bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 38
Ezekiel 38
Sindhi Bible
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 39 →
1
۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
2
اي آدمزاد، تون پنهنجو رخ جوج ڏانهن ڪر، جو ماجوج جي زمين ۾ آهي، ۽ روش، مسڪ ۽ توبل جو بادشاهہ آهي، ۽ انهي جي برخلاف نبوت ڪر،
3
۽ چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، اي روش، مسڪ ۽ توبل جا بادشاهہ جوج، آءٌ تنهنجي برخلاف آهيان.
4
آءٌ توکي ڦيرائيندس ۽ تنهنجي ڄاڙ ۾ ڪُنڍا وجهندس ۽ توکي، توڙي تنهنجي سڄي لشڪر کي، گهوڙن ۽ گهوڙي سوارن کي، جي سڀ زرهہ سان ڍڪيل هوندا، ۽ هڪڙي وڏي سپر ۽ ڍال واري ٽوليءَ کي، ۽ سڀني ترار مارڻ وارن کي گهلي ٻاهر ڪڍندس:
5
۽ انهن سان گڏ فارس، ڪوش ۽ فوطہ کي، جي سڀ سپرن ۽ جنگي ٽوپن سان آهن:
6
۽ جمر ۽ انهي جي سڀني ٽولين کي؛ اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن ۾، تجرماہ ۽ انهي جي سڀني ٽولين کي: مطلب تہ توسان گڏ گهڻين قومن کي ڪڍندس.
7
تون تيار رهہ، هائو، پاڻ کي تيار رک، تون ۽ تنهنجون سڀ ٽوليون، جي تو وٽ اچي گڏ ٿيون آهن، ۽ تون انهن جو سنڀاليندڙ ٿيءُ.
8
گهڻن ڏينهن کان پوءِ تون ياد ڪيو ويندين ۽ پوين سالن ۾ تون انهي زمين ۾ ايندين جا ترار کان ڇڏائي ويئي آهي، ۽ انهي جا ماڻهو قومن مان گڏ ڪيا ويندا، ۽ اسرائيل جي جبلن تي، جي ويران آهن، انهن تي چڙهي ايندا ۽ اُهي سڀ سلامتيءَ سان رهندا.
9
۽ تون چڙهندين، تون طوفان وانگر ايندين، تون ڪڪر وانگي اچي زمين کي ڍڪيندين، نہ رڳو تون پر تنهنجون سڀ ٽوليون، ۽ توسان گڏ گهڻيون ٻيون قومون بہ اينديون.
10
خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو، تہ ڪي ڳالهيون تنهنجي دل ۾ اينديون، ۽ تون هڪڙي خراب رٿ رٿيندين.
11
۽ تون چوندين تہ آءٌ انهن ڏانهن ويندس جي آرام ۾ آهن ۽ سلامتيءَ سان ٿا رهن؛ جي سڀ ڀِتين، ۽ درن، ۽ گزن کان سواءِ رهن ٿا؛ ۽ آءٌ انهي کليل ملڪ ۾ ويندس:
12
تہ لٽ جو مال ۽ شڪار هٿ آڻيان؛ ۽ پنهنجو هٿ انهن ويران جاين تي کڻان جي هاڻي وسندڙ آهن؛ ۽ انهن ماڻهن تي کڻان جي ٻين قومن مان گڏ ڪيا ويا آهن ۽ ملڪ جي وچ ۾ رهن ٿا، ۽ جن وٽ چوپايو مال ۽ ٻيون شيون آهن.
13
سبا ۽ ددان، ۽ ترسيس جا سوداگر پنهنجي سڀني جوان شينهن سان توکي چوندا تہ تون لٽ جو مال ڦرڻ آيو آهين ڇا؟ تو چاندي ۽ سون، چوپايو مال ۽ ٻين شين جي لٽ جو گهڻو مال کڻي وڃڻ لاءِ، ۽ شڪار هٿ ڪرڻ لاءِ، پنهنجو ميڙ گڏ ڪيو آهي ڇا؟
14
تنهنڪري، اي آدمزاد، نبوت ڪر، ۽ جوج کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن جڏهن منهنجي قوم اسرائيل سلامتيءَ سان رهڻ لڳندي، تڏهن توکي انهي جي خبر نہ پوندي ڇا؟
15
۽ تون اُتر جي تمام پرانهن ڀاڱن واري جاءِ مان گهوڙن تي چڙهيل، هڪڙي وڏي جماعت ۽ هڪڙي زبردست لشڪر سان گڏ اُٿندين:
16
۽ تون منهنجي قوم اسرائيل تي ائين چڙهي ايندين جيئن بادل زمين کي ڍڪي ڇڏي؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ هيئن ٿيندو تہ آءٌ توکي پنهنجي زمين تي چاڙهي آڻيندس تہ قومون مون کي سڃاڻن، ۽ آءٌ هنن جي اکين اڳيان، اي جوج، تنهنجي ڪري پاڪ ظاهر ٿيندس.
17
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تون اُهو آهين ڇا جنهن جي بابت مون قديم زماني ۾ پنهنجي بندن نبين جي معرفت ڳالهايو، جن اُنهن ڏينهن ۾ گهڻن سالن تائين نبوت ڪري چيو، تہ آءٌ توکي هنن تي چاڙهي آڻيندس؟
18
۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ جڏهن جوج اسرائيل جي ملڪ تي چڙهي ايندو، تڏهن منهنجي ڪاوڙ جو جوش منهنجين ناکوٽين ۾ چڙهي ايندو.
19
ڇالاءِ جو مون پنهنجي غيرت ۾، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي جوش ۾ ڳالهايو آهي، ۽ چيو آهي تہ يقيناً انهي ڏينهن اسرائيل جي ملڪ ۾ هڪڙو وڏو زلزلو پئجي ويندو؛
20
جنهنڪري سمنڊ جون مڇيون ۽ هوا جا پکي، ۽ جهنگ جا جانور، ۽ سڀ سرڻا جي زمين تي سُرن ٿا، ۽ سڀ ماڻهو جي زمين تي آهن، سي منهنجي اڳيان ڏڪندا، ۽ جبل هيٺ ڪري پوندا، ۽ وڏيون جايون ۽ ڀِتيون زمين تي هيٺ ڪري پونديون.
21
۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ هن تي پنهنجن سڀني جبلن تان هڪڙي ترار ڪوٺيندس: هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس ڀاءُ تي وهندي.
22
۽ آءٌ مري ۽ خونريزيءَ سان هن کي سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هن تي قهر جو مينهن وسائيندس، ۽ هن جي ٽولين تي، ۽ جيڪي گهڻيون قومون ساڻس هيون تن تي سخت وسڪارا، ۽ وڏا ڳڙا، ۽ باهہ، ۽ گندڪ وسائيندس.
23
۽ آءٌ پنهنجي وڏائي ۽ پاڪيزگي ظاهر ڪندس، ۽ گهڻين قومن جي نظر ۾ پاڻ کي مشهور ڪندس؛ ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
← Chapter 37
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 39 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48