bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 41
Ezekiel 41
Sindhi Bible
← Chapter 40
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 42 →
1
پوءِ هن مون کي هيڪل ۾ آندو ۽ ٿنڀن جي ماپ ڪيائين، تہ انهي جي ويڪر ڇهہ هٿ هِن پاسي ٿي ۽ ڇهہ هٿ هُن پاسي، ۽ اها تنبوءَ جي ويڪر هئي.
2
در جي ويڪر ڏهہ هٿ هئي؛ ۽ در جا پاسا پنج هٿ هڪڙي پاسي، ۽ پنج هٿ ٻئي پاسي هئا: ۽ هن انهي جي ڊيگهہ بہ ماپي تہ چاليهہ هٿ ٿي، ۽ ويڪر ويهہ هٿ.
3
پوءِ هو اندر ويو ۽ در جو هرهڪ ٿنڀ ماپيائين، تہ ٻہ هٿ ٿيو: ۽ در ڇهہ هٿ ٿيو؛ ۽ در جي ويڪر ست هٿ ٿي.
4
۽ هن انهي جي ڊيگهہ هيڪل جي اڳيان ماپي تہ ويهہ هٿ ٿي، ۽ ويڪر بہ ويهہ هٿ ٿي: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ تمام پاڪ جاءِ آهي.
5
پوءِ هن گهر جي ڀت ماپي تہ ڇهہ هٿ ٿي؛ ۽ سڀ ڪنهن پاسي واري ڪوٺيءَ جي ويڪر گهر جي چوڌاري سڀ ڪنهن پاسي چار هٿ ٿي.
6
۽ پاسي وارين ڪوٺين جا ٽي طبقا هئا، هڪٻئي جي مٿان، ۽ قطار ۾ ٽيهہ: ۽ اُهي اُنهي ڀت ۾ گهڙي ٿي ويا جا چوڌاري پاسي وارين ڪوٺين جي لاءِ گهر کي ڏنل هئي، انهي لاءِ تہ اُهي انهي ۾ مضبوط رهن ۽ گهر جي ڀت ۾ نہ رهن.
7
۽ اُهي پاسي واريون ڪوٺيون، جيئن گهر جي چوڌاري مٿي ٿي ويون، تيئن وڌيڪ ڪشاديون ٿي ٿيون؛ ڇالاءِ جو گهر جو گهيرو گهر جي چوڌاري جيئن پوءِ تيئن مٿي ٿيندو ٿي ويو: تنهنڪري گهر جي ويڪرائي مٿي هلندي ويئي. انهي ڪري ماڻهو هيٺين ڪوٺيءَ مان وچين ڪوٺيءَ کان لنگهي، پوءِ مٿين ڪوٺيءَ تائين چڙهي ٿي سگهيو.
8
مون هي بہ ڏٺو تہ گهر جو فرش چوڌاري ٿلهي وارو هو: پاسي وارين ڪوٺين جو بنياد هڪڙو سڄو ڪانو، ڇهن وڏن هٿن جو هو.
9
جيڪا ڀت پاسي وارين ڪوٺين جي لاءِ هئي تنهن جي ٿولهہ ٻاهران پنج هٿ هئي: ۽ جيڪا خالي ڇڏيل هئي سا پاسي وارين ڪوٺين جي جاءِ هئي، جا گهر جي لاڳو هئي.
10
۽ ڪوٺين جي وچ ۾، گهر جي چوڌاري سڀ ڪنهن پاسي ويهن هٿن جي وڇوٽي هئي.
11
۽ پاسي وارين ڪوٺين جا در خالي پيل جاءِ ڏانهن هئا، هڪڙو در اُتر ڏانهن، ۽ ٻيو در ڏکڻ ڏانهن: ۽ خالي پيل جاءِ جي ويڪر چوڌاري پنج هٿ هئي.
12
۽ الهندي ڏانهن پاسي تي جيڪا عمارت هئي سا جدا جاءِ جي اڳيان هئي، ۽ ستر هٿ ويڪري هئي؛ ۽ انهي عمارت جي ڀت چوڌاري پنج هٿ ٿلهي هئي، ۽ ان جي ڊيگهہ نوي هٿ هئي.
13
انهي طرح هن گهر جي ماپ ڪئي، جو هڪ سؤ هٿ ڊگهو هو؛ ۽ اُها جدا جاءِ ۽ عمارت ڀتين سميت، هڪ سؤ هٿ ڊگهي هئي.
14
۽ گهر توڙي انهي جدا جاءِ جي منهن جي ويڪر، اُڀرندي ڏانهن هڪ سؤ هٿ هئي.
15
۽ هن، جيڪا علحدي عمارت پٺيان هئي، تنهن جي اڳيان انهي عمارت ۽ انهي جي ٻنهي پاسن وارن ورانڊن جي ماپ ڪئي تہ ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هئي: ۽ اندرين هيڪل ۽ ايوان جا اڳ وارا دالان؛
16
چانئٺيون ۽ بند ٿيل دريون، ۽ ٽنهي طبقن جي چوڌاري ورانڊا، چانئٺ جي آمهون سامهون چوڌاري ڪاٺ سان مڙهيل هئا، ۽ اُهي زمين کان وٺي درين تائين مڙهيل هئا؛ ۽ دريون ڍڪيل هيون؛
17
هاڻي سردر تائين، بلڪ اندرين گهر تائين، ۽ ٻاهران چوڌاري سڄي ڀت، اندر ۽ ٻاهر، ماپ موجب هئا.
18
۽ اُهي ڪروبين ۽ کجيءَ جي وڻن سان سينگاريل هئا؛ هڪڙي ڪروبيءَ ۽ ٻئي ڪروبيءَ جي وچ ۾ هڪڙو کجيءَ جو وڻ هو، ۽ هر هڪ ڪروبيءَ کي ٻہ منهن هئا؛
19
اهڙي طرح ماڻهوءَ جو منهن هڪڙي پاسي کجيءَ جي وڻ ڏانهن هو، ۽ جوان شينهن جو منهن ٻئي پاسي کجيءَ جي وڻ ڏانهن هو: انهي طرح سڄي گهر جي چوڌاري اُهي جڙيل هئا.
20
زمين کان وٺي در جي چوٽيءَ تائين ڪروبي ۽ کجيءَ جا وڻ جڙيل هئا: هيڪل جي ڀت انهي طرح جي هئي.
21
باقي هيڪل، سو انهي جي در جا ٿنڀ چورس ٺاهيل هئا؛ ۽ پاڪ مڪان جو منهن ظاهري صورت ۾، هيڪل جي ظاهري صورت جهڙو هو.
22
قربانگاهہ ڪاٺ جي هئي، ۽ ٽي هٿ اوچي ۽ ٻہ هٿ ڊگهي هئي؛ ۽ انهي جون ڪُنڊون ۽ انهي جي ڊيگهہ، ۽ انهي جون ڀتيون ڪاٺ جون هيون: ۽ هن مون کي چيو تہ هيءَ اُها ميز آهي جا خداوند جي اڳيان آهي.
23
۽ هيڪل ۽ پاڪ مڪان کي ٻہ در هئا.
24
۽ درن کي ٻہ ٻہ طاق هئا، ٻئي ڦرندڙ طاق هئا، ۽ ٻہ طاق هڪڙي در لاءِ ۽ ٻہ طاق ٻئي در لاءِ هئا.
25
انهن تي هيڪل جي درن جي مٿان ڪروبي ۽ کجيءَ جا وڻ جڙيل هئا، جهڙا ڀتين تي جڙيل هئا؛ ۽ ٻاهر دالان جي اڳئين پاسي تي، ٿلها شهتير هئا.
26
اڳين دالان جي پاسن تي هڪڙي پاسي ۽ ٻئي پاسي بہ، بند ٿيل دريون ۽ کجيءَ جا وڻ هئا. گهر جون پاسي واريون ڪوٺيون ۽ ٿلها شهتير انهي طرح جا هئا.
← Chapter 40
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 42 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48