڙين تي، ۽ سندن ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي، ۽ سندن ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائج، ۽ باقي سڀ رت قربانگاهہ تي چوڌاري ڇاٽاري ڇڏج.
21
قربانگاهہ تي پيل رت مان، ۽ مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ کڻي، هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽارج. پوءِ هو پاڻ، ۽ سندس ڪپڙا، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽ، ۽ انهن جا ڪپڙا پاڪ ٿيندا.
22
۽ تون گهٽي جي چرٻي، ۽ دنب، ۽ ٻي جيڪا چرٻي آنڊن تي هجي، ۽ جيري جو پردو، ۽ ٻئي بڪيون، ۽ انهن تي جيڪا چرٻي هجي، ۽ ساڄي ران کڻج؛ (ڇالاءِ جو اهو مخصوصيت جو گهٽو آهي)،
23
۽ فطيري مانين جي ٽوڪري، جا خداوند جي حضور ۾ هوندي تنهن مان هڪڙي ماني، ۽ هڪڙو تيل ۾ ڳوهيل ڍوڍو، ۽ هڪڙي ٽڪي ڪڍج؛
24
اهي سڀ هارون ۽ سندس پٽن جي هٿن تي رکج، ۽ اهي خداوند جي حضور ۾ لوڏي، لوڏڻ جي قرباني ڪج.
25
پوءِ تون اهي سندن هٿن مان وٺي، قربانگاهہ تي سوختني قربانيءَ جي مٿان رکي ساڙج: اها هڪڙي چڱي خوشبوءِ، ۽ خداوند جي حضور ۾ باهہ سان ساڙيل قرباني آهي.
26
۽ تون هارون جي مخصوصيت واري گهٽي جو سينو ڪڍي، خداوند جي حضور ۾ لوڏڻ جي قربانيءَ لاءِ لوڏج، ۽ اهو حصو تنهنجو ٿيندو.
27
۽ تون هارون ۽ سندس پٽن جي مخصوصيت واري گهٽي جو سينو، جيڪو قربانيءَ لاءِ لوڏيو وڃي، ۽ کڻڻ واري قربانيءَ جي دستي، جيڪا مٿي کنئي وڃي، تن کي مخصوص ڪج.
28
اهي هارون ۽ سندس پٽن لاءِ، بني اسرائيل جي طرفان هميشہ جي لاءِ، سندن حق ٿيندو؛ ڇالاءِ جو اها کڻڻ واري قرباني آهي، ۽ بني اسرائيل جي طرفان سندن سلامتيءَ جي قربانين مان، خداوند جي لاءِ چاڙهيل آهي.
29
۽ هارون جا پاڪ ڪپڙا کانئس پوءِ، سندس پٽن جا ٿيندا، جن ۾ کين مسح ۽ مخصوص ڪيو وڃي.
30
جيڪو پٽ سندس جاءِ تي ڪاهن ٿيندو، سو جڏهن پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿئي، تڏهن ست ڏينهن اهي ڪپڙا پائي.
31
۽ تون مخصوصيت واري گهٽي جو گوشت، ڪنهن پاڪ جاءِ ۾ پچائج؛
32
۽ هارون ۽ سندس پٽ، انهي گهٽي جو گوشت، ۽ ٽوڪريءَ ۾ جيڪا ماني هجي، سا جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ ويهي کائين.
33
۽ جن شين سان ڪفارو ڪيو وڃي سي هو کائين، انهي لاءِ تہ مخصوص ۽ پاڪ ٿين. پر ڪو ڌاريو ماڻهو انهن مان نہ کائي، ڇالاءِ جو اهي پاڪ آهن.
34
۽ جيڪڏهن انهي مخصوصيت جي گوشت يا انهيءَ مانيءَ مان ڪي صبح تائين بچي پوي، تہ جيڪي بچي، سو تون باهہ سان ساڙي ڇڏج؛ اهو کائڻ ۾ نہ اچي، ڇالاءِ جو اهو پاڪ آهي.
35
۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي، تيئن تون هارون ۽ سندس پٽن سان ڪج. ستن ڏينهن تائين تون انهن کي مخصوص ڪج.
36
۽ تون هر روز گناهہ جي قرباني لاءِ هڪڙو وهڙو، ڪفاري طور قربان ڪج: ۽ جڏهن تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪرين، تڏهن تون انهيءَ کي صاف ڪج ۽ مٿس تيل اوتي، انهيءَ کي پاڪ ڪج.
37
ستن ڏينهن تائين تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪج، ۽ انهيءَ کي پاڪ ڪج، تہ قربانگاهہ تمام پاڪ ٿيندي؛ ۽ جيڪا شيءِ قربانگاهہ کي لڳندي سا پاڪ ٿيندي.
38
هاڻي جيڪا قرباني تون قربانگاهہ تي چاڙهيندين سا هيءَ آهي: هر روز ٻہ يڪسالا گهيٽا هميشہ چاڙهيندو رهج.
39
هڪڙو گهٽو صبح جو، ۽ ٻيو گهٽو سانجهيءَ جو قربان ڪج.
40
۽ پهرين گهٽي سان گڏ هي شيون بہ هجن، يعني ميدي جي هڪڙي ايفہ جو ڏهون حصو جو جهاڳوڙيل تيل جي هڪڙي هين جي چوٿين پتيءَ ۾ ڳوهيل هجي، ۽ مئي جي هڪڙي هين جو چوٿون حصو، پيئڻ جي قربانيءَ لاءِ هجي.
41
۽ ٻيو گهٽو تون سانجهيءَ جو قربان ڪج، ۽ انهي سان گڏ بہ صبح وانگر کائڻ ۽ پيئڻ جي قرباني ڪج، انهي لاءِ تہ چڱي خوشبوءِ، ۽ خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قرباني ٿئي.
42
اها اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ سوختني قرباني ٿيندي، جا خداوند جي حضور ۾، جماعت واري تنبوءَ جي در وٽ چاڙهي ويندي. اُتي آءٌ اوهان سان گڏبس، ۽ توسان ڳالهائيندس.
43
۽ اتي آءٌ بني اسرائيل سان ملاقات ڪندس، ۽ تنبو منهنجي جلال جي ڪري پاڪ ٿي ويندو.
44
آءٌ جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ کي پاڪ ڪندس، ۽ آءٌ هارون ۽ سندس پٽن کي بہ پاڪ ڪندس، تہ منهنجي خدمت ڪرڻ لاءِ ڪاهن ٿين.
45
آءٌ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس، ۽ انهن جو خدا ٿيندس:
46
۽ اهي ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند سندن خدا آهيان، جنهن کين مصر جي ملڪ مان ڪڍي ٻاهر آندو، تہ آءٌ سندن وچ ۾ رهان؛ آءٌ خداوند انهن جو خدا آهيان.
← Chapter 28
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 30 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40