bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 27
Jeremiah 27
Sindhi Bible
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 28 →
1
يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بن يوسياہ جي بادشاهت جي شروعات ۾ هي ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ
2
پنهنجي لاءِ بند ۽ گز ٺاهہ ۽ اُهي پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهہ:
3
۽ جيڪي قاصد يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ وٽ يروشلم ۾ اچن، تن جي هٿان ادوم جي بادشاهہ، ۽ بني عمون جي بادشاهہ، ۽ صور جي بادشاهہ، ۽ صيدا جي بادشاهہ ڏي اُهي موڪلي ڏي؛
4
۽ انهن کي سندن ڌڻين ڏي تاڪيد ڏئي چوائي موڪل تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين پنهنجن ڌڻين کي هيئن چئو، تہ
5
مون زمين، ۽ ماڻهن، ۽ جانورن کي جي زمين جي سطح تي آهن، پنهنجي قدرت سان ۽ پنهنجي ڊگهيريل ٻانهن سان جوڙيو آهي؛ ۽ اُها زمين آءٌ جنهن کي مناسب ٿو سمجهان تنهن کي ٿو ڏيان.
6
۽ هاڻي هي سڀ ملڪ مون پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿ ۾ ڏنا آهن؛ ۽ جهنگ جا جانور بہ مون هن کي خدمت چاڪري ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن.
7
۽ سڀ قومون هن جي، ۽ سندس پٽ جي، ۽ سندس پوٽي جي خدمت ڪنديون، جيسين ڪ خود سندس ملڪ جو وقت اچي: پوءِ گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري وٺندا.
8
۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.
9
باقي اوهين سي پنهنجن نبين جي، يا پنهنجن غيب دانن جي، يا پنهنجن خواب ڏسندڙن جي، يا پنهنجن فال وجهندڙن جي، يا پنهنجن جادوگرن جي ڳالهہ نہ ٻڌجو، جي اوهان کي چون ٿا تہ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري نہ ڪندا:
10
ڇالاءِ جو هو اوهان کي هڪڙي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين، انهي لاءِ تہ اوهان کي پنهنجي ملڪ مان پري ڪڍي موڪلين؛ ۽ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان ۽ اوهين چٽ ٿي وڃو.
11
پر جيڪا قوم بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ پنهنجي ڳچي آڻي وجهندي، ۽ انهي جي خدمت ڪندي، تنهن قوم کي ئي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ سندن زمين ۾ رهڻ ڏيندس، ۽ اُها هو پوکيندا ۽ انهي ۾ هو رهندا.
12
۽ مون انهن سڀني ڳالهين بابت يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چيو تہ اوهين پنهنجون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ آڻي وجهو، ۽ انهي جي ۽ سندس قوم جي خدمت ڪريو تہ جيئرا رهو.
13
ڇو تون ۽ تنهنجي قوم، ترار سان، ۽ ڏڪار سان، مرڻ ٿا گهرو، جيئن ڪ خداوند انهي قوم جي نسبت فرمايو آهي جا بابل جي بادشاهہ جي خدمت نہ ڪندي؟
14
۽ اوهين انهن نبين جون ڳالهيون نہ ٻڌو جي اوهان کي چون ٿا تہ اوهين بابل جي بادشاهہ جي خدمت نہ ڪندا: ڇالاءِ جو اُهي اوهان کي ڪوڙي نبوت ٿا ٻڌائين.
15
ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هنن کي ڪونہ موڪليو آهي پر اهي ڪوڙ ڪري منهنجي نالي نبوت ٿا ڪن؛ انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان کي هڪالي ڪڍان، ۽ اوهين ۽ اُهي نبي بہ، جي اوهان وٽ نبوت ٿا ڪن، چٽ ٿي وڃو.
16
مون ڪاهنن ۽ انهي سڄي قوم کي بہ چيو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جا نبي، جي نبوت ڪري اوهان کي چون ٿا تہ ڏسو، خداوند جي گهر جا ٿانوَ هاڻي سگهو ئي بابل مان موٽائي آندا ويندا، تن جون ڳالهيون نہ ٻڌو: ڇالاءِ جو اُهي اوهان کي ڪوڙي ڳالهہ نبوت ڪري ٿا ٻڌائين.
17
انهن جي نہ ٻڌو؛ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري ڪريو تہ جيئرا رهو: ڇو هي شهر ويران ٿئي؟
18
پر جي هو نبي آهن، ۽ خداوند جو ڪلام وٽن آهي تہ تڏهن هاڻي لشڪرن جي خداوند وٽ شفاعت ڪن، تہ جيڪي ٿانوَ خداوند جي گهر ۾ ۽ يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾، ۽ يروشلم ۾ بچيل آهن، سي بابل ڏي نہ وڃن.
19
ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند ٿنڀن بابت، ۽ سمنڊ بابت، ۽ پاون بابت، ۽ هن شهر ۾ جيڪي باقي ٿانوَ رهيل آهن،
20
جي بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر تڏهن کڻي نہ ويو جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ يڪونياہ بن يهويقيم کي، ۽ يهوداہ، ۽ يروشلم جي سڀني اميرن کي يروشلم مان بابل ڏي قيد ڪري ويو:
21
هائو، لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، اهي جيڪي ٿانوَ خداوند جي گهر ۾ ۽ يروشلم ۾ باقي بچيا آهن، تن بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ
22
اُهي بابل ڏي کڄي ويندا ۽ اُهي انهي ڏينهن تائين اُتي رهندا، جنهن ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن جي خبر لهندس، پوءِ آءٌ هنن کي موٽائي آڻيندس ۽ هن هنڌ رکندس.
← Chapter 26
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 28 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52