bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 8
Jeremiah 8
Sindhi Bible
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 9 →
1
خداوند ٿو فرمائي تہ انهيءَ وقت هو يهوداہ جي بادشاهن جا هڏا، ۽ سندس اميرن ۽ ڪاهنن جا هڏا، ۽ نبين ۽ يروشلم جي رهاڪن جا هڏا، سندن قبرن مان ڪڍندا.
2
۽ انهن کي سج ۽ چنڊ ۽ آسمان جي سڄي لشڪر جي اڳيان پکيڙيندا، جن سان انهن محبت رکي آهي، ۽ جن جي هنن عبادت ڪئي آهي، ۽ جن جي پٺيان هو هليا آهن، ۽ جن کي هنن ڳوليو آهي، ۽ جن کي هنن سجدو ڪيو آهي: هو نہ گڏ ڪيا ويندا ۽ نہ دفن ڪيا ويندا؛ هو زمين جي سطح تي ڇيڻي جي بجاءِ ٿيندا.
3
لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهي خراب گهراڻي مان جيڪي باقي بچندا، ۽ جيڪي انهن سڀني هنڌن تي رهندڙ هوندا جتي مون هنن کي هڪالي ڪڍي ڇڏيو آهي، سي سڀيئي حياتيءَ کان موت کي وڌيڪ پسند ڪندا.
4
انهي کان سواءِ تون هنن کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ماڻهو ڪرندا ۽ وري نہ اُٿندا ڇا؟ ڪو ڦري ويندو ۽ وري نہ موٽندو ڇا؟
5
تڏهن ڇو هي يروشلم جا ماڻهو هميشہ جي برائيءَ لاءِ پٺ تي هٽي ويا آهن؟ هو ٺڳيءَ سان چهٽيل آهن، ۽ موٽڻ کان انڪار ٿا ڪن.
6
مون ڌيان ڏئي ٻڌو، پر هنن سچ نہ ڳالهايو: ڪوبہ ماڻهو پنهنجي شرارت کان پشيمان نٿو ٿئي، ۽ نٿو چوي تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ سڀڪو پنهنجي رستي ڏانهن ٿو ڦري جيئن ڪو گهوڙو جنگ ۾ ڏاڍي ڇوهہ سان ڊوڙندو آهي.
7
هائو، لقلق پکي پنهنجو مقرر ڪيل وقت ڄاڻي ٿو؛ ۽ قمري ۽ ابابيل ۽ ڪنگ پنهنجي وقت تي اچن ٿا؛ پر منهنجي قوم خداوند جي عدالت نٿي ڄاڻي.
8
اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين ڏاها آهيون ۽ خداوند جي شريعت اسان وٽ آهي؟ پر ڏس، ڪاتبن جي ڪوڙي قلم ڪوڙ ڪمايا آهن.
9
ڏاها ماڻهو شرمندا ٿيا آهن، هو ڊڄي ويا آهن ۽ گرفتار ٿيا آهن: ڏس هنن خداوند جو ڪلام رد ڪري ڇڏيو آهي؛ ۽ هنن ۾ ڪهڙي قسم جي ڏاهپ آهي؟
10
تنهن ڪري آءٌ هنن جون زالون ٻين کي ڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون انهن کي ڏيندس جي انهن جا مالڪ ٿيندا: ڇالاءِ جو تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين هو لالچي آهن، ۽ نبي کان وٺي ڪاهن تائين اُهي سڀ ڪوڙ سان واهپو ٿا رکن.
11
۽ هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي؛ پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.
12
جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن ڪي هو شرمندا ٿيا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، ۽ نڪي هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرڻ وارا آهن تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ هنن جي سزا جي وقت هو هيٺ اُڇلايا ويندا.
13
خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ هنن کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس: ڊاک جي وڻ تي ڊاک نہ ٿيندي، ۽ انجير جي وڻ تي انجير نہ ٿيندا، ۽ پن بہ سڪي سڙي ويندا؛ ۽ جيڪي شيون مون هنن کي ڏنيون آهن سي هنن وٽان هليون وينديون.
14
اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.
15
اسان سلامتيءَ لاءِ نهاريو، پر چڱائي ڪانہ آئي: ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر رهياسين پر خوف ڏٺوسين!
16
هن جي گهوڙن جو ڦوڪارو دان مان پيو ٻڌجي: هن جي مضبوط گهوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄو ملڪ ڏڪي ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهتا آهن؛ ۽ اهو ملڪ ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر ۽ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا؛ هو سڀ ڳهي ويا آهن.
17
ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ اوهان ۾ اهڙا نانگ ۽ سپ موڪليندس، جن کي منڊ لڳي نہ سگهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي تہ اُهي اوهان کي ڏنگيندا.
18
شل ڏک کان آءٌ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهان! منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي.
19
ڏس، منهنجي قوم جي ڌيءَ جي دانهن جو آواز ڪنهن پرانهين ملڪ مان ٿو اچي: خداوند صيون ۾ ناهي ڇا؟ انهي جو بادشاهہ ان ۾ ڪونهي ڇا؟ ڇالاءِ هنن پنهنجن اُڪريلن مورتن سان ۽ ڌارين اجاين ڳالهين سان مون کي ڪاوڙ ڏياري آهي؟
20
فصل لهي ويا آهن، اونهارو اچي پورو ٿيو آهي، پر اسان کي ڇوٽڪارو ڪونہ مليو آهي.
21
پنهنجيءَ قوم جي ڌيءَ جي ايذاءُ ڪري مون کي ايذاءُ رسيو آهي: آءٌ ڏکي ٿي پيو آهيان؛ مون کي حيراني وٺي وئي آهي.
22
جلعاد ۾ مرحم ڪونهي ڇا؟ اُتي ڪو طبيب ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو منهنجي قوم جي ڌيءَ چڱي ڀلي نٿي ٿئي.
← Chapter 7
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 9 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52