bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 39
Exodus 39
Sindhi Bible
← Chapter 38
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 40 →
1
پوءِ هنن آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا، ۽ عمدي ڪم وارا ڪپڙا، پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ جوڙيا؛ ۽ هارون لاءِ بہ پاڪ پوشاڪ جوڙيائون؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
2
۽ هن سون ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان ايفود جوڙيو.
3
۽ هنن سون کي ڪُٽي سنها پترا ڪري، انهن کي وڍي، منجهانئن سنهيون تارون جوڙيون، انهي لاءِ تہ اهي آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۾ ڏاڍيءَ ڪاريگريءَ سان اُڻن.
4
۽ هنن انهي کي ڳنڍڻ لاءِ پٽيون بہ جوڙيون، جي انهي جي ٻنهي ڇيڙن سان ڳنڍيل هيون.
5
۽ انهي جي مٿان ٻڌڻ لاءِ ڪاريگريءَ سان اُڻيل ڪمربند هو، جو چوگرد ڦري ٿي آيو؛ اهو ساڳئي ٽڪر مان هو، ۽ مٿس انهي جهڙو ڪم ٿيل هو، يعني اهو، سون ۽ آسماني، واڱڻائي، ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
6
۽ هنن سليماني پهڻ گهڙي، سون جي خانن ۾ جڙيا؛ ۽ انهن تي اسرائيل جي پٽن جا نالا سلسلي وار اُڪريل هئا، جيئن منڊي اُڪربي آهي.
7
۽ هن اهي ايفود جي ڪلهن وارين پٽين تي هنيا، تہ بني اسرائيل جي لاءِ يادگيريءَ جا پهڻ ٿين: جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
8
۽ هن سون، ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جو هڪڙو سينہ بند جوڙيو، جنهن تي ايفود جهڙو ڪاريگريءَ جو ڪم ٿيل هو.
9
هنن اهو سينہ بند چورس، ۽ ٻٽو جوڙيو: انهي جي ڊيگهہ هڪڙي گرانٺ، ۽ ويڪر بہ هڪڙي گرانٺ هئي.
10
۽ هنن انهي ۾ قيمتي جواهرن جون چار قطارون جڙيون: پهرين قطار لعل، پکراج ۽ شب چراغ جي هئي؛
11
ٻي قطار زمرد، نيلم، ۽ هيري جي هئي؛
12
ٽين قطار سنبلي، عقيق، ۽ ياقوت جي هئي؛
13
چوٿين قطار فيروزي، سليماني پهڻ، ۽ زبرجد جي هئي؛ اهي سون جي خانن ۾ جڙيل هئا.
14
اهي جواهر اسرائيل جي پٽن جي نالن موافق، سندن نالن جي شمار موجب ٻارهن هئا؛ اهي ٻارهن قبيلن لاءِ هئا، يعني جيئن منڊي اُڪربي آهي، تيئن هرهڪ تي هڪڙي قبيلي جو نالو اُڪريل هو.
15
۽ هنن سينہ بند تي رسين جهڙيون نج سون جي ڪڙين سان ڳنڍيل زنجيرون جوڙيون؛
16
۽ هنن ٻہ سون جا خانا، ۽ ٻہ سون جا ڇلا جوڙيا، ۽ اهي ٻہ ڇلا سينہ بند جي ٻنهي ڇيڙن تي وڌائون؛
17
۽ هنن اهي ٻہ سونيون ڪڙيدار زنجيرون، سينہ بند جي ٻنهي ڇيڙن تي، انهن ٻن ڇلن ۾ وڌيون.
18
۽ هنن ڪڙيدار زنجيرن جا ٻيا ٻہ ڇيڙا ٻن خانن ۾ وڌا، ۽ اهي ايفود جي ڪلهن وارين پٽين تي، انهي جي اڳ واري پاسي رکيائون.
19
۽ هنن سون جا ٻيا ٻہ ڇلا جوڙي، سينہ بند جو ڪنارو، جيڪو ايفود جي اندرئين پاسي ڏانهن هو، تنهن جي ٻنهي ڇيڙن ۾ وڌا.
20
۽ هنن سون جا ٻيا ٻہ ڇلا جوڙي، ايفود جي ٻنهي ڪلهن وارين پٽين تي، انهي جي اڳ واري هيٺئين پاسي، انهي جي سنڌ جي ويجهو، ايفود جي ڪاريگريءَ سان جڙيل ڪمربند تي وڌا.
21
۽ هنن سينہ بند جا ڇلا، ۽ ايفود جا ڇلا، هڪڙيءَ آسماني ڦيٿ سان ٻڌي ڇڏيا، تہ اهو ايفود جي ڪاريگريءَ سان جڙيل ڪمربند تي رهي، ۽ سينہ بند ايفود تان هٽي نہ وڃي؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
22
۽ هن ايفود وارو سڄو جبو آسماني رنگ جو جوڙيو؛
23
۽ انهي جي وچ ۾ زرهہ جي گريبان وانگر هڪڙو سوراخ ڪيائين، ۽ انهي سوراخ جي چوڌاري هڪڙي پٽي هنيائين، انهي لاءِ تہ اهو ڦاٽي نہ پوي.
24
۽ هنن انهي جبي جي دامن تي چوڌاري آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ وٽيل سڻيءَ جا ڏاڙهون جوڙيا.
25
۽ هنن نج سون جون گهنڊڻيون جوڙي، جبي جي دامن جي چوڌاري، انهن ڏاڙهن جي وچ ۾ ٻڌيون.
26
انهي طرح جبي جي دامن تي چوڌاري هڪڙي گهنڊڻي ۽ هڪڙو ڏاڙهون ٿي ويو؛ انهي لاءِ تہ هارون اهو پائي عبادت ڪري؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
27
۽ هنن هارون ۽ سندس پٽن جي لاءِ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون پوشاڪون جوڙيون،
28
۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جي پڳڙي، ۽ سنهي سڻيءَ جي ڪپڙي جون ٽوپيون، ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي جون سٿڻون جوڙيائون.
29
۽ هنن سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ، ۽ زردوزيءَ جي ڪم جو هڪڙو ڪمربند جوڙيو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
30
۽ هنن نج سون مان پاڪ ڇٽ جي تختي جوڙي؛ ۽ جيئن منڊي اُڪربي آهي تيئن انهيءَ تي هي اکر اُڪريائون ”خداوند جي لاءِ پاڪ“
31
۽ هنن انهي کي هڪڙي آسمانيءَ ڦيٿ سان پڳڙيءَ تي ٻڌي ڇڏيو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
32
انهيءَ طرح جماعت واري تنبوءَ جي خيمي جو سڀ ڪم پورو ٿيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سڀ ڪجهہ ڪيو.
33
۽ هنن اهو عبادت جو خيمو موسيٰ وٽ آندو يعني تنبو، ۽ انهي جو سڀ سامان، انهي جا بند، انهي جا ٺاٺ، انهي جا گز، انهي جا ٿنڀ، ۽ انهي جا کوپا؛
34
۽ گهيٽن جي ڳاڙهين رڱيل کلن جو ڍڪ، ۽ مل ار مڇيءَ جي کلن جو ڍڪ، ۽ پردي جو ڍڪ؛
35
شاهديءَ جي صندوق ۽ انهيءَ جا ڏنڊا، ۽ رحمت جو پوش؛
36
ميز ۽ انهيءَ جا سڀ ٿانو، ۽ نذر جي ماني؛
37
پاڪ شمعدان ۽ انهي جا ڏيئا، يعني جيڪي ڏيئا انهي تي رکڻا هئا، ۽ انهي جا سڀ ٿانو، ۽ ٻارڻ جو تيل؛
38
سوني قربانگاهہ، ۽ مسح ڪرڻ جو تيل؛ خوشبودار لوبان؛ ۽ تنبوءَ جي در جي لاءِ پردو؛
39
پتل جي قربانگاهہ ۽ انهيءَ جو پيتلي آتشدان، انهيءَ جا ڏنڊا، ۽ انهيءَ جا سڀ ٿانو؛ حوض ۽ انهي جي صندلي؛
40
اڱڻ جا پردا، انهن جا ٿنڀ، ۽ انهن جا کوپا؛ اڱڻ جي دروازي لاءِ پردو، ۽ انهي جا رسا، ۽ انهي جون ڪليون، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي خيمي ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ سڀ سامان؛
41
پاڪ مڪان ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ عمدي ڪم وارا ڪپڙا؛ هارون ڪاهن جي پاڪ پوشاڪ، ۽ سندس پٽن جون پوشاڪون، جن ۾ هو ڪهانت جي خدمت ڪن.
42
مطلب تہ جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن بني اسرائيل سمورو ڪم ڪيو.
43
۽ موسيٰ انهي سڀ ڪم تي نگاهہ ڪئي ۽ ڏٺائين تہ هنن اهو برابر ڪيو آهي؛ جيئن خداوند کيس فرمايو هو، تيئن ئي هنن ڪيو هو: تڏهن موسيٰ انهن کي برڪت ڏني.
← Chapter 38
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 40 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40