bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 17
Ezekiel 17
Sindhi Bible
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 18 →
1
۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
2
اي آدمزاد، هڪڙي پرولي ڪڍ ۽ اسرائيل جي گهراڻي کي اهڙو مثال ٻڌاءِ؛
3
۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هڪڙو وڏو عقاب، وڏن پَرن ۽ ڊگهين کنڀڙاٽين، ۽ گهڻن رنگارنگي کنڀن سان لبنان ۾ آيو، ۽ ديودار جي چوٽيءَ تي اچي ويٺو:
4
۽ هن چوٽيءَ واري ڪومل ٽاري ڇني، ۽ واپار جي ملڪ ۾ کڻي ويو؛ هن اُها سوداگرن جي هڪڙي شهر ۾ آڻي رکي.
5
هن اُنهي زمين جو ٻج بہ کنيو، ۽ اُهو هن هڪڙي ڀلي زمين ۾ پوکيو؛ هن اُهو گهڻي پاڻيءَ جي پاسي کان بيدمنجون جي وڻ وانگر لڳايو.
6
پوءِ اُهو اُڀرڻ لڳو، ۽ هڪڙو ننڍي قد جو پکڙندڙ ڊاک جو وڻ ٿي پيو؛ جنهن جون ٽاريون ڏانهس ڦريون، ۽ انهي جون پاڙون سندس هيٺان هيون: انهي طرح اُهو هڪڙو ڊاک جو منهہ ٿيو، ۽ ڏار ڪڍيائين، ۽ منجهانئس ٽاريون نڪتيون.
7
ٻيو بہ هڪڙو وڏو عقاب، وڏن پَرن ۽ گهڻن کنڀن سان هو: ۽ ڏس، انهي ڊاک جي منهہ پنهنجون پاڙون هن ڏانهن ورايون، ۽ پنهنجي ٻاري مان پنهنجون ٽاريون هن ڏانهن ڪڍيائين، تہ هو کيس پاڻي ڏئي.
8
اُهو چڱي زمين ۽ گهڻي پاڻيءَ جي ڀرسان پوکيل هو تہ گهڻيون ٽاريون ڪڍي، ۽ ڦر جهلي، ۽ سهڻي ڊاک ٿئي.
9
تون چئو تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اهو ڪو وڌندو ڇا؟ ۽ هو انهي جون پاڙون پٽي ۽ انهي جو ڦر وڍي نہ ڇڏيندا ڇا، تہ اهو ڪومائجي وڃي، ۽ ان جا تازا نڪرندڙ پن سُڪي سڙي وڃن؟ ۽ پاڙن کان وٺي انهي کي پَٽي ڪڍڻ لاءِ وڏي زور يا گهڻن ماڻهن جي ضرورت نہ ٿيندي.
10
هائو، ڏس، پوکجڻ کانپوءِ اُهو وڌندو ڇا؟ جڏهن اُڀرندي جو واءُ لڳندس تڏهن اُهو اصل سڙي سُڪي نہ ويندو ڇا؟ اُهو جنهن ٻاري ۾ اُڀريو، اُتي ئي ڪومائجي ويندو.
11
وري بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
12
هاڻي انهي باغي گهراڻي کي چئو، تہ انهن ڳالهين جي معنيٰ اوهين نٿا سمجهو ڇا؟ هنن کي چئو تہ ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم ۾ آيو، ۽ ان جي بادشاهہ ۽ انهي جي اميرن کي پڪڙي بابل ۾ پاڻ وٽ آندائين؛
13
۽ هن شاهي نسل وارن مان هڪڙي کي وٺي، اُنهي سان عهد اقرار ڪيو؛ هن انهي کي قسم هيٺ بہ آندو، ۽ ملڪ جي بهادرن کي بہ هو وٺي ويو:
14
انهي لاءِ تہ ڀلي اها بادشاهت حقير ٿئي، ۽ پنهنجو ڪنڌ مٿي نہ کڻي، پر پنهنجي عهد اقرار جي سنڀال ڪرڻ سان قائم رهي سگهي.
15
پر هو کانئس باغي ٿيو، جو پنهنجا ايلچي مصر ڏانهن موڪليائين تہ کيس گهوڙا ۽ لشڪر ڏين. اُهو ڪو ڪامياب ٿيندو ڇا؟ جيڪو اهڙا ڪم ٿو ڪري سو ڀڄي ڇُٽندو ڇا؟ عهد اقرار ڀڃي پوءِ بہ هو بچندو ڇا؟
16
خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ يقيناً جنهن بادشاهہ هن کي بادشاهہ ڪيو، سو جنهن جاءِ ۾ رهي ٿو، جنهن جي قسم جي هن حقارت ڪئي، ۽ جنهن جو عهد اقرار هن ڀڳو، انهي سان گڏ هو بابل جي وچ ۾ مرندو.
17
نڪي فرعون پنهنجي زور واري لشڪر ۽ وڏي ميڙ سان جنگ ۾ هن لاءِ ڪجهہ ڪندو، کڻي هو بند ٻڌندا ۽ قلعا جوڙيندا، انهي لاءِ تہ گهڻن ماڻهن کي وڍي ڇڏين.
18
ڇالاءِ جو هن عهد اقرار ڀڃڻ سان قسم جي حقارت ظاهر ڪئي آهي؛ ۽ ڏس، هن پنهنجو هٿ ڏنو، تہ بہ اهي سڀ ڪم ڪيا اٿس؛ هو ڪين بچندو.
19
تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ يقيناً هن منهنجي قسم جي حقارت ڪئي آهي، ۽ منهنجو عهد اقرار ڀڳو اٿس، سو آءٌ خود هن جي سر تي انهن جو نتيجو آڻيندس.
20
۽ آءٌ پنهنجو ڄار هن تي پکيڙيندس ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسندو، آءٌ هن کي بابل ۾ آڻيندس، ۽ اُتي جيڪو گناهہ هن منهنجي نافرمانيءَ ڪري ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هن سان بحث ڪندس.
21
هن جي سڀني ٽولين ۾ هن جا جيڪي باقي رهندا، سي سڀ ڪنهن واءُ ڏانهن پکيڙي ڇڏيا ويندا، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ مون خداوند اهو ڪلام ڪيو آهي.
22
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ ديودار جي مٿانهين چوٽيءَ مان ٽاري کڻندس ۽ اُها لڳائيندس؛ آءٌ هن جي چوٽيءَ وارين ننڍين ٽارين مان هڪڙي سنهڙي ٽاري وڍيندس ۽ اُها هڪڙي وڏي ۽ مٿانهين جبل تي پوکيندس:
23
اسرائيل جي مٿانهين جبل تي آءٌ اها پوکيندس: ۽ اُها ڏاريون ڪڍندي، ۽ ڦر جهليندي، ۽ سهڻو ديودار ٿيندي: ۽ انهي جي هيٺان هر ڪنهن قسم جا پکي رهندا؛ ان جي ٽارين جي ڇانوَ ۾ اُهي رهندا.
24
۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڄاڻندا تہ مون، خداوند، اهو وڏو وڻ هيٺ ڪيرايو آهي، ۽ ننڍي وڻ کي وڌائي مٿي ڪيو اٿم؛ ۽ سائي وڻ کي سُڪائي ڇڏيو اٿم، ۽ سُڪل وڻ کي سائو ڪري وڌايو اٿم: مون خداوند اها ڳالهہ ڪئي آهي ۽ اهو ڪم ڪيو اٿم.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48