bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 48
Ezekiel 48
Sindhi Bible
← Chapter 47
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
1
هاڻي انهن فرقن جا نالا هي آهن: اُتر واري پاسي، حتلون جي رستي جي ڀرسان، جماعت جي گهڙڻ واري جاءِ، حصر عينان تائين، جا دمشق جي سرحد وٽ اُتر ڏانهن حمات جي پاسي آهي؛ اهي اُڀرندي کان الهندي تائين؛ دان جو هڪڙو حصو.
2
۽ دان جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان وٺي الهندي پاسي تائين؛ آشر جو هڪڙو حصو.
3
۽ آشر جي حصي جي ڀرسان اُڀرندي جي پاسي کان وٺي الهندي پاسي تائين؛ نفتاليءَ جو هڪڙو حصو.
4
۽ نفتالي جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ منسيءَ جو هڪڙو حصو.
5
۽ منسيءَ جي حد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ افرائيم جو هڪڙو حصو.
6
۽ افرائيم جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ روبن جو هڪڙو حصو.
7
۽ روبن جي حد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين؛ يهوداہ جو هڪڙو حصو.
8
۽ يهوداہ جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين اُهو وقف وارو حصو ٿيندو، جو اوهان کي پيش ڪرڻو ٿيندو، يعني پنجويهہ هزار ڪانا ويڪر ۾، ۽ ڊيگهہ ۾ هڪڙي حصي جيترو، اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين. ۽ پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو.
9
وقف وارو حصو جو اوهان کي خداوند خدا لاءِ ڏيڻو ٿيندو، سو پنجويهہ هزار ڪانا ڊگهو ۽ ڏهہ هزار ڪانا ويڪرو ٿيندو.
10
۽ اهو وقف وارو پاڪ حصو انهن لاءِ، يعني ڪاهنن لاءِ ٿيندو؛ اُتر ڏانهن پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾، اُلهندي ڏانهن ڏهہ هزار ويڪر ۾، ۽ اُڀرندي ڏانهن ڏهہ هزار ويڪر ۾، ۽ ڏکڻ ڏانهن پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾: ۽ خداوند جو پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو.
11
اهو ڪاهنن جي لاءِ ٿيندو، جي صدوق جي پٽن مان پاڪ ڪيا ويا آهن، ۽ جن منهنجن قانونن جي سنڀال پئي ڪئي آهي؛ ۽ جي بني اسرائيل جي گمراهہ ٿيڻ وقت گمراهہ نہ ٿيا؛ جيئن لاوي گمراهہ ٿيا هئا.
12
۽ زمين جي وقف واري حصي مان اهو هنن جي لاءِ هڪڙو نذرانو ٿيندو، جو تمام پاڪ ڄاڻبو، ۽ اُهو لاوين جي حد سان لڳولڳ ٿيندو.
13
۽ ڪاهنن جي سرحد جي سامهون انهي موافق لاوين کي پنجويهہ هزار ڊيگهہ ۾، ۽ ڏهہ هزار ويڪر ۾، حصو ملندو: ڪل ڊيگهہ پنجويهہ هزار ٿيندي ۽ ويڪر ڏهہ هزار.
14
۽ انهي مان هو ڪو حصو وڪڻي نہ سگهندا، ۽ نہ مٽاسٽا ڪري سگهندا، نڪي انهي زمين جو پهريون ڦر ڪنهن کي ڏيئي سگهندا: ڇالاءِ جو اُهو خداوند جي لاءِ پاڪ آهي.
15
۽ جيڪي پنج هزار ويڪر ۽ باقي رهيل آهن، ۽ انهن پنجويهن هزارن جي اڳيان آهن، سي عام خلق جي ڪم لاءِ، ۽ شهر لاءِ، ۽ گهرن ٺاهڻ لاءِ ۽ ٻهراڙين جي لاءِ آهن. شهر انهي جي وچ ۾ ٿيندو.
16
۽ انهي جي ماپ هيءَ آهي؛ اُتر وارو پاسو چار هزار پنج سؤ، ۽ ڏکڻ وارو پاسو چار هزار پنج سؤ، ۽ اُڀرندي پاسي چار هزار پنج سؤ، ۽ اُلهندي پاسي چار هزار پنج سؤ.
17
۽ شهر کي ٻهراڙيون بہ ٿينديون؛ اُتر ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ، ۽ ڏکڻ ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ، ۽ اُڀرندي ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ، ۽ اُلهندي ڏانهن ٻہ سؤ پنجاهہ.
18
۽ ڊيگهہ مان باقي جيڪي بچي، سو وقف واري پاڪ حصي موافق، ڏهہ هزار اُڀرندي ڏانهن، ۽ ڏهہ هزار اُلهندي ڏانهن ٿيندو؛ ۽ اُهو وقف واري حصي جي سامهون ٿيندو؛ ۽ اُنهي جي پيدائش شهر ۾ پورهئي ڪرڻ وارن جي قوت لاءِ رهندي.
19
۽ اسرائيل جي سڀني فرقن مان جيڪي شهر ۾ پورهيو ڪندا، سي اهو حصو پوکيندا.
20
ڪل وقف پنجويهہ هزار ڊگهو ۽ پنجويهہ هزار ويڪرو ٿيندو: اهو پاڪ وقف وارو حصو چورس ڪري شهر جي ملڪيت سان گڏ پيش ڪجو.
21
۽ جيڪي باقي بچندو سو بادشاهہ جي لاءِ ٿيندو، جهڙو وقف واري پاڪ حصي ۽ شهر واري ملڪيت جي هڪڙي پاسي، تهڙو ٻئي پاسي، اُڀرندي سرحد وٽ وقف وارن پنجويهن هزارن جي اڳ کان، ۽ اُلهندي سرحد وٽ پنجويهن هزارن جي اڳ کان، انهن حصن جي سامهون، اهو بادشاهہ جي لاءِ ٿيندو: ۽ اُهو وقف وارو پاڪ حصو، ۽ گهر جو پاڪ مڪان انهي جي وچ ۾ ٿيندو.
22
تنهن کانسواءِ لاوين جي ملڪيت کان وٺي ۽ شهر جي ملڪيت کان وٺي، جي بادشاهي ملڪيت جي وچ ۾ آهن، جيڪي بہ يهوداہ ۽ بنيمين جي سرحدن جي وچ ۾ آهي، سو بادشاهہ جو ٿيندو.
23
باقي ٻين فرقن بابت: سو اُڀرندي پاسي کان وٺي اُلهندي پاسي تائين؛ بنيمين جو هڪڙو حصو.
24
۽ بنيمين جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين؛ شمعون جو هڪڙو حصو.
25
۽ شمعون جي سرحد جي ڀرسان، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين، اشڪار جو هڪڙو حصو.
26
۽ اشڪار جي سرحد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان اُلهندي پاسي تائين؛ زبولون جو هڪڙو حصو.
27
۽ زبولون جي سرحد سان لڳ، اُڀرندي پاسي کان الهندي پاسي تائين؛ جد جو هڪڙو حصو.
28
۽ جد جي سرحد جي ڀرسان، ڏکڻ ڏانهن، ڏکڻ واري پاسي، تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين سرحد ٿيندي.
29
اها آهي ڪل زمين جا اوهين ڪُڻن سان اسرائيل جي فرقن کي ورثو ڪري ورهائي ڏجو، ۽ اهي آهن انهن جا علحدا حصا؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.
30
۽ اهي آهن شهر جي ٻاهر نڪرڻ جون جايون: اُتر پاسي ماپ سان چار هزار پنج سؤ ڪانا.
31
۽ شهر جا دروازا اسرائيل جي فرقن جي نالي پٺيان سڏبا؛ ٽي دروازا اُتر ڏانهن: روبن جو دروازو، هڪڙو؛ يهوداہ جو دروازو، هڪڙو؛ لاويءَ جو دروازو، هڪڙو.
32
اُڀرندي پاسي چار هزار پنج سؤ ڪانا؛ ۽ ٽي دروازا: يعني يوسف جو دروازو، هڪڙو؛ بنيمين جو دروازو، هڪڙو؛ دان جو دروازو، هڪڙو:
33
۽ ڏکڻ پاسي ماپ سان چار هزار ۽ پنج سؤ ڪانا؛ ۽ ٽي دروازا: شمعون جو دروازو، هڪڙو؛ اشڪار جو دروازو، هڪڙو؛ زبولون جو دروازو، هڪڙو:
34
اُلهندي پاسي چار هزار ۽ پنج سؤ ڪانا، سندن ٽن دروازن سميت: جد جو دروازو، هڪڙو؛ آشر جو دروازو، هڪڙو؛ نفتاليءَ جو دروازو، هڪڙو.
35
اهو شهر چوڌاري ارڙهن هزار ڪانا ٿيندو: ۽ شهر جو نالو انهي ڏينهن کان پوءِ اهو ٿيندو خداوند اُتي آهي.
← Chapter 47
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48