bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 24
Exodus 24
Sindhi Bible
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 25 →
1
پوءِ هن موسيٰ کي چيو تہ خداوند وٽ چڙهي اچ؛ تون ۽ هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا اچي پري کان بيهي سجدو ڪريو.
2
رڳو موسيٰ خداوند جي ويجهو اچي، پر هو ويجهو نہ اچن، نڪي ٻيا ماڻهو هن سان گڏجي مٿي اچن.
3
پوءِ موسيٰ اچي خداوند جون ڳالهيون ۽ سڀيئي حڪم ماڻهن کي چئي ٻڌايا، ۽ سڀني ماڻهن متفق ٿي جواب ڏنو ۽ چيائون تہ جيڪي ڳالهيون خداوند فرمايون آهن سي سڀ اسين مڃينداسين.
4
پوءِ موسيٰ خداوند جون سڀيئي ڳالهيون لکيون، ۽ صبح جو سوير اُٿي جبل جي تري تي هڪڙي قربانگاهہ، ۽ اسرائيل جي ٻارهن قبيلن جي حساب موجب ٻارهن ٿنڀ جوڙيائين.
5
۽ هن بني اسرائيل جي ڪيترن جوانن کي موڪليو، جن سوختنيون قربانيون چاڙهيون؛ ۽ خداوند جي لاءِ ڏاندن جون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهيائون.
6
۽ موسيٰ رت جو اڌ کڻي ٿالهن ۾ وڌو، ۽ ٻيو اڌ قربانگاهہ تي ڇاٽاريو
7
۽ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي، ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو، ۽ انهن چيو تہ جيڪي خداوند فرمايو آهي، سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين.
8
تڏهن موسيٰ اهو رت کڻي ماڻهن تي ڇاٽاريو ۽ چيائين تہ ڏسو، هي انهي عهد جو رت آهي، جو خداوند هنن سڀني ڳالهين بابت اوهان سان ڪيو آهي.
9
پوءِ موسيٰ، هارون، ندب، ابيهو ۽ اسرائيل جا ستر بزرگ مٿي چڙهي ويا.
10
۽ انهن اسرائيل جي خدا کي ڏٺو؛ ۽ انهي جي پيرن هيٺان ڄڻ تہ نيلم جي پهڻ جهڙو فرش لڳل هو، ۽ اهڙو صاف هو جهڙو آسمان.
11
۽ بني اسرائيل جي بزرگن تي هن پنهنجو هٿ ڪين ڊگهيريو؛ ۽ هنن خدا کي ڏٺو، ۽ کاڌائون پيتائون.
12
پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ تون جبل تي چڙهي مون وٽ اچ، ۽ اتي اچي رهہ؛ ۽ آءٌ توکي پهڻ جون تختيون ڏيندس، ۽ اها شريعت، ۽ اُهي حڪم ڏيندوسان جي مون لکيا آهن، تہ تون هنن کي سيکارين.
13
تڏهن موسيٰ ۽ سندس خادم يشوع اُٿيا، ۽ موسيٰ خدا جي جبل تي چڙهي ويو.
14
۽ هن بزرگن کي چيو تہ اوهين اسان جي لاءِ هتي ترسو، جيسين ڪ اسين موٽي اوهان وٽ اچون. ڏسو هارون ۽ حور اوهان سان آهن، جنهن کي ڪو ڪم پوي تہ اهو هنن وٽ وڃي.
15
پوءِ موسيٰ جبل تي ويو، ۽ ڪڪر جبل کي ڍڪي ڇڏيو، ۽ خداوند جو جلال سينا جبل تي رهيو.
16
۽ ڇهہ ڏينهن ڪڪر انهي جي مٿان بيٺو هو، ۽ ستين ڏينهن هن ڪڪر منجهان موسيٰ کي سڏيو.
17
۽ بني اسرائيل کي خداوند جي جلال جو نظارو، جبل جي چوٽيءَ تي، ساڙيندڙ باهہ وانگي ڏسڻ ۾ آيو.
18
۽ موسيٰ ڪڪر جي وچ ۾ گهڙي جبل تي چڙهي ويو؛ ۽ موسيٰ جبل تي چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون هو.
← Chapter 23
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 25 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40