bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 19
Jeremiah 19
Sindhi Bible
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 20 →
1
خداوند هيئن فرمايو تہ وڃي ڪنڀر جي جوڙيل هڪڙي مٽيءَ جي صراحي خريد ڪر، ۽ قوم جي بزرگن، ۽ ڪاهنن جي بزرگن مان ڪن کي پاڻ سان وٺ؛
2
۽ بن هنوم جي وادي، جا ڪنڀارن جي دروازي جي لنگهہ وٽ آهي، تنهن ڏي نڪري وڃ، ۽ اُتي جيڪي ڳالهيون آءٌ توسان ڪريان سي تون پڌريون ڪر:
3
۽ چئُہ، تہ اي يهوداہ جا بادشاهہ ۽ يروشلم جا رهاڪو، اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو؛ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هن هنڌ تي اهڙي آفت آڻيندس جو جيڪو انهي جو ذڪر ٻڌندو تنهنجا ڪن پيا ٻرندا.
4
ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هن جاءِ کي ناپاڪ ڪيو اٿن، ۽ انهي ۾ انهن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي جن معبودن جي نہ کين، نہ سندن ابن ڏاڏن کي ۽ نہ يهوداہ جي بادشاهن کي خبر هئي؛ ۽ هن جاءِ کي بي گناهہ ماڻهن جي رت سان ڀري ڇڏيو اٿن؛
5
۽ بعل جي واسطي مٿانهان مڪان ٺاهيا اٿن، انهي لاءِ تہ پنهنجن پٽن کي سوختني قربانيءَ لاءِ بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙين؛ جڏهن تہ مون اهڙو حڪم ڪونہ ڏنو، ۽ نہ ڪو ذڪر ڪيم، ۽ نہ ڪو اهڙو خيال منهنجي دل ۾ آيو:
6
تنهن ڪري ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن هن هنڌ کي وري توفت، يا بن هنوم جي وادي نہ سڏيندا، پر ڪوس جي وادي سڏيندا.
7
۽ آءٌ هن هنڌ يهوداہ ۽ يروشلم جي صلاح مصلحت باطل ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي اڳيان ترار سان ۽ جيڪي سندن ساهہ جا ڳولائو آهن تن جي هٿان مارائي وجهندس: ۽ هنن جا مڙهہ آءٌ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ڪري ڇڏيندس.
8
۽ آءٌ هن شهر کي هڪڙي عبرت ۽ شوڪار جو باعث بنائيندس؛ جيڪو انهي وٽان لنگهندو سو حيرت ۾ پوندو، ۽ ان جي سڀني آفتن جي سبب شوڪارا ڀريندو.
9
۽ آءٌ هنن کي سندن پٽن جو گوشت ۽ سندن ڌيئن جو گوشت کارائيندس، ۽ جنهن گهيري ۽ تنگيءَ سان هنن جا دشمن ۽ هنن جي ساهہ جا طالب، هنن کي تنگ ڪندا، تنهن ۾ هنن مان هرڪو پنهنجي دوست جو گوشت کائيندو.
10
تڏهن جيڪي ماڻهو توسان هلن تن جي روبرو تون اُها صراحي ڀڃج،
11
۽ هنن کي چئج تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن قوم ۽ هن شهر کي ائين ڀڃندس جيئن ڪو ٺڪر جو ٿانو ڀڃي، جو وري سڄو ڪري نہ سگهجي: ۽ هو انهن کي توفت ۾ دفن ڪندا، جيستائين ڪ دفن ڪرڻ جي جاءِ ڪانہ رهندي.
12
خداوند ٿو فرمائي تہ هن هنڌ سان، ۽ انهي جي رهاڪن سان بہ آءٌ ائين ڪندس، يعني هن شهر کي توفت جهڙو ڪندس:
13
۽ يروشلم جا گهر ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا گهر، جي ناپاڪ ٿيا آهن، سي توفت جي جاءِ جهڙا ٿيندا؛ يعني اُهي سڀ گهر جن جي ڀتين تي هنن آسمان جي سڄي لشڪر لاءِ لوبان ساڙيو آهي، ۽ پيئڻ واريون قربانيون معبودن لاءِ اوتيون اٿن،
14
تڏهن يرمياہ توفت مان نڪتو، جتي خداوند هن کي نبوت ڪرڻ لاءِ موڪليو هو؛ ۽ هو خداوند جي گهر جي ايوان ۾ بيهي سڀني ماڻهن کي چوڻ لڳو، تہ
15
لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن شهر تي ۽ ان جي ٻين سڀني شهرن تي اُها آفت نازل ڪندس، جنهن جي اچڻ جي، مون اڳيئي خبر ڏني هئي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي گردن سخت ڪئي آهي، تہ منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌن.
← Chapter 18
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 20 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52