bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 37
Jeremiah 37
Sindhi Bible
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 38 →
1
۽ صدقياہ بن يوسياہ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد رضر يهوداہ جي ملڪ تي بادشاهہ ڪيو هو، تہ ڪونياہ بن يهويقيم جي جاءِ تي بادشاهي ڪري؛
2
پر نڪي انهيءَ نڪي سندن نوڪرن، نڪي اُنهي ملڪ جي ماڻهن خداوند جون اُهي ڳالهيون مڃيون جي هن يرمياہ نبيءَ جي معرفت ڪيون هيون.
3
۽ صدقياہ بادشاهہ، يهوڪل بن سلمياہ، ۽ صفنياہ بن معسياہ ڪاهن کي، يرمياہ نبيءَ ڏي چوائي موڪليو تہ اسان جي لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گهر.
4
هاڻي يرمياہ ماڻهن ۾ پيو ايندو ويندو هو ڇالاءِ جو هنن قيد ۾ اڃا نہ وڌو هوس.
5
۽ فرعون جو لشڪر مصر مان نڪتو هو: ۽ جڏهن يروشلم کي گهيري ڪندڙن ڪسدين انهن جي خبر ٻڌي، تڏهن يروشلم مان ڀڄي نڪتا.
6
۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ
7
خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين يهوداہ جي بادشاهہ کي هيئن چئجو، جنهن اوهان کي پڇا ڪرڻ لاءِ مون ڏي موڪليو آهي؛ تہ ڏس، فرعون جو لشڪر جو توکي مدد ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏي ويندو.
8
۽ ڪسدي وري ايندا ۽ هن شهر سان وڙهندا؛ ۽ هو انهي کي وٺندا؛ ۽ باهہ سان ساڙيندا.
9
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين هيئن چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ڪسدي ضرور اسان وٽان هليا ويندا: ڇالاءِ جو اُهي هليا نہ ويندا.
10
هن ڪري جو جيتوڻيڪ ڪسدين جو لشڪر جو اوهان سان جنگ ٿو ڪري، تنهن کي اوهين کڻي ماريو ها، ۽ انهن ۾ رڳا زخمي ماڻهو وڃي بچن ٿا، تہ بہ اُهي سڀ پنهنجن تنبن ۾ اُٿي هن شهر کي باهہ سان ساڙين ها.
11
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن فرعون جي لشڪرن جي ڊپ کان ڪسدين جو لشڪر يروشلم مان ڀڄي هليو ويو،
12
تڏهن يرمياہ يروشلم مان نڪري بنيمين جي زمين ۾ آيو، انهيءَ لاءِ تہ اُتي پنهنجو حصو ماڻهن منجهہ هٿ ڪري.
13
۽ جڏهن هو بنيمين جي دروازي تي پهتو تڏهن بهري وارن جو سردار، جنهن جو نالو ارياہ بن سليمان بن حننياہ هو، سو اُتي هو؛ ۽ اُنهيءَ يرمياہ نبيءَ کي گرفتار ڪيو، جو چيائين تہ تون ڪسدين ڏي ڀڳو ٿو وڃين.
14
تڏهن يرمياہ چيس تہ اهو ڪوڙ آهي؛ آءٌ ڪسدين ڏي ڀڄي نٿو وڃان؛ پر هن نہ ٻڌس: ۽ ارياہ يرمياہ کي پڪڙي اميرن وٽ وٺي آيو.
15
۽ امير يرمياہ تي ڪاوڙيا، ۽ هن کي مار ڏنائون، ۽ يونتن منشيءَ جي گهر ۾ کڻي قيد ڪيائونس؛ ڇالاءِ جو هنن اُهو قيدخانو بنايو هو.
16
جڏهن يرمياہ بهري ۽ قيدين جي ڪوٺين ۾ آيو ۽ اُتي گهڻا ڏينهن رهيو؛
17
تڏهن صدقياہ بادشاهہ هن کي ماڻهو موڪلي گهرائي ورتو: ۽ بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ ڳجهيءَ طرح هن کان پڇيو تہ خداوند وٽان ڪو ڪلام آيو آهي يا نہ؟ ۽ يرمياہ چيو تہ آيو آهي، هن هيترو بہ چيو تہ تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.
18
هيترو بہ وڌيڪ يرمياہ صدقياہ بادشاهہ کي چيو، تہ مون تنهنجو يا تنهنجن نوڪرن جو يا تنهنجي قوم جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي جو تو مون کي قيد ۾ وڌو آهي؟
19
هاڻي اوهان جا اُهي نبي ڪٿي آهن جن اوهان کي پيشنگوئي ڪري چيو تہ بابل جو بادشاهہ اوهان تي يا هن ملڪ تي ڪاهي نہ ايندو؟
20
۽ هاڻي، اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ ٻڌ: آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو عرض تنهنجي اڳيان قبول پوي؛ تون مون کي موٽائي يونتن منشيءَ جي گهر نہ موڪل، تہ متان آءٌ اُتي مري وڃان.
21
تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو ۽ هنن يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان ۾ آڻي ويهاريو، ۽ ڏهاڙي نانواين جي گهٽيءَ مان هن کي هڪڙي ماني آڻي ڏيندا هئا، جيسين ڪ شهر ۾ جيڪا ماني هئي سا سڀ کپي ويئي. انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو پيو هو.
← Chapter 36
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 38 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52