bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 10
Exodus 10
Sindhi Bible
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 11 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون فرعون وٽ وڃ؛ ڇالاءِ جو مون هن جي دل کي، ۽ سندس نوڪرن جي دلين کي سخت ڪيو آهي؛ انهيءَ لاءِ تہ آءٌ هنن جي وچ ۾ پنهنجا اهي معجزا ڏيکاريان؛
2
تہ تون پنهنجي پٽ ۽ پوٽي کي ٻڌاءِ تہ مون مصر ۾ ڪهڙا ڪم ڪيا آهن، ۽ اُتي جي ماڻهن کي ڪهڙيون نشانيون ڏيکاريون اٿم: انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي خبر پوي تہ آءٌ خداوند آهيان.
3
پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.
4
پر جيڪڏهن تون منهنجي اُمت کي وڃڻ نہ ڏيندين، تہ ڏس، سڀاڻي آءٌ تنهنجي ملڪ ۾ مڪڙ موڪليندس،
5
۽ اهي زمين جي سطح اهڙي ڀري ڇڏيندا، جو ڪوبہ ماڻهو زمين ڏسي ڪين سگهندو؛ ۽ ڳڙن جي آفت کان جيڪي باقي بچيو آهي، سو اهي کائي ويندا، ۽ جيڪي بہ وڻ جهنگ ۾ اوهان جي لاءِ اُڀرن ٿا، سي سڀ کائي چٽ ڪري ڇڏيندا:
6
۽ تنهنجا گهر، ۽ تنهنجن سڀني نوڪرن جا گهر، ۽ سڀني مصرين جا گهر، انهن سان ڀرجي ويندا؛ اهڙا جو اوهان جي ابن ڏاڏن مان ڪنهن بہ انهن جي پيدا ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين نہ ڏٺا هوندا. پوءِ هو ڦري فرعون وٽان هليو ويو.
7
تڏهن فرعون جي نوڪرن کيس چيو تہ ڪيستائين اسين هن شخص جي ڦندي ۾ پيا ڦاسنداسين؟ انهن ماڻهن کي کڻي ڇڏ تہ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪن؛ توکي اڃا اها خبر ڪانهي ڇا، تہ مصر برباد ٿي ويو آهي؟
8
تنهن تي موسيٰ ۽ هارون کي وري فرعون وٽ وٺي آيا؛ ۽ هن کين چيو تہ وڃو، وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو، پر ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ويندا؟
9
تڏهن موسيٰ چيو تہ اسين پنهنجن ننڍن ۽ وڏن سوڌا، پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن سوڌا، پنهنجن ڍورن ۽ ڌڻن سوڌا وينداسين، ڇالاءِ جو اسين ضرور خداوند جي لاءِ عيد ڪنداسين.
10
تڏهن هن کين چيو تہ خداوند اوهان سان هجي، جيڪڏهن آءٌ اوهانجن ٻارن ٻچن سوڌو اوهان کي وڃڻ ڏيان تہ ڏسو، اوهان جي نيت خراب آهي:
11
سو ائين نہ ٿيندو: هاڻي اوهين جي مرد ماڻهو آهيو، سي ڀلي وڃي خداوند جي عبادت ڪريو، ڇالاءِ جو اوهان جي بہ اها ئي مرضي آهي. پوءِ هنن کي فرعون جي حضور مان ڌڪي ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.
12
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ مصر جي ملڪ تي ڊگهير، تہ مصر جي ملڪ تي مڪڙ اچن، ۽ زمين تي جيڪو وڻ ٻوٽو ڳڙن کان بچيو آهي سو کائي وڃن.
13
تڏهن موسيٰ پنهنجي لٺ مصر جي ملڪ جي مٿان ڊگهيري، ۽ اهو سارو ڏينهن ۽ ساري رات اڀرندي جو واءُ لڳو؛ ۽ جڏهن صبح ٿيو تڏهن انهيءَ اڀرندي جي واءُ ۾ مڪڙ آيا.
14
۽ مڪڙ ساري مصر جي ملڪ ۾ پکڙجي ويا، ۽ مڪڙ مصر جي سڀني پاسن ۾ ويهي ويا، ۽ اهي ايترا بيشمار هئا جو انهن جهڙا مڪڙ نڪي انهيءَ کان اڳي ڪڏهن آيا، نڪي پوءِ ايندا.
15
ڇالاءِ جو انهن زمين جي سطح کي ڀري ڇڏيو، جنهنڪري زمين ڪاري ٿي ويئي، ۽ انهن زمين جا سڀ وڻ، ٻوٽا، ۽ وڻ جو ميوو، جو ڳڙن کان بچيو هو، سو کائي ڇڏيو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ ڪوبہ سائو وڻ يا ٻوٽو ڪونہ رهيو.
16
تڏهن فرعون جلدي موسيٰ ۽ هارون کي گهرايو، ۽ کين چيائين تہ آءٌ خداوند اوهان جي خدا جو، ۽ اوهان جو گنهگار آهيان.
17
تنهنڪري هاڻي آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ رڳو هن ڀيري منهنجو گناهہ معاف ڪريو، ۽ خداوند پنهنجي خدا کان دعا گهرو تہ هي موت مون کان هٽائي.
18
تڏهن موسيٰ فرعون وٽان نڪري آيو، ۽ خداوند کان دعا گهريائين.
19
۽ خداوند الهندي جو واءُ آندو، جنهن مڪڙن کي ڌڪي کڻي ڳاڙهي سمنڊ ۾ وڌو، ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ هڪڙو مڪڙ بہ ڪونہ رهيو.
20
پر خداوند فرعون جي دل کي سخت ڪيو ۽ هن بني اسرائيل کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏني.
21
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻ تہ مصر جي ملڪ تي اوندهہ ٿئي، اهڙي اوندهہ جو ماڻهو هٿوراڙيون هڻن.
22
۽ موسيٰ پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کنيو، ۽ مصر جي ملڪ ۾ برابر ٽي ڏينهن گهاٽي اوندهہ ٿي ويئي.
23
ٽن ڏينهن تائين ماڻهن هڪ ٻئي کي نٿي ڏٺو، نڪي منجهائن ڪوبہ پنهنجيءَ جاءِ تان اُٿيو: پر سڀني اسرائيل جي گهرن ۾ سوجهرو هو.
24
تڏهن فرعون موسيٰ کي گهرائي چيو تہ اوهين وڃو، وڃي پنهنجي خداوند جي عبادت ڪريو، رڳو پنهنجا ڍور ۽ ڌڻ ڇڏي وڃو. اوهان جا ٻار ٻچا بہ ڀلي اوهان سان وڃن.
25
پر موسيٰ چيس تہ توکي گهرجي تہ تون قربانيون ۽ سوختنيون اسان جي حوالي ڪرين، تہ اهي اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.
26
اسان جو چوپايو مال بہ ضرور اسان سان هلندو؛ هڪڙو کر بہ پٺتي نہ رهندو؛ ڇالاءِ جو انهن مان اسين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۾ ڪم آڻينداسين؛ ۽ جيسين اسين اتي نہ وڃون، تيسين خبر ڪانہ اٿئون تہ ڪهڙا خداوند جي عبادت جي ڪم ايندا.
27
پر خداوند فرعون جي دل سخت ڪئي ۽ هن هنن کي وڃڻ نہ ڏنو.
28
پوءِ فرعون هن کي چيو تہ مون وٽان نڪري وڃ؛ خبردار متان وري منهنجو منهن ڏسين، ڇالاءِ تہ جنهن ڏينهن تون منهنجو منهن ڏسندين، تنهن ڏينهن ماريو ويندين.
29
تڏهن هن چيو تہ تو چڱي ڳالهہ ڪئي آهي، آءٌ وري تنهنجو منهن ڪين ڏسندس.
← Chapter 9
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 11 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40