bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 25
Exodus 25
Sindhi Bible
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 26 →
1
۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
بني اسرائيل کي چئُہ تہ منهنجي لاءِ نذرانو آڻين، جيڪو ماڻهو پنهنجيءَ دل جي خوشيءَ سان جيڪو نذرانو آڻي، سو اوهين هن کان وٺو.
3
جيڪي شيون اوهين هنن کان نذراني طور وٺندا، سي هي آهن: سون، چاندي ۽ پتل؛
4
آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جو ڪپڙو، سڻي ۽ ڏاس؛
5
گهيٽن جون ڳاڙهيون رڱيل کلون، ۽ مل ار مڇيءَ جون کلون ۽ ٻٻر جون ڪاٺيون؛
6
ڏيئن لاءِ تيل، مسح ڪرڻ جي لاءِ تيل ۽ لوبان لاءِ مصالحہ؛
7
۽ ايفود ۽ سينہ بند ۾ جڙڻ لاءِ سليماني پهڻ.
8
۽ هو پنهنجي لاءِ هڪڙو پاڪ مڪان جوڙين، تہ آءٌ سندن وچ ۾ رهان.
9
انهي خيمي جو نمونو ۽ انهي جي ٻئي سامان جو نمونو، جيئن آءٌ توکي ڏيکاريان، تيئن ئي اوهين جوڙيو.
10
هو ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي صندوق جوڙين، جنهن جي ڊيگهہ اڍائي هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ ۽ اوچائي بہ ڏيڍ هٿ هجي.
11
۽ تون انهيءَ تي اندران ۽ ٻاهران نج سون جو پٽ چاڙهج، ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙج.
12
۽ تون انهيءَ جي لاءِ سون جا چار ڪڙا، پلٽي ٺاهي، انهيءَ جي چئن ئي پاون ۾، ٻہ هڪڙي پاسي ۽ ٻہ ٻئي پاسي وجهج.
13
۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جا ٻہ ڏنڊا ٺاهي، انهن تي سون جو پٽ چاڙهج.
14
۽ اهي ڏنڊا انهيءَ صندوق جي کڻڻ لاءِ، صندوق جي پاسن تي انهن ڪڙن ۾ وجهج.
15
اهي ڏنڊا صندوق جي ڪڙن ۾ پيا ئي هجن ۽ انهن مان اصل ڪڍيا نہ وڃن.
16
۽ جيڪو عهدنامو آءٌ توکي ڏيان، سو تون انهيءَ صندوق ۾ رکج.
17
۽ تون نج سون مان رحمت جو پوش جوڙج: انهي جي ڊيگهہ اڍائي هٿ ۽ ويڪر ڏيڍ هٿ هجي.
18
۽ تون سون جا ٻہ ڪروبي جوڙج، اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا جوڙج.
19
۽ تون هڪڙو ڪروبي هڪڙي ڇيڙي تي ۽ ٻيو ڪروبي ٻئي ڇيڙي تي جوڙج. ٻنهي ڇيڙن تي اهي ڪروبي، انهي ساڳئي ٽڪر مان، رحمت جي پوش سان گڏيل جوڙج.
20
انهن ڪروبين جا پر رحمت جي پوش جي مٿان پکڙيل هجن، جيئن ڪ اهو ڍڪجي وڃي، ۽ ڪروبين جا منهن هڪ ٻئي جي سامهون، رحمت جي پوش ڏانهن هجن.
21
۽ تون اُهو رحمت جو پوش صندوق جي مٿان رکج، ۽ جيڪو عهدنامو آءٌ توکي ڏيان، سو انهيءَ صندوق ۾ رکج.
22
۽ اتي يعني رحمت جي پوش جي مٿان، شاهديءَ جي صندوق تي جيڪي ٻہ ڪروبي هوندا، تن جي وچ ۾ آءٌ توکي گڏبس، ۽ جن ڳالهين بابت بني اسرائيل جي لاءِ توکي حڪم ڏيڻا هوندم، تن بابت تو سان گفتگو ڪندس.
23
۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ جي هڪڙي ميز جوڙج: انهيءَ جي ڊيگهہ ٻہ هٿ، ويڪر هڪ هٿ، ۽ اوچائي ڏيڍ هٿ هجي.
24
انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهج، ۽ انهيءَ جي مٿان بہ چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙج.
25
۽ انهيءَ جي آس پاس چار آڱر ويڪري ڪناري جوڙج، ۽ انهيءَ ڪناريءَ جي چوڌاري بہ سون جو ڇٽ جوڙج.
26
۽ انهي جي لاءِ سون جا چار ڪڙا ٺاهي، انهيءَ جي چئن پاون جي چئن ئي ڪنڊن ۾ وجهج.
27
اهي ڪڙا ڪناري جي ويجهو هجن، تہ ميز کي کڻڻ جي لاءِ ڏنڊن وجهڻ جي جاءِ رهي.
28
۽ تون ٻٻر جي ڪاٺ مان ڏنڊا ٺاهي، انهن تي سون جو پٽ چاڙهج تہ انهن سان اها ميز کڻن.
29
۽ تون انهيءَ تي رکڻ لاءِ رڪابيون، چمچا ۽ اوتڻ لاءِ پيالا جوڙج؛ ۽ اهي نج سون جا جوڙج.
30
۽ تون انهيءَ ميز تي هميشہ منهنجي حضور ۾ نذراني جي ماني رکندو رهج.
31
۽ تون نج سون جو هڪڙو شمعدان جوڙج، اهو شمعدان گهڙيل سون جو هجي؛ انهي جو ترو، ۽ ٿُڙ، ۽ ڏياٽيون ۽ بونبا ۽ گل، اهي سڀ هڪڙي ئي ٽڪر مان گهڙيل هجن.
32
۽ انهي جي پاسن کان ڇهہ شاخون ٻاهر نڪتل هجن، يعني شمعدان جون ٽي شاخون هڪڙي پاسي کان ٻاهر نڪتل هجن، ۽ ٽي شاخون ٻئي پاسي کان.
33
۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي ۽ هڪڙي گل سميت، هڪڙيءَ شاخ ۾ هجن؛ ۽ ٽي ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، هڪڙي بونبي ۽ هڪڙي گل سميت، ٻيءَ شاخ ۾ هجن: اهڙي طرح شمعدان جي ڇهن ئي ٻاهر نڪتل شاخن ۾ هجن.
34
۽ خود شمعدان ۾ چار ڏياٽيون باداميءَ جي گلن جهڙيون، بونبن ۽ گلن سميت هجن.
35
۽ ٻن شاخن جي هيٺان هڪڙو بونبو انهيءَ ساڳئي ٽڪر مان ٺهيل هجي؛ ۽ ٻين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان ٺهيل هجي؛ ۽ ٽين ٻن شاخن جي هيٺان بہ هڪڙو بونبو انهي ساڳئي ٽڪر مان ٺهيل هجي. اهڙيءَ طرح شمعدان مان نڪتل، ڇهن ئي شاخن لاءِ هجي.
36
يعني شمعدان، ۽ انهي جون شاخون، ۽ انهن جا بونبا ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان ٺهيل هجن: اهي سڀيئي نج سون جي هڪڙي ئي ٽڪر مان گهڙيل هجن.
37
۽ تون انهن جي لاءِ ست ڏيئا جوڙج، ۽ اهي ڏيئا اهڙيءَ طرح هجن جو انهي جي سامهون سوجهرو ڪن.
38
۽ انهن جي ڦلن لاهڻ جا چمچا ۽ رڪابيون نج سون جون هجن.
39
۽ اهو، ۽ انهي جا ٿانو، سون جي هڪ قنطار وزن مان جوڙيا وڃن.
40
۽ ڏسج تہ جيڪي نمونا هن جبل تي توکي ڏيکاريا ويا آهن تن جهڙا تون اهي جوڙين.
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40