bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 6
Jeremiah 6
Sindhi Bible
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 7 →
1
اي بني بنيمين سلامتيءَ جي لاءِ يروشلم مان ڀڄي وڃو، ۽ تقوع ۾ وڃي قرناءِ وڄايو، ۽ بيت هڪرم ۾ جهنڊو کڙو ڪريو: ڇالاءِ جو خرابي ۽ وڏو موت اُتر کان ايندو نظر ٿو اچي.
2
آءٌ صيون جي ڌيءَ کي وڍي ڇڏيندس، جا خوبصورت نازنين آهي.
3
ڌنار پنهنجن ڌڻن سان وٽس ايندا؛ هو سندس سامهون چوڌاري تنبو هڻندا؛ هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مال چاريندو.
4
اوهين هن سان جنگ ڪرڻ جي تياري ڪريو؛ اُٿو؛ هلو تہ ٻنپهرن جو ڪاهہ ڪريون. ويل آهي اسان سان! ڇالاءِ جو ڏينهن لڙندو وڃي، ۽ شام جا پاڇا ڊگها ٿيندا وڃن.
5
اُٿو تہ رات جو ڪاهي هلون ۽ سندس محلات ناس ڪري ڇڏيون.
6
ڇالاءِ تہ لشڪرن جي خداوند هيئن فرمايو آهي، تہ اوهين وڻ وڍي ڇڏيو ۽ يروشلم جي اڳيان هڪڙو بند ٻڌو: اهو ئي شهر آهي جنهن تي آفت اچڻي آهي؛ اُهو اندر ۾ سمورو ظلم آهي.
7
جهڙيءَ طرح کوهہ پنهنجو پاڻي اُڇلائي ڪڍي ٿو تيئن هو پنهنجي شرارت اُڇلي ٿو: انهي ۾ زبردستي ۽ مار پئي ٻڌجي؛ منهنجي اڳيان سدائين بيماري ۽ زخم آهن.
8
اي يروشلم، تون ڪي سمجهہ، متان منهنجو روح تو کان ڇڄي ڌار ٿئي؛ متان آءٌ توکي ويران ڪري ڇڏيان، ۽ اهڙي زمين ڪريان جنهن ۾ ڪوبہ ڪونہ رهي.
9
لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو اسرائيل جي باقي بچيلن کي ڊاک وانگي چڱيءَ طرح چونڊي گڏ ڪندا: تون ڊاک چونڊيندڙ وانگي پنهنجو هٿ وري ڦيرائي ٽوڪرين ۾ وجهہ.
10
آءٌ ڪهڙن سان ڳالهايان ۽ ڪنهن کي تاڪيد ڪريان تہ ٻڌن؟ ڏس، هن جو ڪن اڻ طهريل آهي، ۽ هو ٻڌي نٿا سگهن: ڏس خداوند جو ڪلام هنن جي لاءِ هڪڙو مهڻو ٿي پيو آهي؛ هنن کي انهي مان ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي.
11
تنهن ڪري آءٌ خداوند جي ڪاوڙ سان ڀرجي ويو آهيان؛ آءٌ جهلي جهلي ٿڪجي پيو آهيان: اُها بازار ۾ ٻارن تي، ۽ جوان ماڻهن جي جماعت تي گڏي اوتي وجهہ: ڇالاءِ جو مرد زال سميت پڪڙيو ويندو، ۽ ٻڍو، پوريءَ عمر واري ماڻهوءَ سميت.
12
۽ هنن جا گهر سندن زالن ۽ ٻنين سميت ٻين کي ڏنا ويندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهيءَ ملڪ جي رهاڪن تي پنهنجو هٿ ڊگهيريندس.
13
ڇالاءِ جو ننڍن کان وٺي وڏن تائين سڀني کي لالچ جي عادت آهي؛ ۽ نبيءَ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ڪوڙ ۽ ڪپت ۾ مشغول آهن.
14
هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي، پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.
15
جڏهن هنن ڪراهت جهڙا ڪم ڪيا تڏهن هو شرمندا هئا ڇا؟ نہ، هنن کي بلڪل شرم نہ آيو، نہ هنن کي ڪو حياءُ ٿيو: تنهن ڪري جيڪي ڪرندا، تن ۾ هو بہ ڪِرندا: خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن آءٌ کين سزا ڏيڻ لاءِ ايندس تڏهن هو هيٺ اُڇلايا ويندا.
16
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين رستن تي بيهي ڏسو، ۽ جهونين واٽن ۾ پڇا ڪريو، تہ چڱو رستو ڪٿي آهي، پوءِ انهي تي هلو تہ اوهان جا روح آرام پائيندا: پر هنن چيو تہ اسين انهي تي نہ هلنداسين.
17
۽ مون اوهان تي نگهبان بيهاريا، ۽ چيم تہ قرناءِ جو آواز ٻڌو: پر هنن چيو تہ اسين ڪين ٻڌنداسين.
18
تنهن ڪري اي قومون اوهين ٻڌو، ۽ اي جماعت، اوهين ڄاڻو، تہ هنن منجهہ ڇا آهي.
19
اي زمين، ٻڌ: ڏس آءٌ هن قوم تي خرابي آڻيندس، يعني سندن خيالن جو نتيجو، ڇالاءِ جو هنن منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي اصل رد ڪري ڇڏيو اٿن.
20
سبا مان لوبان، ۽ پرانهين ملڪ مان اگر، منهنجي خاطر ڪهڙي ڪم جي لاءِ ٿو اچي؟ اوهان جون سوختني قربانيون قبول پوڻ جهڙيون نہ آهن، نڪي اوهان جون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.
21
تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، تہ آءٌ هن قوم جي اڳيان آٿڙائيندڙ شيون رکندس؛ ۽ انهن تي پيءُ ۽ پٽ گڏ آٿڙندا؛ پاڙيسري ۽ ان جو دوست گڏ چٽ ٿيندا.
22
خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، اُتر واري ملڪ مان هڪڙي قوم اچي ٿي؛ ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هڪڙي وڏي اُمت اُٿاري ويندي.
23
هو ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ هو ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم نہ اٿن؛ هنن جو آواز سمنڊ وانگي گجي ٿو، ۽ هو گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي صيون جي ڌيءَ، سڀيئي صف ٻڌي تو سان جنگ جي لاءِ تيار ٿيا آهن.
24
اسان انهيءَ جي ناموس ٻڌي آهي؛ اسان جا هٿ سست ٿيندا وڃن: اسان کي مصيبت آڻي جهليو آهي، ۽ اهڙا سور اٿئون جهڙا ويامندڙ زال کي ٿيندا آهن.
25
ميدان تي نہ وڃو، نہ رستي جي ڀرسان گهمو؛ ڇالاءِ جو چوڌاري دشمن جي ترار ۽ خوف آهي.
26
اي منهنجي قوم جي ڌيءَ، تون کٿو چيلهہ سان ٻڌ، ۽ خاڪ ۾ ليٽ: ماتم ڪري زار زار روءُ: جيئن هڪڙي ئي هڪڙي پٽ لاءِ روئبو آهي؛ ڇالاءِ جو ڦرلٽ ڪرڻ وارو اوچتو اسان تي ايندو.
27
مون توکي پنهنجي قوم ۾ هڪڙو ٺلهہ ۽ قلعو ڪيو آهي؛ انهي لاءِ تہ تون انهن جو رستو سڃاڻين ۽ آزمائين.
28
هو سڀ تمام فسادي آهن، ۽ گلائون ڪندا گهمندا وتن؛ هو پتل ۽ لوهہ آهن: هو سڀ ڪپت جي هلت ٿا ڪن.
29
ڌوڻي تمام زور سان پئي ٻري، شيهو باهہ جي ڪري سڙي ويو آهي: هو اجايو انهي کي پگهاري صاف ٿا ڪن؛ ڇالاءِ جو شرير پٽجي نہ ويا آهن.
30
ماڻهو هنن کي روپي جو مٺ سڏيندا، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
← Chapter 5
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 7 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52