bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 14
Jeremiah 14
Sindhi Bible
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 15 →
1
خداوند جو ڪلام جو خشڪ ساليءَ جي نسبت ۾ يرمياہ تي نازل ٿيو.
2
يهوداہ ماتم ڪري ٿو ۽ انهن جون منڊيون ملول آهن، اهي ڪارن ڪپڙن ۾ زمين تي ويٺا آهن؛ ۽ يروشلم جي دانهن مٿي چڙهي وئي آهي.
3
۽ انهن جا امير پنهنجا ملازم پاڻيءَ تي موڪلين ٿا: اهي کوهن تي اچن ٿا، پر پاڻي ڪونہ ٿا ڏسن: ۽ پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا وڃن: اُهي شرمندا ۽ لڄي آهن، ۽ پنهنجا مٿا ڍڪي ٿا ڇڏين.
4
ڇالاءِ جو زمين سڪي پئي آهي، ۽ ملڪ ۾ مينهن ڪونہ پيو آهي، هاري شرمندا آهن ۽ پنهنجا مٿا ڍڪين ٿا.
5
هائو، ميدان ۾ هرڻي ٻچو ڄڻي ٿي ۽ انهي کي ڇڏي ڏئي ٿي، جو اُتي گاهہ ڪونهي.
6
۽ گورخر اُگهاڙين ٽڪرين تي بيٺا آهن ۽ گدڙن وانگي پيا سهڪن؛ هنن جي اکين ۾ ڌنڌ آهي، ڇالاءِ جو گاهہ ڪونهي.
7
جيتوڻيڪ اسان جون بدڪاريون اسان تي شاهدي ٿيون ڏين، تہ بہ اي خداوند، تون پنهنجي نالي جي خاطر ڪجهہ ڪر: ڇالاءِ جو اسان وري وري ڏوهي ٿيا آهيون: اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.
8
اي اسرائيل جا آسرا، مصيبت جي وقت انهي جا بچائيندڙ، ڇالاءِ تون هن ملڪ ۾ پرديسيءَ وانگي ٿو رهين، ۽ انهي مسافر وانگي، جو هڪ رات لاءِ ٽڪي؟
9
تون ڇو انهي منجهيل ماڻهوءَ وانگي ٿيو آهين، ۽ انهيءَ بهادر وانگي جو بچائي نٿو سگهي؟ انهيءَ هوندي بہ اي خداوند، تون اسان جي وچ ۾ آهين، ۽ اسين تنهنجي نالي ٿا سڏجون؛ تون اسان کي ڇڏي نہ ڏي.
10
خداوند پنهنجي قوم بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ هي بہ اُنهيءَ طرح رلڻ پسند ٿا ڪن؛ هنن پنهنجن پيرن کي نہ روڪيو آهي: تنهن ڪري خداوند هنن کي قبول نٿو ڪري؛ هاڻي هو هنن جي بدڪاري ياد ڪندو، ۽ هنن جي گناهن جي سزا ڏيندو.
11
۽ خداوند مون کي فرمايو تہ هن قوم جي چڱائيءَ لاءِ دعا نہ گهر.
12
جڏهن هو روزو رکندا تڏهن آءٌ هنن جي دانهن نہ ٻڌندس؛ ۽ جڏهن هو سوختني قرباني چاڙهيندا ۽ نذرانا پيش ڪندا، تڏهن آءٌ اُهي قبول نہ ڪندس: پر آءٌ انهن کي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ وبا سان ماري کپائي ڇڏيندس.
13
تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس، نبي هنن کي چون ٿا تہ اوهين ترار نہ ڏسندا، نڪي اوهان ۾ ڏڪار پوندو! پر آءٌ اوهان کي هن هنڌ يقيناً خير سلامتي ڏيندس.
14
تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ اهي نبي منهنجي نالي تي ڪوڙيون پيشنگوئيون ڪن ٿا: مون انهن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ نہ مون هنن کي ڪو حڪم ڏنو آهي، نڪي مون هنن سان ڳالهايو: هو اوهان کي ڪوڙو خواب ۽ ڪوڙي فال ۽ نڪمي ڳالهہ، يعني پنهنجي دل جي فريب جي نبوت ٿا ٻڌائين.
15
تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ جيڪي نبي منهنجي نالي تي پيشنگوئي ٿا ڪن، ۽ جيتوڻيڪ مون هنن کي نہ موڪليو، تڏهن بہ هو چون ٿا تہ ترار ۽ ڏڪار هن ملڪ تي نہ ايندو: اهي نبي ترار ۽ ڏڪار سان ئي ماري کپايا ويندا.
16
۽ جن ماڻهن وٽ هو نبوت ڪن ٿا سي ڏڪار ۽ ترار جي ڪري يروشلم جي گهٽين ۾ اُڇلايا ويندا، ۽ ڪوبہ انهن کي پورڻ وارو ڪونہ هوندو، نہ انهن کي نہ انهنجي زالن کي، نہ انهن جي پٽن، نہ انهن جي ڌيئن کي: ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي شرارت مٿن اوتي وجهندس.
17
۽ تون هنن کي هي ڪلام چئج، تہ منهنجون اکيون رات ڏينهن ڳوڙها پيون ڳاڙين، ۽ هو ڀلي تہ بس نہ ڪن؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڪنواري ڌيءَ، هڪڙي وڏي ڦٽ سان، ۽ هڪڙي تمام وڏي زخم سان ڦٽجي پئي آهي.
18
جيڪڏهن آءٌ ميدان تي نڪري ويندس، تہ پوءِ ترار جا ڪُٺل ڏسج! ۽ جيڪڏهن آءٌ شهر ۾ ويندس، تہ پوءِ ڏڪار جا ڏتڙيل ڏسج! نبي توڙي ڪاهن ٻئي ملڪ ۾ پيا گهمن، پر ڪابہ خبر ڪانہ ٿي پوين.
19
تو يهوداہ کي اصل رد ڪري ڇڏيو آهي ڇا؟ تنهنجي روح کي صيون کان نفرت آئي آهي ڇا؟ ڇو تو اسان کي اهڙو ماريو آهي جو اسين ڇٽي چڱا ڀلا نٿا ٿيون؟ اسين خير سلامتيءَ جي لاءِ منتظر هئاسين، پر خير ڪونہ ٿيو؛ ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر هئاسين، پر اُٽلندو خوف پيدا ٿيو!
20
اي خداوند اسين پنهنجي بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري بہ: ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.
21
پنهنجي نالي جي واسطي اسان کي نہ ڌڪار، پنهنجي جلال جي تخت کي بي عزت نہ ڪر: اسان سان ڪيل پنهنجو عهد اقرار ياد ڪر، ۽ انهي کي نہ ڀڃ.
22
غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.
← Chapter 13
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 15 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52