bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 42
Ezekiel 42
Sindhi Bible
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 43 →
1
پوءِ هن مون کي اُتر واري رستي کان ڪڍي ٻاهرين ايوان ۾ آندو: ۽ جيڪا ڪوٺي انهي علحدي جاءِ جي آمهون سامهون هئي، ۽ جيڪا اُتر پاسي واري عمارت جي آمهون سامهون هئي، تنهن ۾ هن مون کي آندو.
2
اُتر واري دروازي جي اڳيان ڊيگهہ هڪ سؤ هٿ هئي ۽ ويڪر پنجاهہ هٿ هئي.
3
جيڪي ويهہ هٿ اندرين ايوان سان هئا، تن جي آمهون سامهون، ۽ ٻاهرين ايوان جي فرش بنديءَ جي آمهون سامهون، ٽئين طبقي ۾، ورانڊي جي سامهون ورانڊو هو.
4
۽ ڪوٺين جي اڳيان اندرين پاسي ڏهن هٿن جيترو ڪشادو ميدان هو؛ ۽ هڪ هٿ جيترو موڪرو رستو هو ۽ انهن جا در اُتر ڏانهن هئا.
5
هاڻي مٿيون ڪوٺيون ننڍيون هيون: ڇالاءِ جو انهن مان هيٺين ۽ وچين ڪوٺين کان وڌيڪ عمارت جو حصو انهن ورانڊن ۾ اچي ٿي ويو.
6
ڇالاءِ جو انهن جا ٽي طبقا هئا، ۽ ايوانن جي پيلپاون وانگر انهن کي پيلپاوا ڪين هئا: تنهنڪري مٿين ڪوٺي وچين ۽ هيٺين ڪوٺيءَ کان سوڙهي هئي.
7
۽ جيڪا ڀت ٻاهر ڪوٺين جي ڀرسان، ڪوٺين جي اڳيان ٻاهرين ايوان جي پاسي هئي، تنهن جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي:
8
ڇالاءِ جو ٻاهرين ايوان جي ڪوٺين جي ڊيگهہ پنجاهہ هٿ هئي، ۽ هيڪل جي اڳ ۾ هڪ سؤ هٿ هئا.
9
۽ انهن ڪوٺين جي هيٺان، اُڀرندي پاسي، ٻاهرين ايوان مان، انهن ۾ وڃڻ لاءِ جاءِ هئي.
10
اُڀرندي واري ايوان جي ڀت جي شڪم ۾ علحدي جاءِ جي اڳيان ۽ عمارت جي اڳيان ڪوٺيون هيون.
11
۽ انهن جي اڳ وارو رستو ڏسڻ ۾ اهڙو هو جهڙو انهن ڪوٺين جو رستو، جي اُتر ڏانهن هيون؛ جهڙي سندن ڊيگهہ تهڙي سندن ويڪر هئي: ۽ انهن جا سڀ ٻاهر وڃڻ جا رستا، انهن جي نموني ۽ انهن جي درن موافق هئا.
12
۽ رستي جي منهن تي، يعني جيڪو رستو ڪوٺين ۾ گهڙڻ واري هنڌان اُڀرندي جي بلڪل اڳيان هو، تنهن ۾ هڪڙو در هو، جو ڏکڻ پاسي وارين ڪوٺين جي درن جهڙو هو.
13
تڏهن هن مون کي چيو تہ اُتر واريون ڪوٺيون ۽ ڏکڻ واريون ڪوٺيون، جي علحدي جاءِ جي اڳيان آهن، سي پاڪ ڪوٺيون آهن، جتي اُهي ڪاهن، جي خداوند جي حضوري ۾ وڃن ٿا، سي تمام پاڪ شيون کائيندا: اُتي هو تمام پاڪ شيون ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ گناهہ جي قرباني ۽ ڏوهہ جي قرباني رکن؛ ڇالاءِ جو اُها جاءِ پاڪ آهي.
14
جڏهن ڪاهن اُتي لنگهي اچن، تڏهن هو انهي پاڪ جاءِ مان نڪري ٻاهرين ايوان ۾ نہ وڃن، پر اُتي هو پنهنجا ڪپڙا رکن، جن ۾ هو خدمت چاڪري ڪن ٿا؛ ڇالاءِ جو اُهي پاڪ آهن: ۽ هو ٻيا ڪپڙا پائي عام ماڻهن واري جاءِ جي ويجهو وڃن.
15
هاڻي جڏهن هن اندريون گهر ماپي بس ڪيو، تڏهن هن مون کي انهي در جي رستي ٻاهر آندو، جنهن جو رخ اُڀرندي ڏانهن آهي، ۽ انهي جي چوڌاري ماپ ڪرڻ لڳو.
16
هن ماپ ڪرڻ واري ڪاني سان اُڀرندي پاسي ماپ ڪئي تہ چوڌاري ماپ پنج سؤ ڪانا ٿي.
17
هن اُتر پاسي بہ ماپ واري ڪاني سان چوڌاري ماپ ڪئي تہ پنج سؤ ڪانا ٿي.
18
ڏکڻ پاسي هن ماپ ڪئي تہ ماپ واري ڪاني سان پنج سؤ ڪانا ٿي.
19
هو ڦري اُلهندي پاسي ويو ۽ ماپ واري ڪاني سان پنج سؤ ڪانا ماپيائين.
20
هن چئني پاسن کان انهي جي ماپ ڪئي: انهي کي چوڌاري هڪڙي ڀت هئي، جنهن جي ڊيگهہ پنج سؤ ڪانا هئي، انهي لاءِ تہ جيڪي پاڪ هو تنهن کي عام کان ڌار ڪري.
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 43 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48