bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 20
Jeremiah 20
Sindhi Bible
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 21 →
1
هاڻي فشحور بن امير ڪاهن، جو خداوند جي گهر ۾ مکيہ عملدار هو، تنهن يرمياہ کي انهن ڳالهين جي پيشنگوئي ڪندي ٻڌو.
2
تڏهن فشحور يرمياہ نبيءَ کي مار ڏني ۽ کڻي انهي ڪاٺ ۾ وڌو، جو بنيمين جي مٿئين دروازي وٽ خداوند جي گهر ۾ هو.
3
۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ فشحور يرمياہ کي ڪاٺ مان ڪڍيو. تڏهن يرمياہ هن کي چيو تہ خداوند تنهنجو نالو فشحور نہ رکيو آهي پر مجور مسابيب رکيو آهي.
4
ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سڀني دوستن جي لاءِ خوف جو سبب ڪندس: ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جي ترار سان مرندا ۽ تنهنجون اکيون اهو ڏسنديون: ۽ آءٌ يهوداہ کي بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس، ۽ هو انهن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويندو ۽ کين ترار سان قتل ڪري ڇڏيندو.
5
تنهن کان سواءِ هن شهر جي سڄي دولت، ۽ ان جون سڀ پيدائشون، ۽ ان جون سڀ قيمتي شيون، هائو، يهوداہ جي بادشاهن جا سڀ خزانا، آءٌ هنن جي دشمنن جي هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اُهي انهن کي لٽي بابل ڏي کڻي ويندا.
6
۽ تون، اي فشحور، ۽ جيڪي تنهنجي گهر ۾ رهن ٿا سي سڀ قيد ٿي ويندا: ۽ تون بابل ۾ ويندين، ۽ اتي تون مرندين ۽ اُتيئي دفن ٿيندين، نہ رڳو تون پر سڀيئي تنهنجا دوست جن وٽ تو ڪوڙي نبوت ڪئي آهي.
7
اي خداوند تو مون کي ٺڳيو ۽ آءٌ ٺڳجي ويس: تون مون کان وڌيڪ زور وارو آهين ۽ غالب ٿيو آهين: آءٌ سڄو ڏينهن کل ٺٺوليءَ جو باعث ٿيو آهيان، سڀ ڪو مون تي ٺٺولي ڪري ٿو.
8
ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا آءٌ ڳالهايان ٿو اوترا ڀيرا غضب ۽ بربادي ٿو پڪاريان: ڇاڪاڻ تہ خداوند جو ڪلام سڄو ڏينهن منهنجي لاءِ طعنو ۽ مهڻو ڪيو ويو آهي.
9
۽ جيڪڏهن آءٌ چوان تہ آءٌ هن جي بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ هن جي نالي سان اڳتي وري ڪي بہ ڪين چوندس، تہ پوءِ منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي ٻرندڙ باهہ آهي جا منهنجن هڏن منجهہ لڪل آهي، ۽ اُها آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان ۽ سهي نٿو سگهان.
10
ڇالاءِ جو مون گهڻن جو الزام ۽ هر طرف خوف ٻڌو آهي، منهنجا سڀ گهاٽا دوست بہ منهنجي ٿرڪڻ لاءِ منتظر آهن ۽ چون ٿا تہ هن جي شڪايت ڪريو تہ پوءِ اسين بہ هن جي شڪايت ڪنداسين: شايد هو ٺڳجي پوي، ۽ اسين هن تي غالب پئون ۽ هن کان پنهنجو وير وٺون.
11
پر خداوند هڪڙي زبردست ۽ خوفناڪ شخص وانگي مون سان آهي: تنهن ڪري مون کي ستائڻ وارا آٿڙندا، ۽ اُهي غالب نہ پوندا: هو تمام گهڻو شرمندا ٿيندا ڇالاءِ جو هنن ڏاهپ جي هلت نہ ڪئي آهي، بلڪ اهڙي خواري ڪئي آهي جا هميشہ تائين هلندي، ۽ ڪڏهن بہ وسري نہ ويندي.
12
پر اي لشڪرن جا خداوند، جو سچي کي آزمائين ٿو ۽ گردن ۽ دل کي ڏسين ٿو، مون کي اهو بدلو ڏيکار، جو تون هنن کان وٺندين؛ ڇالاءِ جو مون تو وٽ پنهنجو فرياد ڪيو آهي.
13
خداوند جي تعريف ڳايو، اوهين خداوند جي ساراهہ ڪريو: ڇالاءِ جو هن محتاجن جي جان بدڪارن جي هٿن مان ڇڏائي آهي.
14
لعنت هجي انهيءَ ڏينهن تي جنهن ۾ آءٌ ڄائس: جنهن ڏينهن منهنجي ماءُ مون کي ڄڻيو سو شل برڪت وارو نہ ٿئي.
15
لعنت هجي انهي ماڻهوءَ تي جنهن منهنجي پيءُ وٽ خوشخبري آندي ۽ چيائينس تہ توکي پٽ ڄائو آهي؛ ۽ هن کي ڏاڍو خوش ڪيائين.
16
ڀلي تہ اهو ماڻهو اُنهن شهرن جهڙو ٿئي، جنهن کي خداوند اونڌو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کان پشيمان نہ ٿيو: ۽ ڀلي تہ اُهو صبح جو دانهن ۽ ٻنپهرن جو خوف جي خبر ٻڌي؛
17
ڇالاءِ جو هن مون کي پيٽ ۾ ئي ڪهي نہ ڇڏيو؛ تہ جيڪر منهنجي ماءُ منهنجي قبر ٿئي ها، ۽ سندس پيٽ هميشہ وڏو هجي ها.
18
ڇالاءِ آءٌ پيٽ مان نڪتس، تہ تڪليف ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا ڏينهن خواريءَ ۾ گذري وڃن؟
← Chapter 19
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 21 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52