bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 45
Ezekiel 45
Sindhi Bible
← Chapter 44
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 46 →
1
تنهن کانسواءِ جڏهن اوهين ورثي جي لاءِ ڪُڻن سان زمين ورهائيندا، تڏهن زمين جو هڪڙو حصو پاڪ ڪري خداوند جي لاءِ وقف جو نذرانو ڪري ڏجو: ان جي ڊيگهہ پنجويهہ هزار ڪانا هجي، ۽ ويڪر ڏهہ هزار: اُها چوڌاري ان جي سرحدن ۾ پاڪ ٿيندي.
2
انهي مان پاڪ جاءِ جي لاءِ پنج سؤ ڪانا ڊيگهہ ۽ پنج سؤ ويڪر، چوڌاري چورس ٿيندي؛ ۽ ان جي پسگردائي لاءِ چوڌاري پنجاهہ هٿ ٿيندا.
3
۽ هن ماپ جا تون پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾، ۽ ڏهہ هزار ويڪر ۾ ماپج؛ ۽ انهي ۾ پاڪ مڪان ٿيندو جو تمام پاڪ آهي.
4
اهو زمين جو هڪڙو پاڪ حصو آهي؛ اهو ڪاهنن، يعني تمام پاڪ مڪان جي خدمتگارن لاءِ رهندو؛ اها هنن جي گهرن جي جاءِ ٿيندي، ۽ پاڪ مڪان جي لاءِ هڪڙي پاڪ جاءِ ٿيندي.
5
۽ پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾ ٻہ هزار ويڪر ۾، لاوين، يعني گهر جي خدمتگارن جي لاءِ ٿيندا، جي هنن جو خاص حصو ٿيندا؛ ۽ اُها ويهن ڪوٺين جي لاءِ جاءِ ٿيندي.
6
۽ شهر جو حصو اوهين پنج هزار ويڪرو ۽ پنجويهہ هزار ڊگهو، وقف واري پاڪ حصي سان لڳولڳ مقرر ڪجو: اُهو اسرائيل جي سڄي گهراڻي لاءِ ٿيندو.
7
۽ جيڪو حصو بادشاهہ جو ٿيندو سو وقف واري پاڪ حصي جي هِن پاسي ۽ هُن پاسي شهر جي حصي جي اڳيان ٿيندو؛ الهندي ڏانهن الهندي پاسي، ۽ اُڀرندي ڏانهن اُڀرندي پاسي ٿيندو؛ ۽ ڊيگهہ ۾ اُلهندي واري حد کان وٺي، اُڀرندي واري حد تائين، حصن مان هڪڙي جي موافق ٿيندو.
8
اُنهي زمين ۾، اُها اسرائيل ۾ سندس موروثي ملڪيت ٿيندي، ۽ منهنجا بادشاهہ وري اڳتي منهنجي قوم تي ظلم نہ ڪندا، پر هو اها زمين اسرائيل جي گهراڻي کي سندن فرقن موجب ڏيندا.
9
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا بادشاهہ اوهان جي لاءِ بس آهي، ظلم ۽ ڦرلٽ ڇڏي ڏيو، ۽ عدل ۽ انصاف ڪريو؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي قوم تان پنهنجون تنگ طلبيون لاهي ڇڏيو.
10
اوهين پوري ساهمي، ۽ پورو ايفہ، ۽ پورو بٿ رکو.
11
ايفہ ۽ بٿ هڪڙي ئي وزن جو هئڻ گهرجي؛ بٿ خومر جو ڏهون حصو هجي، ۽ ايفہ بہ خومر جو ڏهون حصو هجي: انهي جو وزن خومر موجب هجي.
12
۽ شيڪل ۾ ويهہ جيرا هئڻ گهرجن: ويهہ شيڪل، پنجويهہ شيڪل، ۽ پندرهن شيڪل اوهان جو مانہ ٿيندو.
13
اهو آهي نذرانو جو اوهين پيش ڪندا؛ ڪڻڪ جي خومرن مان ايفہ جو ڇهون حصو، ۽ جَوَن جي خومرن مان ايفہ جو ڇهون حصو اوهين ڏيندا:
14
۽ تيل جو ٺهرايل حصو، يعني ڪر مان بٿ جو ڏهون حصو آهي، ۽ ڪر ڏهن بٿن جي برابر آهي، يعني خومر جي برابر؛ ڇالاءِ جو خومر ۾ ڏهہ بٿ آهن:
15
۽ اسرائيل جي ساون چراگاهن مان، کاڌي جي ۽ ساڙڻ واري ۽ سلامتيءَ جي قربانين لاءِ، ٻن سوَن جي ڌڻ مان هڪڙو گهيٽو، تہ انهن جو ڪفارو ٿئي؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.
16
ملڪ جا سڀ ماڻهو اسرائيل جي حاڪم لاءِ اهو نذرانو ڏيندا.
17
۽ پوءِ اهو انهي حاڪم جو فرض ٿيندو تہ سوختني قربانيون کاڌي جون قربانيون ۽ پيئڻ واريون قربانيون، عيدن تي، ۽ نوَن چنڊن تي، ۽ سبتن تي، ۽ اسرائيل جي گهراڻي جي مقرر ڪيل سڳورن ڏينهن تي ڏئي: هو گناهہ جي قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سوختني قرباني، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون تيار ڪندو، انهي لاءِ تہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ڪفارو ٿئي.
18
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ پهرين مهيني جي پهرين تاريخ، تون هڪڙو بي عيب وهڙو وٺج؛ ۽ پاڪ مڪان کي صاف ڪج.
19
۽ ڪاهن گناهہ جي قربانيءَ جو رت کڻي گهر جي در جي ٿنڀن تي، ۽ قربانگاهہ جي طاقيءَ جي چئني ڪُنڊن تي، ۽ اندرئين ايوان جي در جي ٿنڀن تي ڇاٽاري.
20
انهي طرح ستين تاريخ بہ، سڀ ڪنهن قصور وار ۽ ڀورڙي جي لاءِ بہ ڪجو، ۽ انهي طرح اوهين گهر جو ڪفارو ڏجو.
21
پهرين مهيني جي چوڏهين تاريخ اوهين ست ڏينهن برابر فسح جي عيد ڪجو؛ فقط اڻ خميري ماني کائجو.
22
۽ انهي ڏينهن بادشاهہ پنهنجي لاءِ، ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن لاءِ، هڪڙو ڍڳو گناهہ جي قربانيءَ واسطي تيار ڪندو.
23
۽ عيد وارا ست ئي ڏينهن، هر روز ست بي عيب ڍڳا، ۽ ست گهٽا خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ واسطي هو تيار ڪندو، ۽ هر روز هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ بہ.
24
۽ کاڌي جي قرباني لاءِ هڪڙو ايفہ هڪ ڍڳي پٺيان، ۽ هڪڙو ايفہ هرهڪ گهٽي پٺيان، ۽ هرهڪ ايفہ جي پٺيان تيل جو هڪڙو هين تيار ڪندو.
25
ستين مهيني جي پندرهين تاريخ بہ، عيد تي هو ستن ڏينهن تائين ساڳيو انهي طرح ڪندو؛ گناهہ جي قربانيءَ، ۽ سوختني ۽ کاڌي واري قربانيءَ ۽ تيل موافق.
← Chapter 44
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 46 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48