bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 31
Ezekiel 31
Sindhi Bible
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 32 →
1
۽ يارهين سال ۾ ٽئين مهيني جي پهرين تاريخ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
2
اي آدمزاد، مصر جي بادشاهہ فرعون ۽ سندس جماعت کي چئو، تہ تون پنهنجي وڏائي ۾ ڪنهن جهڙو آهين؟
3
ڏس، اسور بہ لبنان ۾ هڪڙو ديودار جو وڻ هو، ۽ سهڻيون ٽاريون هئس، ۽ ڏاڍي ڇانوَ ڪندڙ ۽ وڏي قد جو هو؛ ۽ اُن جي چوٽي گهاٽن ڏارن ۾ هئي.
4
پاڻيءَ جي ڪري اُهو وڌيو ۽ پاڙ هنيائين ۽ اُڀري وڏو ٿيو: ان جون نديون ان جي باغن جي چوڌاري ٿي وهيون؛ ۽ اُن پنهنجون نهرون ميدان جي سڀني وڻن ڏانهن ٿي موڪليون.
5
تنهنڪري هن جو قد وڏو ٿيندو ويو، ۽ ميدان جي سڀني وڻن کان مٿي چڙهي ويو؛ ۽ ان جا ڏار گهڻا ٿيا، ۽ ان جون ٽاريون ڊگهيون ٿيون، جو انهن جي نڪرڻ مهل ججهو پاڻي ٿي مليس.
6
هوا جي سڀني پکين ان جي ڏارن ۾ پنهنجا آکيرا جوڙيا، ۽ ان جي ٽارين هيٺ جهنگ جي سڀني جانورن پنهنجا ٻچا ڄڻيا، ۽ ان جي ڇانوَ ۾ سڀ وڏيون قومون رهنديون هيون.
7
انهي طرح هو پنهنجي وڏائيءَ ۾، ۽ پنهنجين ٽارين جي ڊگهائيءَ ۾ سهڻو ٿي لڳو: ڇالاءِ جو ان جون پاڙون گهڻي پاڻيءَ جي ڀرسان هيون.
8
خدا جي باغ وارا ديودار ان کي لڪائي نہ سگهيا: صنوبر جا وڻ ان جي ڏارن جهڙا نہ هئا، ۽ چنار جا وڻ ان جي ٽارين جهڙا نہ هئا؛ ۽ نہ خدا جي باغ جو ٻيو ڪو وڻ اُن جهڙو سهڻو هو.
9
مون ان کي سندس گهاٽين ٽارين ڪري سهڻو ڪيو: جنهنڪري عدن جا سڀ وڻ، جي خدا جي باغ ۾ هئا، تن کي مٿس ريس ٿي آئي.
10
تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ هو قد ۾ وڌي ويو آهي، ۽ هن پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي آهي، ۽ هن جي دل سندس وڏائي ڪري مٿي چڙهي ويئي آهي؛
11
تنهنڪري آءٌ هن کي قومن مان هڪڙي زور واري جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيندس؛ اُهو ساڻس يقيناً مناسب هلت ڪندو؛ مون هن کي سندس شرارت ڪري هڪالي ڪڍيو آهي.
12
۽ ڌارين ماڻهن يعني قومن جي خوفناڪ ماڻهن، هن کي وڍي ڇڏيو آهي: جبلن تي ۽ سڀني وادين ۾ هن جون ٽاريون ڪِري پيون آهن، ۽ هن جا ڏار ملڪ جي سڀني نهرن جي ڀرسان ڀڄي پيا آهن؛ ۽ زمين جون سڀ قومون هن جي ڇانوَ مان هليون ويون آهن، ۽ هن کي ڇڏي ڏنو اٿن.
13
سندس ڦٽل دڙن تي هوا جا سڀ پکي رهندا ۽ جهنگ جا سڀ جانور هن جي ٽارين تي رهندا:
14
انهي لاءِ تہ پاڻي جي ڀرسان بيٺل سڀني وڻن مان ڪوبہ پاڻ کي قد ۾ نہ وڌائي، ۽ نہ پنهنجي چوٽي ٿلهن ڏارن ۾ رکي، ۽ انهن ۾ جيڪي زور وارا آهن، يعني جي پاڻي پيئن ٿا، سي سڀ ڊگها ٿي نہ بيهي رهن: ڇالاءِ جو اُهي سڀ موت جي حوالي ڪيا ويا آهن، ۽ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾، ماڻهن جي وچ ۾ انهن سان گڏ مري کڏ ۾ ٿا وڃن.
15
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن هو هيٺ دوزخ ڏانهن ويو، تنهن ڏينهن مون ماتم ڪرايو: مون هن جي لاءِ سمنڊ ڍڪي ڇڏيو، ۽ هن جون نديون روڪي گهڻا پاڻي بيهاري ڇڏيم: مون لبنان کي هن جي لاءِ ماتم ڪرايو، ۽ جهنگ جا سڀ وڻ هن جي لاءِ ساڻا ٿي پيا.
16
مون هن جي ڪِرڻ جي دٻڪي تي قومن کي ڏڪائي ڇڏيو، يعني جڏهن مون هن کي کڏ ۾ هيٺ ويندڙن سان گڏ دوزخ ۾ اُڇلائي ڇڏيو: ۽ عدن جا سڀ وڻ جي لبنان جا چونڊيل ۽ تمام چڱا وڻ هئا، ۽ جي پاڻي پيئن ٿا، تن کي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ تسلي ملي.
17
هو انهي سان گڏ هيٺ دوزخ ۾ انهن وٽ بہ ويا، جي ترار سان ڪُٺل هئا؛ اُهي جي هن جي ٻانهن هئا، ۽ قومن مان هن جي پاڇي هيٺ رهندا هئا.
18
عدن جي وڻن مان شان ۽ شوڪت ۾ تون ڪنهن جهڙو آهين؟ اڃا بہ تون عدن جي وڻن سان گڏ زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ لاٿو ويندين: تون اڻ طهريلن جي وچ ۾، جي ترار سان ماريا ويا هوندا، تن سان گڏ پيو رهندين. خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اهو آهي فرعون، ۽ اها سندس سڄي جماعت.
← Chapter 30
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 32 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48