bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 13
Exodus 13
Sindhi Bible
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 14 →
1
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ
2
بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا ٻار، جي پهرين پيٽ مان نڪرن، سي منهنجي لاءِ مخصوص ڪر، ماڻهن جا پهريتا ٻار توڙي جانورن جا پهريتا ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.
3
پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ اهو ڏينهن ياد رکو، جنهن ۾ اوهين مصر کان ٻاهر آيا، ۽ غلاميءَ جي گهر مان نڪتا؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ ٻانهن جي زور سان اوهان کي انهيءَ هنڌان ڪڍي آيو؛ تنهن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.
4
اوهين ابيب مهيني ۾ اڄوڪي ڏينهن ٻاهر نڪتا آهيو.
5
۽ جڏهن خداوند اوهان کي ڪنعانين، حتين، امورين، حوين ۽ يبوسين جي ملڪ ۾ آڻي، جنهن بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو تہ اهو اوهان کي ڏيندو، ۽ جنهن ملڪ ۾ کير ۽ ماکي ٿي وهي، تڏهن تون انهيءَ مهيني ۾ اها عبادت ياد رکج.
6
ست ڏينهن تون بي خميري ماني کائج، ۽ ستين ڏينهن خداوند جي لاءِ عيد ٿيندي.
7
انهن ستن ئي ڏينهن ۾ بي خميري ماني کائبي، ۽ ضروري آهي تہ ڪابہ خميري ماني تو وٽ ڏسڻ ۾ نہ اچي، نڪي تنهنجين سڀني سرحدن جي اندر تو وٽ خمير ڏسڻ ۾ اچي.
8
انهيءَ ڏينهن تون پنهنجي پٽ کي ٻڌائج تہ جڏهن آءٌ مصر مان نڪتس، تڏهن خداوند جيڪي مون لاءِ ڪيو، تنهن جي ڪري ائين ڪيو ٿو وڃي.
9
۽ اها تو وٽ تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ تہ خداوند جي شريعت تنهنجي وات ۾ هجي؛ ڇالاءِ جو خداوند توکي زور واري هٿ سان مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي.
10
تنهنڪري تون انهيءَ قانون تي سال بہ سال ٺهرايل وقت تي عمل ڪندو رهج.
11
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن خداوند توکي ڪنعانين جي انهيءَ ملڪ مان آڻيندو، جنهن جو تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هئائين، ۽ اهو ملڪ توکي ڏيندو،
12
تڏهن جيڪو پهرين پيٽ مان نڪري، ۽ جانور جو بہ جيڪو پهريون ٻچو تو وٽ هجي، سو تون خداوند جي لاءِ ڌار ڪج: نر سڀ خداوند جا ٿيندا.
13
پر گڏهہ جي ٻچي جي بدران هڪڙو گهيٽو يا ڇيلو عيوضي طور ڏج، ۽ جي انهيءَ جي لاءِ عيوضو نہ ڏين، تہ پوءِ انهيءَ جي ڳچي ڀڃي ڇڏج. ۽ پنهنجن پٽن مان ماڻهن جي سڀني پهريتن جي بدران عيوضو ڏج.
14
۽ جڏهن ڪنهن ايندڙ وقت ۾ تنهنجو پٽ توکان پڇي ۽ چوي تہ هن جي معنيٰ ڇا آهي؟ تڏهن تون هن کي چئج تہ خداوند اسان کي زور واري هٿ سان مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍيائين.
15
۽ جڏهن فرعون اسان کي وڃڻ نٿي ڏنو، تڏهن خداوند مصر جي ملڪ ۾ سڀ پهريتا، يعني ماڻهن جا پهريتا ٻار، ۽ جانورن جا پهريان ٻچا ماري ڇڏيا: تنهنڪري جيڪي ٻچا پهرين ٿا ڄمن، تن مان نر آءٌ قربان ٿو ڪريان، پر پنهنجن پٽن جي پهريتن جي بدران عيوضو ٿو ڏيان.
16
۽ اها تنهنجي هٿ ۾ هڪڙي نشاني ٿيندي، ۽ تنهنجين اکين جي اڳيان هڪڙي يادگار رهندي؛ ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي هٿ جي زور سان اسان کي مصر مان ڪڍي آيو.
17
پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن فرعون انهن ماڻهن کي وڃڻ ڏنو، تڏهن جيتوڻيڪ فلستين جو ملڪ ويجهو هو، پر تڏهن بہ خدا کين انهيءَ رستي کان وٺي نہ ويو؛ ڇالاءِ جو خدا چيو تہ متان هي ماڻهو جنگ ڏسي پشيمان ٿين، ۽ موٽي مصر ڏانهن وڃن.
18
پر خدا انهن ماڻهن کي ٻئي پاسي بيابان مان، ڳاڙهي سمنڊ واري رستي کان وٺي آيو: ۽ بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان هٿيار ٻڌي نڪتا.
19
۽ موسيٰ يوسف جا هڏا پاڻ سان کنيا؛ ڇالاءِ جو هن بني اسرائيل کي قسم ڏيئي چيو هو تہ خداوند ضرور اوهان جي سار لهندو، ۽ اوهين منهنجا هڏا هتان پاڻ سان کڻي وڃجو.
20
پوءِ هو سڪات کان روانا ٿيا، ۽ بيابان جي حد وٽ ايتام ۾ اچي منزل ڪيائون.
21
۽ خداوند اُنهن کي ڏينهن جو ڪڪر جي ٿنڀ جي صورت ۾ رستو ڏيکاريندو هو، ۽ رات جو باهہ جي ٿنڀ جي صورت ۾ سوجهرو ڏيندو هون، تہ اهي رات ڏينهن پنڌ ڪري سگهن؛
22
اهو ڪڪر جو ٿنڀ ڏينهن جي وقت، ۽ باهہ جو ٿنڀ رات جي وقت، ماڻهن جي اڳيان اصل ئي گم ڪونہ ٿيندو هو.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40