bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 20
Exodus 20
Sindhi Bible
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 21 →
1
پوءِ خداوند هي سڀ ڳالهيون فرمايون، ۽ چيائين تہ
2
آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، جنهن توکي مصر جي ملڪ، ۽ غلاميءَ جي گهر مان ڪڍي ٻاهر آندو آهي.
3
مون کان سواءِ تنهنجي لاءِ ٻيو ڪوبہ خدا نہ هجي.
4
تون پنهنجي لاءِ ڪابہ اُڪريل مورت يا ڪنهن بہ شيءِ جي صورت نہ جوڙ، جا مٿي آسمان ۾، يا هيٺ زمين تي، يا زمين جي هيٺان پاڻيءَ ۾ آهي:
5
تون انهن جي اڳيان سجدو نہ ڪر، نڪي انهن جي عبادت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا غيرت وارو خدا آهيان، ۽ ابن ڏاڏن جي براين جي سزا، جيڪي مون سان عداوت رکندا آهن، تن جي پٽن کي ۽ انهن جي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ کي ڏيندو آهيان؛
6
پر جيڪي مون کي پيار ڪندا آهن، ۽ منهنجا حڪم مڃيندا آهن اُنهن هزارن تي رحم ڪندو آهيان.
7
تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.
8
تون سبت جو ڏينهن پاڪ رکڻ لاءِ ياد رک.
9
ڇهہ ڏينهن تون محنت ڪري پنهنجو سڀ ڪاروبار ڪر:
10
پر ستون ڏينهن خداوند تنهنجي خدا جو سبت آهي، انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم نہ ڪر: نہ تون، نہ تنهنجو پٽ، نہ تنهنجي ڌيءَ، نہ تنهنجو غلام، نہ تنهنجي ٻانهي، نڪي تنهنجو ڍور، ۽ نہ تنهنجو مسافر جو تنهنجي در جي اندر هجي؛
11
ڇالاءِ جو ڇهن ڏينهن ۾ خداوند آسمان ۽ زمين ۽ سمنڊ ۽ ٻيو سڀڪي، جو انهن ۾ آهي، سو جوڙيو ۽ ستين ڏينهن آرام ڪيائين؛ انهيءَ ڪري خداوند سبت جي ڏينهن کي برڪت ڏني ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين.
12
تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.
13
تون خون نہ ڪر.
14
تون زنا نہ ڪر.
15
تون چوري نہ ڪر.
16
تون پنهنجي پاڙيسريءَ تي ڪوڙي شاهدي نہ ڀر.
17
تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي گهر جي لالچ نہ ڪر؛ تون پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال يا سندس غلام، يا سندس ٻانهيءَ، يا سندس ڍڳي، يا سندس گڏهہ جي لالچ نہ ڪر؛ مطلب تہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي ڪنهن بہ شيءِ جي لالچ نہ ڪر.
18
پوءِ جڏهن سڀني ماڻهن گجگوڙ، بجلي، تريءَ جو آواز، ۽ جبل جو دونهون ڏٺو، تڏهن ڏڪي ويا؛ ۽ پري وڃي بيٺا.
19
۽ هنن موسيٰ کي چيو تہ تون اسان سان ڳالهاءِ تہ اسين ٻڌون؛ پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.
20
پر موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ڊڄو نہ، ڇالاءِ جو خدا اوهان جي آزمائش وٺڻ آيو آهي، تہ هن جو خوف اوهان جي سامهون رهي، ۽ اوهين گناهہ نہ ڪريو.
21
تڏهن ماڻهو پري وڃي بيٺا، ۽ موسيٰ پاڻ انهيءَ گهاٽيءَ اوندهہ جي ويجهو ويو جنهن ۾ خدا هو.
22
پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ اوهان پاڻ ڏٺو آهي تہ مون آسمان مان اوهان سان ڳالهايو آهي.
23
اوهين مون سان گڏ ٻين معبودن کي نہ مڃو، نڪي پنهنجي لاءِ چانديءَ يا سون جا معبود جوڙيو.
24
تون منهنجي لاءِ هڪڙي مٽيءَ جي قربانگاهہ جوڙج؛ ۽ انهيءَ تي پنهنجون سوختنيون قربانيون، ۽ پنهنجون سلامتيءَ جون قربانيون چاڙهج، يعني پنهنجون رڍون ۽ ڏاند انهيءَ تي قربان ڪج؛ ۽ جتي جتي آءٌ پنهنجو نالو قائم ڪندس، اتي آءٌ تو وٽ ايندس، ۽ توکي برڪت ڏيندس.
25
۽ جيڪڏهن تون منهنجي لاءِ پهڻ جي قربانگاهہ جوڙين، تہ گهڙيل پهڻن جي نہ جوڙج: ڇالاءِ تہ جيڪڏهن تون انهيءَ تي پنهنجو اوزار هلائيندين تہ انهي کي ناپاڪ ڪندين.
26
نڪي تون ڏاڪڻ تي چڙهي انهيءَ تي وڃج، متان تنهنجي اوگهڙ انهيءَ تان ظاهر ٿئي.
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40