bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 1
Ezekiel 1
Sindhi Bible
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 2 →
1
ٽيهين ورهيہ ۾، چوٿين مهيني جي پنجين تاريخ هيئن ٿيو، تہ جنهن وقت آءٌ ڪبار نديءَ جي ڪناري تي قيدين منجهہ هوس، انهي وقت آسمان کُلي پيو ۽ مون خدا جا رويا ڏٺا.
2
يهوياڪين بادشاهہ جي قيد جي پنجين ورهيہ ۾، انهي مهيني جي پنجين تاريخ،
3
ڪبار نديءَ جي ڪناري تي، ڪسدين جي ملڪ ۾ خداوند جو ڪلام ظاهر ظهور حزقي ايل بن بوزي ڪاهن تي نازل ٿيو، ۽ اُتي خداوند جو هٿ هن تي هو.
4
۽ مون نهاريو تہ اُتر مان هڪڙي طوفان جهڙي واچ نڪتي، ۽ هڪڙو وڏو ڪڪر جنهن ۾ ڄڻ تہ باهہ ويڙهي پئي هئي، ۽ انهي جي چوڌاري روشنائي هئي، ۽ انهي جي وچان، يعني باهہ جي وچ مان عنبير رنگ جهڙي روشنائي نڪتي.
5
۽ انهيءَ جي وچ مان چئن ساهہ وارن جي شڪل ڏسڻ ۾ آئي، ۽ انهن جي صورت انسان جي شڪل جهڙي هئي.
6
۽ انهن مان هرهڪ کي چار منهن هئا ۽ هرهڪ کي چار پر هئا.
7
۽ انهن جون ٽنگون سڌيون هيون؛ ۽ انهن جي پيرن جي تري گابي جي کر جهڙي هئي: ۽ اهي چمڪندڙ پتل وانگي پئي چمڪيا.
8
۽ انهن جي چئني پاسي سندن پرن هيٺ ماڻهوءَ جهڙا هٿ هئا: ۽ انهن چئني جا منهن ۽ پر ههڙا هئا؛
9
يعني هنن جا پر هڪٻئي سان ڳنڍيل هئا؛ هلندي اُهي مڙيا نٿي؛ انهن مان هرڪو سڌو اڳتي ٿي هليو ويو.
10
باقي هنن جي منهن جي شڪل ماڻهوءَ جي منهن جهڙي هئي: ۽ انهن چئني جو منهن سڄي پاسي شينهن جهڙو هو؛ ۽ انهن چئني جو منهن کٻي پاسي ڏاند جهڙو هو؛ انهن چئني جو منهن باز جهڙو بہ هو.
11
۽ انهن جا منهن ۽ انهن جا پر مٿي ڌار ڌار هئا؛ هرهڪ جا ٻہ ٻہ پر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل هئا، ۽ ٻن ٻن سان هنن جا بت ڍڪيل هئا.
12
۽ انهن مان هرڪو سڌو اڳتي هليو پئي ويو، جيڏانهن هلڻ جي مرضي ٿين تيڏانهن هو پئي ويا، ۽ هلندي اُهي مڙيا نٿي.
13
باقي انهن ساهہ وارن جي شڪل باهہ جي ٽانڊن جهڙي هئي، ۽ مشعلن وانگي ٿي ڏسڻ ۾ آئي؛ اُها باهہ انهن ساهہ وارن منجهہ پي چڙهي ۽ لٿي؛ ۽ اُها باهہ چمڪندڙ هئي ۽ انهي باهہ مان وڄ پي نڪتي.
14
۽ اُهي ساهہ وارا وڄ جي تجلي وانگر ڊوڙندا ۽ موٽندا ڏسڻ ۾ آيا.
15
هاڻي جيئن مون انهن ساهہ وارن کي ڏٺو، تيئن زمين تي انهن جي ڀرسان، انهن جي چئن منهن موجب هرهڪ لاءِ هڪڙو ڦيٿو نظر آيو.
16
انهن ڦيٿن جي شڪل ۽ انهن جي بناوٽ فيروزيءَ جي رنگ جهڙي هئي: ۽ اُهي چارئي هڪڙي ڊول جا هئا: ۽ انهن جي شڪل ۽ انهن جي بناوٽ ڄڻ تہ ڦيٿي جي اندر ڦيٿو هئي.
17
جڏهن هو هليا ٿي تڏهن پنهنجن چئن پاسن تي ٿي هليا: هلڻ مهل هو ڦريا نٿي.
18
باقي انهن جا پاٽا سي اوچا ۽ خوفناڪ هئا؛ ۽ انهن چئني ڦيٿن جي پاٽن ۾ چوڌاري اکيون ئي اکيون هيون.
19
۽ جڏهن اُهي ساهہ وارا هليا ٿي، تڏهن اُهي ڦيٿا سندن پاسن کان ٿي هليا: ۽ جڏهن اُهي ساهہ وارا زمين تان مٿي کڄيو ٿي ويا، تڏهن ڦيٿا بہ مٿي کڄيو ٿي ويا.
20
جيڏانهن روح ٿي ويو اوڏانهن هو ٿي ويا؛ روح بہ اوڏانهن ٿي ويو: ۽ ڦيٿا ان جي پاسي کان مٿي ٿي کڄيا، ڇالاءِ جو انهن ساهہ وارن جو روح انهن ڦيٿن ۾ هو.
21
جڏهن هو ٿي هليا تڏهن هي بہ ٿي هليا؛ جڏهن هو ٿي بيٺا تڏهن هي بہ ٿي بيٺا؛ ۽ جڏهن هو زمين تان مٿي ٿي کڄيا تڏهن ڦيٿا بہ انهن جي پاسي کان مٿي ٿي کڄيا: ڇالاءِ جو ساهہ وارن جو روح ڦيٿن ۾ هو.
22
۽ ساهہ وارن جي مٿي جي مٿان گنبذ وانگر هڪڙو آسمان هو؛ جنهن جو رنگ خوفناڪ بلور جهڙو هو، جو انهن جي مٿن جي مٿان پکڙيل هو.
23
۽ انهي آسمان هيٺان انهن جا پر سنوان هئا، هڪڙو ٻئي ڏانهن: هرهڪ کي ٻہ ٻہ هئا جن انهي جي بت جو هي پاسو ٿي ڍڪيو، ۽ هرهڪ کي ٻہ ٻہ هئا جن انهي جي بت جو هُو پاسو ٿي ڍڪيو.
24
۽ جڏهن هو هليا ٿي تڏهن هنن جي پرن جو آواز گهڻي پاڻيءَ جي آواز جهڙو ٿي ٻڌڻ ۾ آيو، يعني قادر مطلق جي آواز جهڙو، يا لشڪر جي گوڙ ۽ هل هنگامي جو آواز: جڏهن هو بيٺا ٿي تڏهن هنن پنهنجا پر لاڙي ٿي ڇڏيا.
25
۽ جيڪو آسمان انهن جي مٿي جي مٿان هو، تنهن جي مٿان هڪڙو آواز ٿي آيو: جڏهن هو بيٺا ٿي، تڏهن هنن پنهنجا پر لاڙي ٿي ڇڏيا.
26
۽ جيڪو آسمان انهن جي مٿن جي مٿان هو، تنهن جي مٿان تخت جهڙي هڪڙي شيءِ هئي، جا نيلم پهڻ جهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي: ۽ انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي ماڻهوءَ جهڙي شڪل ڏسڻ ۾ ٿي آئي.
27
۽ مون انهي منجهہ چوڌاري هن جي چيلهہ ۽ ان کان مٿي واري صورت مان عنبير رنگ جهڙي باهہ ڏٺي؛ ۽ هن جي چيلهہ ۽ ان کان هيٺ ڄڻ تہ باهہ جي صورت مون ڏٺي، ۽ هن جي چوڌاري روشنائي هئي.
28
آس پاس واري روشنائي اهڙي ٿي ڏسڻ ۾ آئي جهڙي مينهن واري ڏينهن ڪڪر ۾ ڪمان جي شڪل ۾ ڏسڻ ۾ اچي. خداوند جي جلال جي شڪل اهڙي ڏسڻ ۾ ٿي آئي. ۽ جڏهن مون اهو ڏٺو، تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس، ۽ مون هڪڙي ڳالهائيندڙ جو آواز ٻڌو.
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 2 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48