bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 28
Jeremiah 28
Sindhi Bible
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 29 →
1
۽ ساڳئي سال ۾، يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾، چوٿين ورهيہ جي پنجين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ حننياہ بن عزور نبي، جو جبعون جو هو، تنهن خداوند جي گهر ۾ ڪاهنن ۽ سڄي قوم جي روبرو مون کي چيو، تہ
2
لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ مون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏي آهي.
3
ٻن ڀرين ورهين اندر آءٌ خداوند جي گهر جا اُهي سڀ ٿانوَ هن هنڌ موٽائي آڻيندس، جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر هن هنڌان هٿ ڪري بابل ڏي کڻي ويو هو:
4
۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي بابل ڏي ويلن يهوداہ جي سڀني قيدين سميت موٽائي هن هنڌ آڻيندس: ڇالاءِ جو آءٌ بابل جي بادشاهہ جي پاڃاري ڀڃي ڇڏيندس.
5
تڏهن يرمياہ نبي حننياہ نبيءَ کي، ڪاهنن، ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو خداوند جي گهر ۾ بيٺا هئا تن جي روبرو چيو، تہ
6
آمين، يعني يرمياہ نبي چيو، تہ شل خداوند ائين ڪري: جي ڳالهيون نبوت ڪري تو ڪيون آهن، سي شل خداوند پوريون ڪري، ۽ خداوند جي گهر جا ٿانوَ ۽ سڀ قيدي بابل مان موٽي هن هنڌ اچن.
7
انهيءَ هوندي بہ هاڻي هي جيڪو ڪلام تنهنجن ڪنن تي ۽ ساري قوم جي ڪنن تي آءٌ وجهان ٿو سو ٻڌ:
8
جيڪي نبي قديم زماني ۾ مون کان اڳي ۽ توکان اڳي ٿي گذريا آهن، تن گهڻن ملڪن ۽ وڏين بادشاهتن جي برخلاف جنگ ۽ مصيبت ۽ مرض بابت پيشنگوئيون ڪيون هيون.
9
جو نبي خير سلامتيءَ جي پيشنگوئي ٿو ڪري، جڏهن انهيءَ نبي جو ڪلام اچي پورو ٿيندو تڏهن انهيءَ نبي جي نسبت ۾ معلوم ٿيندو تہ خداوند سچ پچ ان کي موڪليو آهي يا نہ.
10
تڏهن حننياہ نبيءَ يرمياہ جي ڳچيءَ تان گز ڀڃي ڇڏيو.
11
۽ حننياہ سڄي قوم کي مخاطب ٿي چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهيءَ طرح آءٌ ٻن ڀرين ورهين اندر بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي پاڃاري سڀني قومن جي ڳچيءَ مان ڀڃي ڇڏيندس. پوءِ يرمياہ نبي پنهنجي واٽ وٺي هليو ويو.
12
حننياہ نبيءَ يرمياہ نبيءَ جي ڳچيءَ مان گز کڻي ڀڃي ڇڏيو، تنهن کان پوءِ خداوند جو ڪلام يرمياہ وٽ آيو، جنهن چيو تہ
13
وڃي حننياہ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو ڪاني جا گز ڀڃي ڇڏيا آهن؛ پر انهن جي بدران تون لوهہ جا گز جوڙيندين.
14
ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ مون هنن سڀني قومن جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وڌي آهي، انهي لاءِ تہ هو بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت چاڪري ڪن؛ ۽ هو ضرور ان جي خدمت چاڪري ڪندا: ۽ مون هن کي جهنگ جا جانور بہ ڏنا آهن.
15
تڏهن يرمياہ نبيءَ حننياہ نبيءَ کي چيو تہ اي حننياہ، هاڻي ٻڌ؛ خداوند توکي ڪونہ موڪليو آهي؛ پر تون هن قوم کي هڪڙي ڪوڙ تي ڀروسو ٿو ڪرائين.
16
تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي زمين جي سطح تان ڪڍي ڇڏيندس: هن ئي سال تون مري ويندين، ڇالاءِ جو تو خداوند جي برخلاف بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي.
17
اُن موجب حننياہ نبي، انهي ساڳئي ورهيہ جي ستين مهيني ۾ مري ويو.
← Chapter 27
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 29 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52