bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 16
Jeremiah 16
Sindhi Bible
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 17 →
1
خداوند جو هي ڪلام بہ مون تي نازل ٿيو، تہ
2
تون پنهنجي لاءِ ڪا زال نہ ڪج ۽ نڪي هن هنڌ توکي ڌيئون ۽ پٽ ٿين.
3
ڇالاءِ جو جيڪي پٽ ۽ ڌيئون هن هنڌ ڄايون آهن، ۽ جن زالن انهن کي ڄڻيو آهي، ۽ جن مان اُهي پيدا ٿيا آهن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي:
4
تہ هو خوفناڪ موت مرندا، هنن تي رئڻ پٽڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هوندو، ۽ نہ هنن کي ڪو دفن ڪندو، ۽ هو زمين جي مٿان ڇيڻي وانگي پيا رهندا: ۽ هو ترار ۽ ڏڪار سان ماري کپايا ويندا؛ ۽ هنن جا مڙهہ آسمان جي پکين ۽ زمين جي مرن جو قوت ٿيندا.
5
ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ تون ماتم ڪندڙ جي گهر ۾ نہ گِهڙ؛ نہ ماتم ڪرڻ لاءِ وڃ، ۽ نہ هنن جي لاءِ ڪو افسوس ڪر: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون هن قوم تان خير سلامتي، بلڪ محبت جهڙي مهرباني ۽ مروت کڻي ورتي آهي.
6
وڏا توڙي ننڍا هن زمين ۾ مرندا: اُهي دفن نہ ڪيا ويندا، ۽ نہ ماڻهو انهن جي لاءِ ماتم ڪندا، ۽ نہ پاڻ کي زخمي ڪندا، ۽ نہ انهن جي لاءِ پاڻ کي مُنڊائيندا:
7
نڪي ماڻهو هنن جي لاءِ ماتم جي وقت ماني ڀڃندا، انهي لاءِ تہ مئن جي لاءِ هنن کي تسلي ڏين: نڪو ماڻهو هنن کي سندن پيءُ ۽ سندن ماءُ جي لاءِ دلاسي جو پيالو پياريندا.
8
۽ تون خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ هنن سان گڏ نہ ويهي کائج پيئج.
9
ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ تنهنجن اکين آڏو ۽ تنهنجن ڏينهن ۾ هن هنڌ تان خوشيءَ جو آواز ۽ سرهائيءَ جو آواز، گهوٽ جو آواز ۽ ڪنوار جو آواز بند ڪرائي ڇڏيندس.
10
۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪري ٻڌائيندين، ۽ هو توکي چوندا تہ ڇالاءِ خداوند هيڏي ساري خرابي اسان تي نازل ڪئي آهي؟ يا اسان جو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ يا اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي؟
11
تڏهن تون هنن کي چئج تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ انهيءَ جو سبب هي آهي، تہ اوهان جي ابن ڏاڏن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان ويا آهن، ۽ انهن جي عبادت ڪئي اٿن، ۽ انهن کي سجدو ڪيو اٿن، ۽ مون کي ڇڏي ڏنو اٿن. ۽ منهنجي شريعت تي عمل نہ ڪيو اٿن؛
12
۽ اوهان پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ خرابي ڪئي آهي؛ ڇالاءِ جو ڏسو، اوهان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي دل جي نٺرائي موجب ٿو هلي، جنهن ڪري اوهين منهنجي نٿا ٻڌو:
13
تنهن ڪري آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي اُنهيءَ ملڪ ۾ اُڇلائيندس، جنهن جي اوهان کي خبر ئي ڪانهي، نڪي اوهان کي، نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي؛ ۽ اُتي اوهين ڏينهن رات ٻين معبودن جي عبادت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي ڪابہ مهرباني ڪانہ ڏيکاريندس.
14
تنهن ڪري خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن وري اڳتي چوڻ ۾ نہ ايندو تہ انهي جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي مصر جي زمين مان ڪڍي آندو؛
15
پر هيئن چوڻ ۾ ايندو تہ انهيءَ جيئري خداوند جو قسم جنهن بني اسرائيل کي اُتر واري زمين مان، ۽ جن جن ملڪن ۾ هن انهن کي هڪالي موڪليو هو انهن مان، کين ڪڍي آندو: ۽ آءٌ انهن کي وري بہ سندن انهي ملڪ ۾ آڻيندس جو مون سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو هو.
16
ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻن مهاڻن کي گهرائيندس، ۽ هو انهن کي ڦاسائيندا؛ ۽ پوءِ آءٌ گهڻا شڪاري گهرائيندس، ۽ اُهي سڀ ڪنهن جبل تان، ۽ سڀ ڪنهن ٽڪريءَ ۽ ٽڪرن جي چرن مان انهن کي هڪالي شڪار ڪندا.
17
ڇالاءِ جو منهنجون اکيون هنن جي سڀني رستن تي آهن: هو منهنجي منهن کان لڪل نہ آهن، نڪي هنن جي بدڪاري منهنجي اکين کان لڪل آهي.
18
۽ پهرين آءٌ هنن جي بدڪاري ۽ گناهہ جو ٻيڻو بدلو ڏيندس؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين جي مڙهن سان منهنجي زمين کي پليت ڪيو آهي، ۽ منهنجي ميراث کي پنهنجن نفرت جهڙين شين سان ڀري ڇڏيو اٿن.
19
اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.
20
ڪو ماڻهو پنهنجي لاءِ اهڙا ڪي معبود جوڙيندو ڇا، جي حقيقت ڪري خدا ناهن؟
21
تنهن ڪري ڏس، آءٌ هنن کي ڄاڻائيندس، هن ڀيري پنهنجو هٿ ۽ پنهنجو زور هنن کي ڄاڻائيندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ منهنجو ئي نالو يهوواہ آهي.
← Chapter 15
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 17 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52