bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 35
Jeremiah 35
Sindhi Bible
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 36 →
1
يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي ڏينهن ۾ جيڪو خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو سو هي آهي، تہ
2
ريڪابين جي گهر وڃ ۽ انهن سان ڪلام ڪر، ۽ انهن کي خداوند جي گهر جي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ آڻي شراب پيارين.
3
تڏهن مون يازنياہ بن يرمياہ، بن حبصنياہ، ۽ سندس ڀائرن، ۽ سندس سڀني پٽن کي، ۽ ريڪابين جي ساري گهراڻي کي پاڻ سان آندو.
4
۽ خداوند جي گهر ۾ خدا جي بندي حنان بن يجدلياہ جي پٽن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيو سان، جا اميرن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربان مسعياہ بن سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي:
5
۽ مون ريڪابين جي گهراڻي جي پٽن جي اڳيان شراب سان ڀريل دُنگڙيون ۽ پيالا رکيا، ۽ چيو مان تہ اوهين شراب پيو.
6
پر هنن چيو تہ اسين شراب ڪين پيئنداسين؛ ڇالاءِ جو يوناداب بن ريڪاب، اسان جي پيءُ اسان کي حڪم ڏئي چيو تہ اوهين يا اوهان جا پٽ، ڪڏهن بہ شراب متان پيو:
7
نڪي اوهين گهر جوڙجو، يا ٻج پوکجو، يا ڊاک جو منهہ لڳائجو يا انهن جا مالڪ ٿجو: پر اوهين پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن تنبن ۾ رهجو؛ تہ جنهن زمين ۾ مسافر آهيو، تنهن ۾ گهڻن ڏينهن تائين رهو.
8
۽ اسان پنهنجي پيءُ يوناداب بن ريڪاب جو حڪم مڃيو، ۽ جن ڳالهين جي اسان کي تاڪيد ڪئي هئائين سي مڃيونسين، يعني تہ اسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون سڄي عمر شراب نہ پيئون؛
9
نڪي گهر جوڙي انهن ۾ رهون: نڪي ڊاک جا منهہ يا ٻنيون يا ٻج رکون:
10
پر اسين تنبن ۾ پئي رهيا آهيون، ۽ جيڪو حڪم اسان جي پيءُ يوناداب اسان کي ڏنو تنهن موجب سڀ ڪجهہ فرمانبردار ٿي پئي ڪيو اٿئون.
11
پر هيئن ٿيو تہ جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر هن ملڪ ۾ آيو تڏهن اسان چيو تہ اچو تہ ڪسدين جي لشڪر جي ڊپ کان ۽ ارامين جي لشڪر جي ڊپ کان يروشلم ڏي هلون: تنهن ڪري اسين يروشلم ۾ رهندا اچون.
12
تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ
13
لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي چئُہ تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين نصيحت وٺي منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌندا ڇا؟
14
يوناداب بن ريڪاب جن ڳالهين جو حڪم پنهنجن پٽن کي ڏنو تہ شراب نہ پيئجو تن تي هو تعميل ڪندا اچن، ۽ اڄ ڏينهن تائين هو شراب نٿا پيئن، ڇالاءِ جو هو پنهنجي پيءُ جي حڪم جا تابع آهن: پر مون صبح جو سوير اُٿي اوهان سان ڳالهايو آهي؛ ۽ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي آهي.
15
مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.
16
يوناداب بن ريڪاب جي پٽن کي جيڪو سندن پيءُ حڪم ڏنو هو سو هنن بجا آندو، پر هن قوم منهنجو حڪم نہ ٻڌو؛
17
تنهن ڪري خداوند، جو لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا آهي، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس، جا هنن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪئي آهي: ڇالاءِ جو مون هنن کي ٻڌايو آهي پر هنن نہ ٻڌو آهي؛ ۽ مون هنن کي سڏيو آهي پر هنن جواب ڪونہ ڏنو آهي.
18
۽ يرمياہ ريڪابين جي گهراڻي کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان پنهنجي پيءُ يوناداب جو حڪم مڃيو آهي، ۽ ان جون سڀ وصيتون بجا آنديون آهن، ۽ جيئن هن اوهان کي حڪم ڏنو تيئن هر طرح ڪيو آهي؛
19
تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ يوناداب بن ريڪاب کي ڪڏهن بہ اهڙي ماڻهوءَ جي کوٽ نہ ٿيندي جو منهنجي اڳيان بيهي.
← Chapter 34
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 36 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52