bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 25
Jeremiah 25
Sindhi Bible
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 26 →
1
اُهو ڪلام جو يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين سال ۾ يهوداہ جي ماڻهن جي نسبت ۾ يرمياہ تي نازل ٿيو؛ اُهو ئي ساڳيو بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جو پهريون سال هو؛
2
۽ اُهو يرمياہ نبيءَ يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ٻڌايو ۽ چيائين، تہ
3
يهوداہ جي بادشاهہ يوسياہ بن آمون جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ ورهيہ گذريا آهن، تن ۾ خداوند جو ڪلام مون وٽ آيو آهي ۽ مون صبح جو سوير اُٿي اوهان کي ٻڌايو آهي؛ پر اوهان نہ ٻڌو.
4
۽ خداوند اوهان ڏي صبح جو سوير اٿي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن؛ پر اوهان نہ ٻڌو آهي نہ ٻڌڻ لاءِ اوهان پنهنجو ڪن ڏنو؛
5
انهيءَ چيو تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان ۽ پنهنجي ڪمن جي خرابيءَ کان باز اچي، ۽ جيڪا زمين خداوند قديم وقت کان هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي تنهن ۾ رهي:
6
اوهين ٻين معبودن جي عبادت ڪرڻ ۽ انهن کي سجدي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان نہ وڃو، ۽ پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي ڪاوڙ نہ ڏياريو؛ ۽ آءٌ اوهان کي ڪو ايذاءُ نہ پهچائيندس.
7
انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي آهي؛ انهي لاءِ تہ پنهنجن هٿن جي ڪمن سان مون کي ڪاوڙ ڏياري پاڻ کي نقصان پهچايو.
8
تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون،
9
تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.
10
تنهن کان سواءِ آءٌ هنن مان سرهائي جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز، جنڊن جو آواز، ۽ ڏيئي جو سوجهرو ڪڍي ڇڏيندس.
11
۽ هي سڄو ملڪ ويران ۽ حيرت جو سبب ٿيندو؛ ۽ اُهي قومون ستر ورهيہ بابل جي بادشاهہ جي غلامي ڪنديون.
12
۽ جڏهن ستر ورهيہ پورا ٿيندا تڏهن خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو جو آءٌ بابل جي بادشاهہ ۽ انهي قوم ۽ ڪسدين جي ملڪ کي سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهي زمين کي هميشہ لاءِ ويران ڪندس.
13
۽ آءٌ انهي زمين تي اُهي سڀ ڳالهيون آڻيندس جي انهن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪيون آهن، يعني اُهي سڀ جي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن، جي يرمياہ سڀني قومن جي برخلاف نبوت ڪري ٻڌايون آهن.
14
ڇالاءِ جو گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ انهن کان، هائو، انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري وٺندا: ۽ آءٌ انهن کي سندن ڪمن موجب ۽ سندن دستڪاريءَ موجب بدلو ڏيندس.
15
ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جو خدا، مون کي هيئن ٿو فرمائي، تہ منهنجي هٿان هن ڪاوڙ جي شراب جو پيالو وٺي انهن سڀني قومن کي وڃي پيار جن ڏي آءٌ توکي موڪليان ٿو.
16
۽ هو پيئندا، ۽ هيڏي هوڏي آٿڙندا ۽ مست ٿيندا، انهيءَ ترار جي سبب جا آءٌ انهن ۾ موڪليندس.
17
تڏهن مون خداوند جي هٿان پيالو ورتو، ۽ جن قومن ڏي خداوند مون کي موڪليو هو تن سڀني کي مون انهي مان پياريو:
18
يعني يروشلم ۽ يهوداہ جي شهرن، ۽ ان جي بادشاهن، ۽ ان جي اميرن کي، انهي لاءِ تہ انهن کي ويران ڪري، ۽ حيرت، ۽ شوڪار، ۽ لعنت جو سبب ڪري؛ جيئن ڪہ اڄوڪي ڏينهن آهي؛
19
مصر جي بادشاهہ فرعون، ۽ انهي جي نوڪرن، ۽ انهي جي اميرن، ۽ انهي جي سڄي قوم کي؛
20
۽ سڀني گڏيلن ماڻهن کي، عوض جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ فلستين جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ اسقلون، ۽ غزہ، ۽ عقرون، ۽ اشدود جي باقي بچيلن کي؛
21
ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون کي؛
22
۽ صور جي سڀني بادشاهن کي، ۽ صيدا جي سڀني بادشاهن کي، ۽ سمنڊ جي هن ڀر جيڪو ٻيٽ آهي تنهن جي سڀني بادشاهن کي؛
23
ددان، ۽ تيما، بوز، ۽ انهن سڀني کي جي پنهنجن وارن جون ڪنڊون ٿا ڪوڙائين؛
24
۽ سڀني عربستان جي بادشاهن کي، ۽ جيڪي گڏيل قومون بيابان ۾ رهن ٿيون تن جي سڀني بادشاهن کي؛
25
۽ زمريءَ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ عيلام جي سڀني بادشاهن کي، ۽ ميدين جي سڀني بادشاهن کي؛
26
۽ اُتر جي سڀني بادشاهن کي، جي ويجهو ۽ پري آهن يا هڪٻئي سان گڏ آهن؛ ۽ زمين جي سطح تي دنيا جون جيڪي بادشاهتون آهن تن کي: ۽ انهن کان پوءِ شيشڪ جو بادشاهہ پيئندو.
27
۽ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ تون انهن کي چئُہ، تہ اوهين پيو ۽ مست ٿيو ۽ قئي ڪريو، ۽ ڪري پئو ۽ جيڪا ترار آءٌ اوهان ۾ موڪليندس تنهنجي سبب وري نہ اُٿو.
28
۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو تنهنجي هٿان پيئڻ لاءِ پيالي وٺڻ کان انڪار ڪندا تہ پوءِ تون هنن کي چئُہ تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين ضرور پيئندا.
29
ڇالاءِ جو ڏسو، جيڪو شهر منهنجي نالي سان ٿو سڏجي، تنهن ۾ آءٌ خرابي ڪرڻ شروع ٿو ڪريان، تہ ڇا اوهين سزا کائڻ کان صاف ڇٽي ويندا؟ اوهين سزا کان ڇٽي نہ ويندا: ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند فرمائي ٿو، تہ آءٌ زمين جي سڀني رهاڪن تي ترار آڻيندس.
30
تنهن ڪري تون انهن سڀني جي برخلاف هنن ڳالهين جي نبوت ڪر، ۽ انهن کي چئُہ تہ خداوند مٿان گجندو، ۽ پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو؛ هو پنهنجي چراگاهہ جي برخلاف زور سان گجندو؛ هو زمين جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو جهڙي ڊاک لتاڙڻ وارا ڪندا آهن.
31
بلڪ زمين جي ڪناري تائين هڪل ايندي؛ ڇالاءِ جو خداوند کي قومن سان جهيڙو ڪرڻو آهي، ۽ هو سڀني انسانن سان حجت دليل ڪندو؛ باقي شريرن جي نسبت ۾ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ انهن کي ترار جي حوالي ڪري ڇڏيندس.
32
لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، هڪڙي قوم کان ٻي قوم ڏي خرابي نڪري پکڙندي ويندي، ۽ زمين جي ازحد ڀاڱن کان هڪڙو وڏو طوفان اُٿاريو ويندو.
33
۽ انهي ڏينهن خداوند جا ڪُٺل زمين جي هڪڙي ڪناري کان وٺي ٻئي ڪناري تائين هوندا: انهن تي ڪوبہ ماتم ڪونہ ڪندو ۽ نہ انهن کي گڏ ڪري دفن ڪندا: اُهي زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا هوندا.
34
اي ڌنار، واويلا مچايو ۽ دانهن ڪريو؛ اي گلي جا سردار، اوهين خاڪ ۾ ليٽو؛ ڇالاءِ جو اوهان جي ڪوس جا ڏينهن اچي ڀريا آهن، ۽ آءٌ اوهان کي ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ اوهين هڪڙي نازڪ ٿانوَ وانگي ڪري پوندا.
35
۽ ڌنارن کي ڀڄڻ جو ڪوبہ رستو ڪونہ ٿيندو ۽ نہ گلي جي سردارن کي نڪرڻ جو.
36
اِجهو ڌنارن جي رڙين، ۽ گلي جي سردارن جي واويلا جو آواز! ڇالاءِ جو خداوند هنن جي چراگاهہ ويران ڪري ٿو ڇڏي.
37
۽ جيڪي سلامت هئا سي خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ سبب چپ ڪرايا ويا آهن.
38
هن شينهن وانگي پنهنجي ڏر ڇڏي ڏني آهي! ڇالاءِ جو هنن جو ملڪ زبردست ترار جي سختيءَ ڪري ۽ انهي جي خوفناڪ ڪاوڙ ڪري، حيرت جو سبب ٿي پيو آهي.
← Chapter 24
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 26 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52