bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 43
Jeremiah 43
Sindhi Bible
← Chapter 42
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 44 →
1
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يرمياہ سڀني ماڻهن کي خداوند، سندن خدا جون اهي سڀ ڳالهيون ٻڌائي چڪو، جن سان خداوند سندن خدا هنن کي وٽن موڪليو هو، يعني اُهي سڀ ڳالهيون،
2
تڏهن عزرياہ بن هوسعياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سڀني مغرور ماڻهن يرمياہ کي مخاطب ٿي چيو تہ تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين: خداوند اسان جي خدا توکي ڪونہ موڪليو آهي تہ چوين تہ اوهين مصر ۾ نہ وڃي رهو.
3
پر باروڪ بن نيرياہ توکي اسان جي برخلاف چوري ٿو تہ اسان کي ڪسدين جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي، تہ ڀلي هو اسان کي مارائي ڇڏين ۽ اسان کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي وڃن.
4
انهي طرح يوحنان بن قريحہ، ۽ لشڪرن جي سڀني سردارن، ۽ سڀني ماڻهن يهوداہ جي ملڪ ۾ رهي پوڻ لاءِ خداوند جو حڪم نہ مڃيو.
5
يوحنان بن قريحہ، ۽ لشڪرن جي سڀني سردارن، يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو، جي انهن سڀني قومن مان يهوداہ جي زمين ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيا هئا جنهن ۾ هو هڪالجي ويا هئا، تن کي ساڻ ورتو،
6
يعني مردن، ۽ زالن، ۽ ٻارن کي، ۽ بادشاهہ جي ڌيئن کي، ۽ انهن سڀني ماڻهن کي جن کي پهري وارن جو سردار نبوزرادان، جدلياہ بن اخيقام، بن سافن وٽ ڇڏي ويو هو، ۽ يرمياہ نبي ۽ باروڪ بن نيرياہ کي بہ؛
7
۽ هو مصر جي ملڪ ۾ آيا؛ ڇالاءِ جو هنن خداوند جو حڪم نہ مڃيو: بلڪ هو تحفنحيس تائين بہ آيا.
8
تڏهن تحفنحيس ۾ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ
9
تون وڏا وڏا پهڻ پنهنجي هٿ ۾ کڻ ۽ جيڪو سرن جو ايوان تحفنحيس ۾ فرعون جي گهر جي لنگهہ وٽ آهي تنهن ۾ يهوداہ جي ماڻهن جي ڏسندي گچ سان لڳائي ڇڏ؛
10
۽ انهن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي، انهي جو تخت انهن پهڻ تي رکندس، جي مون لڪايا آهن؛ ۽ هو پنهنجو شاهي شاميانو انهن جي مٿان پکيڙيندو.
11
۽ هو ايندو ۽ مصر جي زمين کي ماريندو؛ جيڪي موت جي لاءِ آهن سي قتل ڪيا ويندا، ۽ جيڪي قيد جي لاءِ آهن سي قيد ڪيا ويندا، ۽ جيڪي ترار جي لاءِ آهن، سي ترار جي حوالي ڪيا ويندا،
12
۽ آءٌ مصر جي معبودن جي گهرن ۾ باهہ ٻاريندس؛ ۽ هو انهن کي ساڙيندو ۽ انهن کي قيد ڪري وٺي ويندو: ۽ هو مصر جو ملڪ چوڌاري ائين ويڙهيندو جيئن ڪو ڌنار پنهنجي چادر ڍڪيندو آهي؛ پوءِ هو اُتان صحيح سلامت هليو ويندو.
13
هو بيت شمس جا ٿنڀ بہ ڀڃندو، جو مصر جي ملڪ ۾ آهي، ۽ مصر جي معبودن جا گهر هو باهہ سان ساڙيندو.
← Chapter 42
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 44 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52