bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Jeremiah 46
Jeremiah 46
Sindhi Bible
← Chapter 45
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 47 →
1
خداوند جو اهو ڪلام جو قومن جي نسبت ۾ يرمياہ نبيءَ وٽ آيو:
2
مصر بابت: فرعون نڪوہ، مصر جي بادشاهہ جي لشڪر جي نسبت ۾، جو ڪرڪميس ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هو، جنهن کي يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي چوٿين ورهيہ ۾ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر شڪست ڏني.
3
اوهين ڍال ۽ سپر گهرائي وٺو، ۽ جنگ ڪرڻ لاءِ ويجها اچو.
4
اي گهوڙيسوارو گهوڙن تي سنج وجهو، ۽ اُٿو ۽ پنهنجا جنگي ٽوپ ڍڪي نڪري بيهو؛ نيزن کي ملي صاف ڪريو، زرهون ڍڪيو.
5
ڇو مون اهو ڏٺو آهي؟ هو ڊڄي پٺ تي موٽي ويا آهن؛ ۽ هنن جا بهادر مرد شڪست کائي ويا آهن، ۽ اهڙا جلد ڀڄي ويا آهن جو پٺ تي ئي نٿا نهارين: خداوند ٿو فرمائي، تہ هر طرف خوف آهي.
6
جو تکو آهي سو ڀڄي نہ وڃي، ۽ جو زور وارو آهي سو نڪري نہ وڃي؛ اُتر ۾ فرات نديءَ جي ڪنڌن تي هو آٿڙجي ڪِريا آهن.
7
اهو ڪير آهي جو نيل نديءَ وانگي چڙهندو اچي، جنهن جو پاڻي ندين وانگي اُٿلندو اچي؟
8
مصر نيل نديءَ وانگي چڙهي ٿو، ۽ ان جو پاڻي ندين وانگي اُٿلي ٿو: ۽ اُهو چوي ٿو تہ آءٌ چڙهندس، ۽ زمين کي ڍڪي ڇڏيندس؛ آءٌ شهر کي ۽ ان جي ماڻهن کي ناس ڪندس.
9
اي گهوڙا اوهين ڪاهي وڃو؛ ۽ اي گاڏيون، اوهين ڪڙڪو ڪريو؛ ڀلي تہ بهادر مرد وڌي اڳتي وڃن: ڪوش ۽ فوت، جي سپر کڻن ٿا؛ ۽ لودي جي ڪمان کڻن ٿا.
10
ڇالاءِ جو اهو ڏينهن، يعني خداوند لشڪرن جي خدا جو ڏينهن، وير وٺڻ جو ڏينهن آهي، انهي لاءِ تہ هو پنهنجي دشمنن کان وير وٺي: ۽ ترار کائي ويندي ۽ ڍءُ ڪندي، ۽ هنن جي رت مان پنهنجو پيٽ ڀريندي: ڇالاءِ جو خداوند، لشڪرن جي خداوند لاءِ اُتر واري ملڪ ۾ فرات نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي قرباني ٿيڻي آهي.
11
اي مصر جي ڪنواري ڌيءَ، تون جلعاد ۾ وڃي ملم وٺ: گهڻيون دوائون اجايون ٿي ڪم آڻين؛ تنهنجي لاءِ ڇٽڻ ڪونهي.
12
قومن تنهنجي خواريءَ جو ذڪر پڌرو ڪيو آهي ۽ زمين تنهنجي دانهن سان ڀرجي ويئي آهي: ڇالاءِ جو هڪڙو بهادر مرد ٻئي بهادر مرد تي آٿڙجي پيو آهي، ۽ ٻئي گڏ ڪِري پيا آهن.
13
بابل جو بادشاهہ نبوڪدرضر ڪيئن اچي مصر جي زمين کي شڪست ڏيندو، تنهن بابت جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ نبيءَ وٽ آيو سو هي آهي.
14
اوهين مصر ۾ ظاهر ڪريو، ۽ مجدال ۾ پڌرائي ڪريو، ۽ نوف ۽ تحفنحيس ۾ اشتهار ڪريو: اوهين چئو تہ نڪري اچ ۽ پاڻ کي تيار رک؛ ڇالاءِ جو ترار تنهنجي آس پاس کائي ويئي آهي.
15
ڇو تنهنجا مضبوط ماڻهو ٻهارجي ويا آهن؟ هو بيٺا ئي ڪين، ڇالاءِ جو خداوند هنن کي هڪالي ڪڍيو.
16
هن گهڻن کي آٿڙائي وڌو، هائو، هو هڪ ٻئي تي ڪري پيا: ۽ چوڻ لڳا تہ اُٿو تہ هن ظلم ڪندڙ ترار کان نڪري وڃي پنهنجي قوم ڏي ۽ پنهنجي وطن ڏي هلون.
17
اُتي هو وڏي سڏ چوڻ لڳا تہ مصر جو بادشاهہ فرعون رڳو ڳالهيون آهي؛ هن مقرر ڪيل وقت کي گذاري ڇڏيو.
18
اُهو بادشاهہ، جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي سو فرمائي ٿو، تہ منهنجي حيات جو قسم آهي، تہ جيئن تبور جبلن ۾، ۽ جيئن ڪرمل سمنڊ جي ڪناري تي، تيئن ضرور هو ايندو.
19
اي ڌيءَ، تون جا مصر ۾ رهين ٿي، سا قيد ۾ وڃڻ لاءِ پاڻ کي تيار رک: ڇالاءِ جو نوف ويران ٿيندو، ۽ ساڙيو ويندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ بچندو.
20
مصر ڏاڍي سهڻي گابي آهي؛ پر اُتر مان خرابي اچي ٿي، اُها اڳ ئي هن تي آئي آهي.
21
منجهس جيڪي ڀاڙي ڪيل ماڻهو آهن سي بہ آهري جي گابن وانگي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي پٺ تي موٽيا آهن، اُهي گڏجي اُٿي ڀڳا آهن، اهي بيٺا ئي ڪين: ڇالاءِ جو سندن مصيبت جو ڏينهن اچي بيٺو آهي، يعني سندن سزا جو وقت.
22
انهن جو آواز ڀڄندڙ نانگ وانگي ايندو، ڇالاءِ جو هو لشڪرن سان ڪوچ ڪندا، ۽ ڪاٺيرن وانگي ڪهاڙا کڻي اُن تي ڪاهي ايندا.
23
خداوند ٿو فرمائي تہ هو انهي جو ٻيلو وڍي ڇڏيندا، جيتوڻيڪ انهن ۾ ڪوبہ گهڙي ڳولا ڪري نٿو سگهي: ڇالاءِ جو اُهي مڪڙن کان بہ گهڻا آهن، بلڪ بيشمار آهن.
24
مصر جي ڌيءَ شرمندي ڪئي ويندي؛ اُها اُتر وارن ماڻهن جي هٿ ۾ ڏني ويندي.
25
لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ نوَ واري امون، ۽ فرعون، ۽ مصر کي سندس معبودن ۽ سندس بادشاهن سان گڏ سزا ڏيندس؛ يعني فرعون کي ۽ انهي کي جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.
26
۽ آءٌ هنن کي سندن جانين جي ڳوليندڙن جي هٿن ۾، ۽ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾، ۽ سندس نوڪرن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ تنهن کان پوءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اُهو وري وسندو جيئن قديم زماني ۾ هوندو هو.
27
پر اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون ڊڄ نہ، اي اسرائيل، خوف نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڏس، آءٌ توکي ڏورانهين ملڪ کان بچائيندس ۽ تنهنجي نسل کي سندن قيد جي ملڪ کان: ۽ يعقوب موٽي ايندو ۽ ماٺ ۽ آرام ۾ رهندو، ۽ ڪوبہ نہ ڊيڄاريندس.
28
خداوند ٿو فرمائي تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون نہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: ڇالاءِ جو جن قومن ڏي مون توکي هڪالي ڪڍيو آهي تن سڀني جي آءٌ اصل پڄاڻي ڪندس؛ پر آءٌ تنهنجي پڄاڻي نہ ڪندس؛ مگر آءٌ توکي عدالت سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.
← Chapter 45
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 47 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52