bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Exodus 17
Exodus 17
Sindhi Bible
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 18 →
1
پوءِ بني اسرائيل جي ساري جماعت سين جي بيابان مان رواني ٿي، ۽ خداوند جي حڪم موجب مسافري ڪندي رفيديم ۾ اچي منزل ڪيائون؛ ۽ اتي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونہ هو.
2
تنهنڪري ماڻهو موسيٰ سان وڙهڻ لڳا، ۽ چيائونس تہ اسان کي پاڻي ڏي تہ پيون. تڏهن موسيٰ هنن کي چيو تہ اوهين مون سان ڇو ٿا وڙهو، ۽ ڇو ٿا خداوند کي آزمايو؟
3
۽ اتي ماڻهو پاڻيءَ لاءِ حيران ٿيڻ لڳا، ۽ موسيٰ جي برخلاف ڪُرڪڻ لڳا، ۽ چوڻ لڳا تہ تو اسان کي مصر مان انهيءَ لاءِ آندو آهي ڇا، تہ اسين، ۽ اسان جا ٻار، ۽ اسان جو چوپايو مال، اُڃ جي ڪري مرون؟
4
۽ موسيٰ خداوند جي حضور ۾ پڪاريو ۽ چيائين تہ آءٌ هنن ماڻهن سان ڇا ڪريان؟ هو مون کي سنگسار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.
5
تڏهن خداوند موسيٰ کي چيو تہ ماڻهن وٽ وڃي، اسرائيل جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان کڻ ۽ پنهنجي لٺ، جا تو درياهہ تي هنئي هئي، سا بہ پاڻ سان کڻي وڃ.
6
۽ ڏس، آءٌ اُتي حريب جي ٽڪريءَ تي تنهنجي سامهون بيهندس، ۽ تون انهيءَ ٽڪريءَ کي اچي ڌڪ هڻ تہ انهيءَ مان پاڻي نڪرندو، تہ اهي ماڻهو پيئن. سو موسيٰ بني اسرائيل جي بزرگن جي روبرو ائين ئي ڪيو.
7
هن انهيءَ جاءِ جو نالو مساہ ۽ مريباہ رکيو؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل اتي ساڻس وڙهيا هئا، ۽ هنن اتي خداوند کي آزمايو هو، ۽ چيو هئائون تہ ڏسون تہ خداوند اسان جي وچ ۾ آهي يا نہ؟
8
پوءِ عماليقي آيا، ۽ رفيديم ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪيائون.
9
تڏهن موسيٰ يشوع کي چيو تہ اسان مان ڪي ماڻهو چونڊي ڪڍ، ۽ وڃي عماليقين سان وڙهہ. سڀاڻي آءٌ خدا جي لٺ پنهنجي هٿ ۾ کڻي انهيءَ جبل جي چوٽيءَ تي بيهندس.
10
سو يشوع ائين ئي ڪيو، جيئن موسيٰ چيو هوس، ۽ وڃي عماليقين سان جنگ ڪيائين، ۽ موسيٰ ۽ هارون ۽ حور، جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويا.
11
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ پنهنجو هٿ مٿي ٿي کنيو، تڏهن اسرائيل غالب ٿي پيا، ۽ جڏهن هن پنهنجو هٿ هيٺ ٿي ڪيو، تڏهن عماليقي غالب ٿي پيا.
12
پر موسيٰ جا هٿ ٿڪجڻ لڳا تنهنڪري انهن هڪڙو پهڻ کڻي سندس هيٺان رکيو. انهيءَ تي هو ويهي رهيو، ۽ هارون ۽ حور سندس هٿ جهلي بيٺا، هڪڙو هڪڙي پاسي کان، ۽ ٻيو ٻئي پاسي کان؛ انهيءَ طرح سج لٿي تائين هن جا هٿ مٿي ئي هئا.
13
۽ يشوع عماليق ۽ سندس ماڻهن کي ترار جي ڌار سان شڪست ڏني.
14
پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ اها ڳالهہ يادگيري جي لاءِ هڪڙي ڪتاب ۾ لکي ڇڏ.
15
اتي موسيٰ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ نسي (يعني خداوند منهنجو جهنڊو آهي) رکيائين.
16
۽ چيائين تہ خداوند قسم کنيو آهي تہ خداوند عماليق سان پيڙهي بہ پيڙهي جنگ ڪندو رهندو.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40