bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 18
Jeremiah 18
Sindhi Bible
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 19 →
1
خداوند جو ڪلام جو يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ
2
اُٿ ۽ ڪنڀار جي گهر وڃ جتي آءٌ توکي پنهنجون ڳالهيون ٻڌائيندس.
3
تڏهن آءٌ ڪنڀار جي گهر ويس، ۽ ڏس هن چڪ تي پنهنجو ڪم ويٺي ڪيو.
4
۽ جيڪو ٿانوَ هن مٽيءَ مان ويٺي جوڙيو سو جڏهن انهي ڪنڀار جي هٿ ۾ کري پيو، تڏهن جيئن انهي ڪنڀار کي چڱو نظر آيو تيئن هن انهي جي بدران ٻيو ٿانوَ جوڙيو.
5
تڏهن خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
6
خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان سان ائين نہ ٿو ڪري سگهان ڇا، جيئن هيءُ ڪنڀار ٿو ڪري؟ ڏس، اي اسرائيل جا گهراڻا، جيئن مٽي ڪنڀار جي هٿ ۾ آهي تيئن اوهين منهنجي هٿ ۾ آهيو.
7
جنهن وقت آءٌ ڪنهن قوم جي نسبت ۾، ۽ ڪنهن بادشاهت جي نسبت ۾، اُن جي پٽي ڪڍڻ، ۽ ڀڃي ڊاهي وجهڻ، ۽ ناس ڪرڻ لاءِ ڪي ڳالهائيندس؛
8
جي اها قوم، جنهن جي نسبت مون ڪي ڳالهايو هوندو، سا پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي، تہ پوءِ اُنهن کي جنهن خرابي پهچائڻ جو خيال ڪيو هوندم سا نہ پهچائيندس.
9
۽ جنهن وقت آءٌ ڪنهن قوم جي نسبت ۾، ۽ ڪنهن بادشاهت جي نسبت ۾، ان جي اڏڻ ۽ ڄمائڻ جي لاءِ ڪي ڳالهائيندس؛
10
انهي وقت جي اُها قوم منهنجي ڏسندي ڪا بڇڙائي ڪندي ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيندي، تہ پوءِ جنهن چڱائيءَ جي وسيلي فائدي پهچائڻ لاءِ کين چيو هوم تنهن کان آءٌ ڦرندس.
11
تنهن ڪري هاڻي وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي مخاطب ٿي چئُہ، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ اوهان جي برخلاف خرابي ٿو آڻيان ۽ اوهان جي برخلاف هڪڙي تجويز ٿو رٿيان: اوهان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچي، ۽ پنهنجي رستن ۽ ڪمن کي سڌاري.
12
پر هو چون ٿا تہ ڪابہ اميد ڪانهي: ڇالاءِ جو اسين پنهنجن تجويزن تي هلنداسين، ۽ اسان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي دل جي نٺرائي موجب ڪم ڪندو.
13
تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي اوهين قومن ۾ پڇا ڪرايو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؛ اسرائيل جي ڪنواريءَ هڪڙو تمام هيبتناڪ ڪم ڪيو آهي.
14
لبنان جي برف، جا ٽڪر تان ميدان ۾ وهي ٿي سا ڪڏهن بند ٿي ويندي ڇا؟ يا ٿڌو پاڻي جو پري کان اچي ٿو سو سڪي ويندو ڇا؟
15
پر منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي، هنن باطل شين لاءِ لوبان ساڙيو آهي؛ ۽ هن انهن کي سندن واٽن ۾، يعني قديم رستن تي گمراهہ ڪيو، تہ هو گس وٺي وڃن، ۽ انهي رستي تي هلن جو ٺاهيو نہ ويو آهي،
16
تہ پنهنجي ملڪ کي ويران ۽ هميشہ جي لاءِ شوڪار جو باعث بنائين؛ جيڪو بہ اتان لنگهندو سو حيران ٿيندو ۽ پنهنجو سر ڌوڻيندو.
17
آءٌ هنن کي دشمنن جي اڳيان ائين پکيڙي ڇڏيندس جيئن اُڀرندي جي واءُ سان؛ آءٌ مصيبت جي ڏينهن هنن جي پٺ ڏسندس ۽ نہ هنن جو منهن.
18
تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.
19
اي خداوند، مون ڏي ڌيان ڪر، ۽ جيڪي مون سان وڙهن ٿا تن جو آواز ٻڌ.
20
ڀلائيءَ بدران ڪا برائي ڪئي ويندي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن منهنجي جان جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ياد ڪر تہ ڪيئن مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن جي سفارش ڪئي، تہ تنهنجي ڪاوڙ هنن تان ٽاري ڇڏيان.
21
تنهن ڪري سندن اولاد ڏڪار کي ڏيئي ڇڏ، ۽ کين ترار جي طاقت جي حوالي ڪري ڇڏ؛ ڀلي تہ هنن جون زالون بي اولاد ۽ بيوہ ٿين؛ ڀلي تہ هنن جا مرد ماڻهو ڪُسي وڃن، ۽ هنن جا جوان ماڻهو جنگ ۾ ترار سان مارجي وڃن.
22
ڀلي تہ هنن جي گهرن مان تڏهن دانهن نڪري جڏهن تون اوچتو مٿن هڪڙو لشڪر آڻي ڪڙڪائين: ڇالاءِ جو هنن مون کي پڪڙڻ جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي پيرن جي لاءِ ڦندا رکي ڇڏيا اٿن.
23
هائو، اي خداوند، توکي خبر آهي تہ هنن منهنجي قتل ڪرڻ لاءِ ڪهڙي صلاح ڪئي آهي؛ هنن جي بدڪاري معاف نہ ڪر، نڪي هنن جو گناهہ پنهنجي نظر کان لڪائي ڇڏ: بلڪ هنن کي پنهنجي اڳيان اونڌو ڪري ڪيراءِ، پنهنجي ڪاوڙ جي وقت هنن سان جوڳي هلت ڪر.
← Chapter 17
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 19 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52