bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 30
Exodus 30
Sindhi Bible
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 31 →
1
۽ تون لوبان ساڙڻ جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙج؛ تون اها ٻٻر جي ڪاٺ جي جوڙج.
2
انهيءَ جي ڊيگهہ هڪڙو هٿ هجي، ۽ ويڪر بہ هڪڙو هٿ هجي، ۽ اها چورس هجي: ۽ انهيءَ جي اوچائي ٻہ هٿ هجي: انهيءَ جا سڱ انهي ساڳئي هڪڙي ئي ٽڪر مان جڙيل هجن.
3
۽ تون انهيءَ تي نج سون جو پٽ چاڙهج، جو انهيءَ جي مٿان، ۽ چئن ئي پاسن تي، ۽ سڱن تي هجي؛ ۽ انهيءَ جي مٿان چوڌاري سون جو ڇٽ جوڙج.
4
۽ تون انهيءَ جي لاءِ ڇٽ جي هيٺان، سندس ٻن پٽين تي ٻہ سونا ڇلا جوڙج، جي سندس ٻنهي پاسن تي هجن، ۽ انهيءَ کي کڻڻ جي لاءِ ڏنڊيون وجهڻ جون جايون ٿينديون.
5
۽ تون اهي ڏنڊا ٻٻر جي ڪاٺيءَ جا جوڙج؛ ۽ انهن جي مٿان بہ سون جو پٽ چاڙهج.
6
۽ تون اها، انهي پردي جي اڳيان رکج جيڪو شاهديءَ جي صندوق وٽ آهي، يعني اها، رحمت جي پوش جي سامهون رهي، جيڪو شاهديءَ جي صندوق جي مٿان آهي؛ ۽ اتي آءٌ توکي گڏبس.
7
۽ هر روز صبح جو هارون اتي خوشبودار مصالحن جو لوبان ساڙي؛ جڏهن هو ڏيئا ٺاهي، تڏهن اهو ساڙي.
8
۽ سانجهيءَ جو بہ جڏهن هارون ڏيئا ٺاهي، تڏهن اهو ساڙي، ۽ خداوند جي حضور ۾ اهو لوبان اوهانجين سڀني پيڙهين ۾ جاري رهندو.
9
اوهين انهي تي ٻئي ڪنهن بہ قسم جو لوبان نہ ساڙجو، ۽ نڪي مٿس، پيئڻ واري قرباني اوتجو.
10
۽ هارون سال ۾ هڪ ڀيرو انهيءَ جي سڱن تي ڪفارو ڪري؛ ۽ اوهانجين سڀني پيڙهين تائين، سال ۾ هڪڙو ڀيرو گناهہ جي قربانيءَ واري ڪفاري جي رت سان، ڪفارو ڪيو وڃي؛ اهو خداوند جي لاءِ تمام پاڪ آهي.
11
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
12
جڏهن تون بني اسرائيل جو تعداد ڄاڻڻ لاءِ سندن شمار ڪرين، تڏهن انهن مان هرڪو ماڻهو شمار وقت، خداوند جي لاءِ پنهنجي ساهہ جو صدقو ڏئي؛ تہ جڏهن تون سندن شمار ڪرين تڏهن منجهن ڪا وبا نہ پوي.
13
اهي هن ريت صدقو ڏين: جيڪو ماڻهو شمار ٿيندڙن ۾ شامل ٿئي، سو عبادتگاهہ جي مشقال جهڙو اڌ مشقال ڏئي، (هڪڙو مشقال ويهن جيراهن جي برابر آهي): يعني هو اڌ مشقال خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي.
14
جيڪو ماڻهو شمار ٿيندڙن ۾ شامل ٿئي، ۽ انهي جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي هجي، سو خداوند جي لاءِ نذرانو ڏئي.
15
جڏهن هو پنهنجي ساهہ جي ڪفاري لاءِ خداوند جو نذرانو ڏين: تڏهن جيڪو شاهوڪار هجي، سو اڌ مشقال کان وڌيڪ نہ ڏئي، ۽ جيڪو غريب هجي، سو انهي کان گهٽ نہ ڏئي.
16
۽ تون بني اسرائيل کان ڪفاري جا پئسا وٺي، اهي جماعت واري تنبوءَ جي خدمت لاءِ مقرر ڪج؛ انهي لاءِ تہ اوهانجن ساهن جي ڪفاري لاءِ خداوند جي حضور ۾ بني اسرائيل جي واسطي يادگيريءَ جي نشاني هجي.
17
وري خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ
18
تون ڌوئڻ جي ڪم لاءِ هڪڙو پتل جو حوض، ۽ انهي جي لاءِ پتل جي صندلي جوڙج. اهو جماعت واري تنبوءَ ۽ قربانگاهہ جي وچ ۾ رکج، ۽ انهي ۾ پاڻي ڀري ڇڏج،
19
۽ هارون ۽ سندس پٽ انهي ۾ پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن.
20
جڏهن هو جماعت واري تنبوءَ ۾ وڃن، تڏهن پاڻيءَ سان پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن، تہ مري نہ پون: ۽ جڏهن هو قربانگاهہ تي خداوند جي خدمت ڪرڻ ۽ سوختني قرباني چاڙهڻ وڃن، تڏهن بہ ائين ڪن.
21
انهيءَ طرح هو پنهنجا هٿ ۽ پير ڌوئن، تہ مري نہ پون. اهو هنن جي لاءِ، يعني هن جي ۽ سندس اولاد جي لاءِ، سڀني پيڙهين ۾ هميشہ جي واسطي قانون ٿيندو.
22
انهي کان سواءِ خداوند موسيٰ کي هيئن بہ فرمايو تہ
23
تون پنهنجي لاءِ خاص خوشبودار مصالحہ کڻ، يعني پنج سؤ مشقال خالص مر، ۽ انهيءَ جي اڌ جيتري يعني اڍائي سؤ مشقال خوشبودار دال چيني، ۽ اڍائي سؤ مشقال خوشبودار اگر،
24
۽ پنج سو مشقال املداس، (اهي سڀ عبادتگاهہ جي مشقال جهڙا هجن) ۽ هڪڙو هين زيتون جو تيل؛
25
انهن سان تون مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل چڱيءَ طرح گڏي، اهڙو خوشبودار جوڙج، جهڙو ڪاريگر عطار جوڙيندا آهن؛ اهو مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ٿيندو.
26
۽ تون انهيءَ سان جماعت واري تنبو، ۽ شاهديءَ جي صندوق کي مسح ڪج،
27
۽ ميز ۽ انهيءَ جي ٿانون کي، ۽ شمعدان ۽ انهي جي سڀني ٿانون کي، ۽ لوبان واريءَ قربانگاهہ کي،
28
۽ سوختني قربانيءَ واري قربانگاهہ ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي، ۽ حوض ۽ انهيءَ جي صندليءَ کي بہ مسح ڪج؛
29
۽ تون انهن کي پاڪ ڪج، تہ اهي تمام پاڪ ٿين؛ ۽ جيڪو انهن کي ڇهندو سو پاڪ ٿيندو.
30
۽ تون هارون ۽ سندس پٽن کي مسح ڪري پاڪ ڪج، تہ هو منهنجي لاءِ ڪهانت جي خدمت ڪن.
31
۽ تون بني اسرائيل کي چئج تہ اهو سڀني پيڙهين ۾ مسح ڪرڻ جو پاڪ تيل ٿيندو.
32
اهو ڪنهن بہ ماڻهوءَ جي بدن تي نہ اوتيو وڃي، نڪي اوهين انهي جي بناوٽ موجب، اهڙو ڪو ٻيو تيل جوڙجو؛ اهو پاڪ آهي، ۽ اوهان جي ليکي پاڪ سمجهيو وڃي.
33
جيڪو انهي جهڙو ڪو ٻيو جوڙيندو، يا جيڪو انهي مان ڪي ڌارئي ماڻهوءَ تي اوتيندو، سو پنهنجيءَ قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.
34
وري خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون پنهنجي لاءِ هي خوشبودار مصالحہ کڻ، يعني مر، ۽ مصطکي، ۽ لاون، اهي خوشبودار مصالحہ خالص لوبان سان گڏ کڻ، (اهي سڀيئي وزن ۾ هڪ جيترا هجن)،
35
۽ تون انهن مان اهڙو خوشبودار لوبان جوڙج، جهڙو ڪاريگر عطار جوڙيندا آهن، ۽ تون انهي کي لوڻ جي پٺ ڏيئي صاف ۽ پاڪ ڪج؛
36
۽ تون انهي مان ڪجهہ ڪُٽي تمام سنهو ڪج، انهي جو ڪجهہ حصو جماعت واري تنبوءَ ۾ شاهديءَ واري صندوق جي سامهون رکج، ۽ اتي آءٌ توکي گڏبس؛ اهو اوهان جي لاءِ تمام پاڪ ٿيندو.
37
۽ جيڪو لوبان تون انهيءَ طرح جوڙين، انهي جهڙو ٻيو اوهين پنهنجي لاءِ نہ جوڙجو؛ اهو اوهان جي ليکي خداوند جي لاءِ پاڪ سمجهيو وڃي.
38
جيڪو انهي جهڙو ٻيو جوڙيندو ۽ سنگهندو، سو پنهنجيءَ قوم مان تباهہ ڪيو ويندو.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40