bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 32
Ezekiel 32
Sindhi Bible
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 33 →
1
۽ ٻارهين سال ۾، ٻارهين مهيني جي پهرين تاريخ، خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
2
اي آدمزاد، مصر جي بادشاهہ فرعون لاءِ مرثيو کڻ ۽ چئينس تہ تون قومن ۾ جوان شينهن جو مثال هئين: تہ بہ تون سمنڊ جي ازدها جهڙو آهين؛ تون پنهنجين ندين مان اوچتو نڪري ظاهر ٿيندين، ۽ پنهنجن پيرن سان پاڻيءَ ۾ ولوڙو وجهي ندين کي گندو ڪندين.
3
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻين قومن جي جماعت سان توتي پنهنجو ڄار پکيڙي وجهندس؛ ۽ اُهي توکي منهنجي ڄار ۾ ڦاسائي آڻيندا.
4
۽ آءٌ توکي زمين تي ڇڏيندس، ۽ توکي کليل ميدان تي اُڇلائي ڦٽو ڪندس، ۽ هوا جي سڀني پکين کي توتي ويهاريندس، ۽ ڪل زمين جي جانورن کي تو مان ڍءُ ڪرائيندس.
5
۽ آءٌ تنهنجو ماس جبلن تي رکندس، ۽ وادين کي تنهنجي وڏي قد سان ڀري ڇڏيندس.
6
جنهن ملڪ جي پاڻيءَ ۾ تون ترندو آهين، تنهن کي جبلن تائين رت سان ريج ڏيندس؛ نهرون توسان ڀرجي وينديون.
7
۽ جڏهن آءٌ توکي نابود ڪندس، تڏهن آسمان کي ڍڪي ڇڏيندس ۽ ان جي تارن کي ڪارو ڪندس؛ آءٌ سج کي ڪڪرن سان ڍڪيندس ۽ چنڊ پنهنجو سوجهرو نہ ڏيندو.
8
آسمان جا سڀ چمڪندڙ تارا آءٌ تنهنجي مٿان ڪارا ڪري ڇڏيندس: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ تنهنجي ملڪ تي اونداهي آڻيندس.
9
جڏهن قومن جي وچ ۾ آءٌ تنهنجي تباهي آڻيندس، جنهن جي توکي خبر ئي ڪانهي. آءٌ گهڻين قومن جي دلين کي غمگين ڪندس،
10
هائو، آءٌ گهڻين قومن کي توتي حيران ڪندس، ۽ انهن جا بادشاهہ تنهنجي ڪري تڏهن گهڻو ڊڄندا، جڏهن آءٌ پنهنجي ترار هنن جي اڳيان لوڏيندس؛ ۽ تنهنجي ڪِرڻ واري ڏينهن هنن مان سڀڪو ماڻهو پنهنجي ساهہ جي ڊپ کان هر لحظي پيو ڏڪندو.
11
ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ بابل جي بادشاهہ جي ترار ضرور توتي ايندي.
12
زور وارن ماڻهن جي ترار سان آءٌ تنهنجي جماعت کي ماريندس، اُهي سڀ قومن جا خوفناڪ ماڻهو آهن: ۽ اُهي مصر جي وڏائي کي لٽي ڇڏيندا، ۽ انهن جي سڄي جماعت ناس ڪري ڇڏيندا.
13
آءٌ ان جا سڀ جانور گهڻين پاڻين جي پاسي کان ناس ڪري ڇڏيندس؛ نڪي ماڻهوءَ جو پير نڪي جانورن جا سنب وري ڪڏهن انهن کي چوريندا.
14
خداوند خدا ٿو فرمائي تہ پوءِ آءٌ هنن جا پاڻي صاف ڪندس، ۽ هنن جون نديون تيل وانگر وهائيندس.
15
جڏهن آءٌ مصر جي زمين ويران ۽ غير آباد ڪندس، اهڙي زمين جنهن مان اُهي سڀ شيون گم ٿي وينديون، جن سان اُها ڀريل هئي، جڏهن آءٌ اتي جي سڀني رهڻ وارن کي ماريندس، تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
16
اهو آهي مرثيو، جنهن سان هو ماتم ڪندا، قومن جون ڌيئون انهي موجب ماتم ڪنديون، ڇالاءِ جو خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مصر ۽ ان جي سڄي جماعت لاءِ هو اُنهي سان ماتم ڪنديون.
17
ٻارهين سال ۾، انهي مهيني جي پندرهين تاريخ، هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
18
اي آدمزاد، مصر جي جماعت لاءِ واويلا مچاءِ ۽ انهن کي، ۽ مشهور قومن جي ڌيئرن کي، زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ انهن سان گڏ اُڇلائي ڇڏ، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.
19
سونهن ۾ تون ڪنهن کان ڪسر آهين؟ هيٺ لهي وڃ ۽ وڃي اڻ طهريلن سان پئجي رهہ.
20
هو انهن جي وچ ۾ ڪِرندا، جي ترار سان ماريا ويا آهن: هن کي ۽ هن جي ڪل جماعت کي ڪڍي وڃ، هوءَ ترار جي حوالي ڪئي ويئي آهي.
21
زور وارن مان جيڪي زبردست آهن سي دوزخ جي وچ مان، هن سان ۽ هن جي مدد ڪندڙن سان ڳالهائيندا: هو هيٺ هليا ويا آهن، هو ماٺ ڪيو پيا آهن، يعني اُهي اڻ طهريل ماڻهو جي ترار سان قتل ڪيا ويا آهن.
22
اسور پنهنجي ڪل جماعت سوڌو اُتي آهي؛ هن جون قبرون هن جي آس پاس آهن: اُهي سڀ قتل ٿيل آهن ۽ ترار سان ماريا ويا آهن.
23
جن جيئرن جي زمين ۾ خوف وڌو هو، انهن جون قبرون پاتال جي تري ۾ آهن، ۽ سندن سڄي جماعت سندن آس پاس آهي: اُهي سڀ قتل ٿيل آهن ۽ ترار سان ماريا ويا آهن.
24
هن جي قبر جي چوڌاري عيلام ۽ سندس ڪل جماعت يعني اُهي سڀ قتل ٿيل ۽ ترار سان ماريل، جي اڻ طهريل ئي زمين جي هيٺين ڀاڱن ۾ هليا ويا آهن، ۽ جن سڀني ماڻهن تي پنهنجو خوف وڌو: ۽ انهن پنهنجي خواري انهن سان گڏ کنئي آهي، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.
25
هنن ان جو بسترو سندس ڪل جماعت سان گڏ ڪُٺلن جي وچ ۾ رکيو آهي؛ اُن جون قبرون سندس آس پاس آهن: اُهي سڀ اڻ طهريل ۽ ترار سان ماريل آهن؛ ڇالاءِ جو انهن جو خوف جيئرن جي زمين ۾ پيو هو، ۽ هنن پنهنجي خواري انهن سان گڏ کنئي آهي، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن: هو انهن جي وچ ۾ رکيو ويو آهي، جي قتل ٿيل آهن.
26
اُتي مسڪ، توبل ۽ ان جي ڪل جماعت آهي، ۽ ان جون قبرون سندس آس پاس آهن: اهي سڀ اڻ طهريل ۽ ترار سان ماريل آهن؛ ڇالاءِ جو هنن جيئرن جي زمين ۾ خوف وڌو.
27
۽ هو انهن زوراورن سان گڏ نہ سمهندا، جي اڻ طهريل ڪِريا آهن، جي پنهنجن جنگي هٿيارن سان هيٺ دوزخ ۾ ويا آهن، ۽ پنهنجون تراريون پنهنجي مٿن هيٺان رکيون اٿن، ۽ سندن بدڪاريون سندن هڏن تي آهن؛ ڇالاءِ جو اُهي جيئرن جي زمين ۾ زوراورن جو خوف هئا.
28
پر تون اڻ طهريلن جي وچ ۾ ڀڄي پوندين، ۽ جيڪي ترار سان قتل ڪيا ويا آهن تن سان گڏ سمهندين.
29
اُتي ادوم، اُن جا بادشاهہ، ۽ سڀ امير آهن، جي پنهنجي طاقت هوندي انهن سان گڏ پيا آهن جي ترار سان ڪُٺل آهن: هو اڻ طهريلن سان رهندا ۽ انهن سان جي هيٺ کڏ ۾ وڃن ٿا.
30
اتي سڀئي اُتر جا امير ۽ سڀيئي صيدوني آهن، جي ڪُٺلن سان گڏ هيٺ ويا آهن؛ جيڪو خوف هنن پنهنجي زور سان وڌو، تنهن جي ڪري هو شرمندا ٿيا آهن؛ ۽ هو اڻ طهريلن انهن سان گڏ پيا آهن، جي ترار سان ڪُٺل آهن ۽ پنهنجي خواري انهن سان گڏ ٿا کڻن، جي هيٺ کڏ ۾ ٿا وڃن.
31
فرعون انهن کي ڏسندو ۽ پنهنجي سڄي جماعت جي نسبت ۾ هن کي تسلي ملندي، يعني فرعون ۽ سندس سڄو لشڪر جو ترار سان ڪُٺو ويو؛ خداوند ائين ٿو فرمائي.
32
ڇالاءِ جو مون پنهنجو خوف جيئرن جي زمين ۾ وڌو آهي: ۽ هو اڻ طهريلن جي وچ ۾ انهن سان گڏ رکيو ويندو، جي ترار سان ڪُٺل آهن، يعني فرعون ۽ سندس ڪل جماعت؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.
← Chapter 31
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 33 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48