bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 3
Ezekiel 3
Sindhi Bible
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 4 →
1
۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڏسين ٿو سو کائي وڃ؛ هيءَ ويڙهي کاءُ، پوءِ وڃي اسرائيل جي گهراڻي سان ڳالهاءِ.
2
تڏهن مون وات پٽيو ۽ هن مون کي اُها ويڙهي کارائي.
3
۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ ويڙهي جا آءٌ توکي ڏيان ٿو، تنهن سان پنهنجو پيٽ ڀر. تڏهن مون اُها کاڌي؛ ۽ اُها منهنجي وات کي اهڙي مٺي لڳي جهڙي ماکي.
4
۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تون اسرائيل جي گهراڻي ۾ وڃ ۽ منهنجون ڳالهيون انهن کي ٻڌاءِ.
5
ڇالاءِ جو تون ڪنهن ڌاريءَ ٻوليءَ ۽ مشڪل زبان واري قوم وٽ موڪليو نٿو وڃين، پر اسرائيل جي گهراڻي وٽ؛
6
نہ ڌاريءَ ٻوليءَ ۾ مشڪل زبان وارين گهڻين قومن ڏانهن جن جون ڳالهيون تون سمجهي نہ سگهين. يقيناً جي آءٌ توکي انهن وٽ موڪليان تہ جيڪر هو تنهنجي ٻڌن.
7
پر اسرائيل جو گهراڻو تنهنجي نہ ٻڌندو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي ٻڌڻ نٿا گهرن: ڇا اسرائيل جي گهراڻي وارا سڀ سخت پيشاني ۽ سنگدل آهن.
8
ڏس، مون تنهنجي منهن کي هنن جي منهن جي مقابلي ۾ سخت ڪيو آهي ۽ تنهنجي پيشاني هنن جي پيشانين جي مقابلي ۾ سخت ڪئي اٿم.
9
چقمق جي پهڻن کان بہ وڌيڪ، بلڪ هيري وانگي مون تنهنجي پيشاني ڪئي آهي: هنن کان نہ ڊڄ، نہ هنن جا منهن ڏسي هراسان ٿيءُ، جيتوڻيڪ اُهو باغي گهراڻو آهي.
10
هيترو بہ وڌيڪ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، جيڪي ڳالهيون آءٌ توکي ٻڌايان تن کي پنهنجيءَ دل ۾ جاءِ ڏي ۽ اُهي ڪَن ڏيئي ٻُڌ.
11
۽ وڃ انهن قيدين کي، يعني پنهنجي قوم جي ماڻهن کي وڃي چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي؛ پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن.
12
تڏهن روح مون کي مٿي کنيو ۽ مون پنهنجي پٺيان هڪڙو وڏو سٽڪي جهڙو آواز ٻڌو، جنهن چيو تہ شل خداوند جو جلال پنهنجي جاءِ تي مبارڪ هجي.
13
۽ مون انهن ساهہ وارن جي پرن جي هڪ ٻئي کي لڳڻ جو آواز ۽ انهن جي پاسي کان ڦيٿن جو آواز ٻڌو، جو وڏي سٽڪي جهڙو آواز هو.
14
انهيءَ طرح روح مون کي مٿي کڻي هليو ويو: ۽ آءٌ تلخيءَ ۾، ۽ پنهنجي اندر جي جوش ۾ هليو ويس، ۽ خداوند جو هٿ مون تي مضبوط هو.
15
تنهن کانپوءِ آءٌ تل ابيب ۾ قيدين وٽ ويس، جي ڪبار نديءَ جي ڪناري تي رهندا هئا، ۽ آءٌ ستن ڏينهن تائين انهن منجهہ حيران ٿيو ويٺو هوس.
16
۽ ستن ڏينهن گذرڻ کانپوءِ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو تہ
17
اي آدمزاد، مون توکي اسرائيل جي گهراڻي لاءِ نگهبان بنايو آهي: تنهنڪري منهنجي واتان هي ڪلام ٻڌ ۽ منهنجي طرفان هنن کي خبردار ڪر.
18
جڏهن آءٌ ڪنهن شرير کي چوان تہ تون ضرور مرندين؛ ۽ تون هن کي خبردار نہ ڪرين، ۽ شرير کي سندس شرارت واري رستي کان خبردار ٿيڻ لاءِ نہ سمجهائين تہ هن جي حياتي بچي؛ تڏهن اُهو ساڳيو شرير ماڻهو پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مرندو، پر ان جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس.
19
پر جي تون انهي شرير کي خبردار ڪندين ۽ هو پنهنجي شرارت کان يا پنهنجي خراب رستي کان باز نہ ايندو، تہ پوءِ هو ضرور پنهنجي بدڪاريءَ ۾ مرندو؛ پر تو پنهنجي جان بچائي آهي.
20
وري جڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي اڳيان آٿڙائڻ جو پهڻ رکان ٿو تہ اُهو مرندو؛ ڇالاءِ جو تو هن کي خبردار نہ ڪيو آهي، تنهنڪري هو پنهنجي گناهہ ۾ مرندو، ۽ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن سي ياد ڪيا نہ ويندا؛ پر هن جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس.
21
پر جي تون سچي ماڻهوءَ کي خبردار ڪندين تہ هو گناهہ نہ ڪري، ۽ هو گناهہ نہ ڪندو، تہ پوءِ هو ضرور جيئرو رهندو، ڇالاءِ جو هو خبردار ٿيو؛ ۽ تو پنهنجي جان بچائي آهي.
22
۽ اُتي خداوند جو هٿ مون تي هو، ۽ هن مون کي چيو تہ اُٿ، نڪري ميدان ۾ وڃ تہ اُتي آءٌ توسان ڳالهايان.
23
تڏهن آءٌ اُٿيس ۽ نڪري ميدان ۾ ويس: تہ ڏسان تہ خداوند جو اهڙو جلال اُتي بيٺو آهي جهڙو جلال ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺو هوم: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس.
24
تڏهن روح مون ۾ گهڙي آيو، ۽ مون کي اُٿاري پيرن ڀر بيهاريائين؛ ۽ هن مون سان ڳالهايو ۽ مون کي چيائين تہ وڃي پاڻ کي پنهنجي گهر ۾ بند ڪري ڇڏ.
25
پر اي آدمزاد، ڏس، هو توتي بند رکندا، ۽ انهن سان توکي ٻَڌندا، ۽ تون انهن جي وچ ۾ انهن وٽ ٻاهر نہ ويندين.
26
آءٌ تنهنجي زبان تنهنجي تارونءَ سان چنبڙائي ڇڏيندس، جنهنڪري تون گونگو ٿيندين، ۽ هنن کي نصيحت ڪري نہ سگهندين: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.
27
پر جڏهن آءٌ توسان ڳالهائيندس، تڏهن آءٌ تنهنجو وات پٽيندس ۽ پوءِ تون هنن کي چئج تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن کي ٻڌڻو هجي سو ٻڌي؛ ۽ جيڪو نہ ٻڌي سو ڀلي تہ نہ ٻڌي: ڇالاءِ جو اُهو باغي گهراڻو آهي.
← Chapter 2
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 4 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48