bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 52
Jeremiah 52
Sindhi Bible
← Chapter 51
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
1
جڏهن صدقياہ بادشاهت ڪرڻ لڳو تڏهن ايڪيهن ورهين جو هو، ۽ هن يروشلم ۾ يارهن ورهيہ حڪومت ڪئي: ۽ اُن جي ماءُ جو نالو حموطل هو، جا لبناہ واري يرمياہ جي ڌيءَ هئي.
2
۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا ڪ يهويقيم ڪيا هئا.
3
ڇالاءِ جو خداوند جي ڪاوڙ ڪري يروشلم ۽ يهوداہ ۾ اهڙو حال ٿيو جو هن انهن کي پنهنجي حضور مان ڪڍي ڇڏيو: ۽ صدقياہ بابل جي بادشاهہ جي برخلاف فساد ڪيو.
4
۽ ان جي حڪومت جي نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ نبوڪدرضر، بابل جو بادشاهہ، پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو، ۽ اُن جي چوڌاري منزل ڪري لهي پيو؛ ۽ ان جي چوڌاري ساڻس وڙهڻ لاءِ دمدما جوڙيائون.
5
انهيءَ طرح شهر صدقياہ بادشاهہ جي يارهين ورهيہ تائين گهيري هيٺ رهيو.
6
چوٿين مهيني جي نائين تاريخ شهر ۾ اهڙو ڏڪار اچي پيو جو انهيءَ ملڪ جي ماڻهن لاءِ ماني ڪانہ لڌي.
7
تنهن کان پوءِ شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون، ۽ سڀ جنگي مرد اُٿي ڀڳا، ۽ رات جو ٻن ڀتين جي وچ وارو در، جو بادشاهہ جي باغ جي پاسي کان هو، تنهن رستي شهر مان نڪري ٻاهر ٿيا؛ (هاڻي ڪسدي شهر جي چوڌاري موجود هئا:) ۽ هو عرباہ جو رستو ڏيئي هليا ويا.
8
پر ڪسدين جو لشڪر بادشاهہ جي پٺيان پيو، ۽ يريحو جي ميدان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو؛ ۽ هن جو سارو لشڪر کانئس ڇڄي ڌار ٿي پيو.
9
تڏهن هنن بادشاهہ کي پڪڙي ورتو، ۽ هن کي حمات جي زمين ۾ ربلہ منجهہ بابل جي بادشاهہ وٽ آندائون؛ ۽ اُنهي هن تي فتويٰ جاري ڪئي.
10
۽ بابل جي بادشاهہ، صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪرايو: هن يهوداہ جي سڀني اميرن کي بہ ربلہ ۾ قتل ڪرايو.
11
۽ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍايون؛ ۽ بابل جو بادشاهہ هن کي زنجيرن ۾ ٻڌائي بابل ڏي کڻي ويو، ۽ سندس مرڻ جي ڏينهن تائين قيد ۾ رکيائينس.
12
هاڻي پنجين مهيني جي ڏهين تاريخ، جو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو اوڻيهون ورهيہ هو، تنهن ۾ نبوزرادان، پهري وارن جو سردار، جو بابل جي بادشاهہ جي اڳيان بيهندو هو، سو يروشلم ۾ آيو:
13
۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.
14
۽ ڪسدين جو سارو لشڪر جو پهرين وارن جي سردار سان هو، تنهن چوڌاري يروشلم جون سڀ ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.
15
تڏهن پهري وارن جو سردار نبوزرادان ماڻهن مان جيڪي تمام غريب قسم جا ماڻهو هئا، ۽ شهر ۾ رهيل ماڻهن مان جيڪي باقي بچيا هئا، ۽ جيڪي ڀڄي نڪري اچي بابل جي بادشاهہ سان گڏيا هئا، تن کي ۽ باقي بچيل خلق کي قيد ڪري وٺي ويو.
16
پر پهري وارن جي سردار نبوزرادان انهي زمين جي تمام غريب ماڻهن کي ڊاک جي منهہ جي سنڀال ۽ ڪڙمت ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويو.
17
۽ جيڪي پتل جا ٿنڀ خداوند جي گهر ۾ هئا، ۽ پايا ۽ پتل جو حوض، جي خداوند جي گهر ۾ هئا، سي ڪسدين ڀڃي پرزا پرزا ڪري ڇڏيا ۽ انهن جو سڀ پتل بابل ڏي کڻي ويا.
18
ديڳيون، ۽ ڪوڏاريون، ۽ ڦلن وڍڻ جون قينچيون، ۽ پيالا، ۽ چمچا، ۽ سڀ پتل جا ٿانوَ جن سان خدمت ڪندا هئا سي سڀ بہ هو کڻي ويا.
19
۽ پياليون، ۽ باهہ کڻڻ جا ٿانوَ، ۽ پيالا، ۽ ديڳيون، ۽ شمعدان، ۽ چمچا، ۽ وڏا پيالا؛ انهن مان جيڪي سون جا هئا تن جو سون، ۽ جيڪي چانديءَ جا هئا تن جي چاندي، پهري وارن جو سردار کڻي ويو.
20
ٻہ ٿنڀ، هڪڙو سمنڊ، ۽ ٻارهن پتل جا ڍڳا، جي پاين هيٺان هئا، ۽ جي سليمان بادشاهہ خداوند جي گهر لاءِ جوڙايا هئا: ۽ انهن سڀني ٿانوَن جو پتل تورڻ کان ٻاهر هو.
21
باقي ٿنڀ، تن مان بہ هڪڙي ٿنڀ جي اوچائي ارڙهن هٿ هئي؛ ۽ ٻارهن هٿن جي هڪڙي رسي انهي جي چوڌاري ڦري ٿي آئي؛ ۽ انهي جي ٿولهہ چار آڱريون هئي: ۽ اُهو پورو هو.
22
۽ پتل جو ڇٽ انهيءَ جي مٿان هو؛ ۽ هڪڙي ڇٽ جي اوچائي پنج هٿ هئي، ۽ ان جي چوڌاري ڇٽ تي ڄاري جو ڪم ۽ ڏاڙهون هئا: ۽ ٻئي ٿنڀ کي اهڙيون ساڳيون شيون ۽ ڏاڙهون هئا.
23
۽ پاسن تي ڇهانوي ڏاڙهون هئا؛ ڪل ڏاڙهون انهيءَ ڄاريدار ڪم تي چوڌاري هڪ سؤ هئا.
24
۽ پهري وارن جو سردار، سراياہ سردار ڪاهن، ۽ صفنياہ ٻئي درجي واري ڪاهن، ۽ در جي سنڀال ڪرڻ وارن کي بہ وٺي ويو:
25
۽ شهر مان هن هڪڙي عملدار کي کنيو جو جنگي مردن جي مٿان مقرر هو؛ ۽ ست ماڻهو انهن مان جي بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا، جي شهر ۾ لڌا ويا؛ ۽ لشڪر جي سردار جو منشي، جو ملڪ جي ماڻهن جي ياداشت لکندو هو: ۽ ملڪ جي ماڻهن مان سٺ ڄڻا جي شهر منجهہ هٿ آيا سي سڀ هو وٺي ويو.
26
۽ پهري وارن جي سردار نبوزرادان انهن کي وٺي ربلہ ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو.
27
۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي زمين ۾ ربلہ منجهہ انهن کي مارائي ڇڏيو. انهي طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي زمين مان نڪري ويو.
28
اُهي ماڻهو جن کي نبوڪدرضر ستين سال ۾ قيد ڪري وٺي ويو سي ٽي هزار ۽ ٽيويهہ يهودي هئا:
29
۽ نبوڪدرضر جي ارڙهين ورهيہ ۾ هو يروشلم مان اٺ سو ٻٽيهہ ماڻهو قيد ڪري وٺي ويو:
30
نبوڪدرضر جي ٽيويهين ورهيہ ۾ پهري وارن جو سردار نبوزرادان يهودين مان ست سؤ پنجيتاليهہ ماڻهو قيد ڪري وٺي ويو: سڀ ماڻهو چار هزار ڇهہ سؤ ٿيا.
31
۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهويا ڪين جي قيد جي ستٽيهين ورهيہ ۾ ٻارهين مهيني جي پنجويهين تاريخ، هيئن ٿيو تہ بابل جي بادشاهہ اويل مرودڪ، پنهنجي بادشاهت جي پهرئين ورهيہ ۾، يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي سرفراز ڪيو، ۽ هن کي قيد مان ڪڍيائين؛
32
۽ انهيءَ سان مهربانيءَ جي رستي ڳالهائين، ۽ جيڪي بادشاهہ بابل ۾ ساڻس هئا، تن جي تختن کان هن جو تخت مٿي رکيائين.
33
۽ هو پنهنجي قيدين واري پوشاڪ بدلائي حياتيءَ جا باقي ڏينهن سندس اڳيان ماني کائيندو رهيو.
34
۽ هن جي قوت گذران لاءِ بابل جي بادشاهہ وٽان هن جي مرڻ جي ڏينهن تائين، سندس باقي حياتيءَ جي ڏينهن، روزمرہ جي خرچ موجب ملندو هوس.
← Chapter 51
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52