bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 30
Ezekiel 30
Sindhi Bible
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 31 →
1
خداوند جو ڪلام وري بہ مون تي نازل ٿيو، تہ
2
اي آدمزاد، نبوت ڪر ۽ چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ افسوس آهي انهي ڏينهن تي!
3
ڇالاءِ جو اُهو ڏينهن ويجهو آهي، يعني خداوند جو ڏينهن ويجهو آهي، جو بادلن جو ڏينهن آهي، اهو غير قومن جو ڏينهن ٿيندو.
4
۽ هڪڙي ترار مصر تي ايندي، ۽ حبش ۾ ڏاڍو ڏک پيدا ٿيندو، جڏهن مصر ۾ ڪُٺل ڪِرندا؛ ۽ هو انهي جون جماعتون قيد ڪري وٺي ويندا، ۽ ان جا بنياد ڀڳا ويندا.
5
حبش، ۽ فوطہ، ۽ لود، ۽ سڀ گڏيل قومون، ۽ ڪوب، ۽ انهي زمين جا رهاڪو، جن ٻڌي ڪئي آهي، سي بہ انهن سان گڏ ترار سان ڪِرندا.
6
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪي مصر کي مدد ڪن ٿا سي بہ ڪِرندا، ۽ ان جي طاقت جو فخر بہ هيٺ لهندو: خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مجدال کان وٺي اسوان تائين هو ترار سان انهي ۾ ڪِرندا.
7
۽ جيڪي ملڪ ويران آهن، تن جي وچ ۾ هو ويران ٿيندا، ۽ جيڪي شهر غير آباد آهن، تن جي وچ ۾ انهن جا شهر هوندا.
8
۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ مصر کي باهہ ڏيندس ۽ ان جا سڀ مددگار ناس ٿي ويندا.
9
انهي ڏينهن قاصد مون وٽان جهازن ۾ چڙهي ويندا، انهي لاءِ تہ غافل حبشين کي ڊيڄارين؛ ۽ انهن تي مصيبت پوندي، جيئن مصر واري ڏينهن؛ ڇالاءِ جو ڏس، اُهو اچي ٿو.
10
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿان بہ مصر جي ماڻهن کي نابود ڪري ڇڏيندس.
11
۽ هو ۽ سندس قوم، جا قومن ۾ خوفناڪ آهي، انهي زمين جي ناس ڪرڻ لاءِ اُتي ايندا؛ ۽ اُهي مصر تي پنهنجون ترارون ڪڍندا ۽ انهي ملڪ کي ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيندا.
12
آءٌ نديون سُڪائي ڇڏيندس ۽ اُها زمين خراب ماڻهن جي هٿ ۾ وڪڻندس؛ آءٌ اُها زمين ۽ جيڪي منجهس آهي، سو ڌارين جي هٿان ويران ڪرائيندس؛ مون خداوند خدا ائين فرمايو آهي.
13
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ بُت بہ ناس ڪندس، ۽ نوف مان مورتون بہ بند ڪرائي ڇڏيندس؛ ۽ مصر جي ملڪ جو وري اڳتي ڪوبہ بادشاهہ نہ ٿيندو: ۽ آءٌ مصر جي ملڪ ۾ خوف وجهندس.
14
۽ آءٌ فتروس کي ويران ڪندس، ۽ ضعن ۾ باهہ ٻاريندس، ۽ نوءِ ۾ عدالتون ڪندس.
15
۽ سين، جو مصر جو قلعو آهي، تنهن تي پنهنجو غضب نازل ڪندس، ۽ آءٌ نوءِ جا ماڻهو وڍي ڇڏيندس.
16
۽ آءٌ مصر ۾ هڪڙي باهہ ٻاريندس؛ سين ڏاڍي مصيبت ۾ گرفتار ٿيندو، ۽ نوءِ ڀڄي پوندو: ۽ نوف تي ڏينهن ڏٺي جو دشمن ڪاهي ايندا.
17
آون ۽ في بست جا جوان ترار سان ڪِرندا؛ ۽ اهي شهر قيد ٿي ويندا.
18
تحفنحيس بہ اُهو ڏينهن پاڻ ڪڍي وٺندو، ۽ انهي وقت اُتي آءٌ مصر جون پاڃاريون ڀڃي ڇڏيندس، ۽ سندس طاقت جو فخر منجهس گم ٿي ويندو: ۽ خود کيس بادل ڍڪي ڇڏيندو: ۽ سندس ڌيئرون قيد ٿي وينديون.
19
انهي طرح آءٌ مصر ۾ عدالتون ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
20
۽ يارهين سال ۾ پهرئين مهيني جي ستين تاريخ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
21
اي آدمزاد، مون مصر جي بادشاهہ فرعون جي ٻانهن ڀڃي ڇڏي آهي؛ ۽ ڏس، تہ نہ اُنهي تي شفا لاءِ دوائون ۽ نہ پٽيون ويڙهي ٻڌيون ويون آهن، تہ اُها ترار جهلڻ جهڙي طاقت وٺي.
22
تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون جي برخلاف آهيان ۽ هن جون ٻانهون ڀڃندس، جيڪا مضبوط آهي سا بہ، ۽ جيڪا ڀڄي پيئي آهي سا بہ؛ آءٌ هن جي هٿان ترار ڪيرائي وجهندس.
23
۽ آءٌ مصرين کي قومن ۾ پکيڙيندس، ۽ ملڪن ۾ هنن کي کنڊيري ڇڏيندس.
24
آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس، ۽ پنهنجي ترار سندس هٿ ۾ ڏيندس؛ پر آءٌ فرعون جون ٻانهون ڀڃندس، ۽ هو انهي جي اڳيان اهڙيون ڪنجهڪارون ڪندو، جهڙيون سخت ڦٽيل ماڻهو ڪندا آهن.
25
۽ آءٌ بابل جي بادشاهہ جون ٻانهون مضبوط ڪندس ۽ فرعون جون ٻانهون ڪِري پونديون: ۽ هو تڏهن ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ پنهنجي ترار بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اُها هو مصر جي زمين تي ڊگهيريندو.
26
۽ آءٌ مصرين کي قومن ۾ پکيڙي ڇڏيندس ۽ هنن کي ملڪن ۾ کنڊيري ڇڏيندس؛ پوءِ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
← Chapter 29
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 31 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48