bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 47
Ezekiel 47
Sindhi Bible
← Chapter 46
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 48 →
1
۽ هن مون کي موٽائي گهر جي در تي آندو؛ ۽ ڏس اُڀرندي ڏانهن گهر جي چانئٺ جي هيٺان پاڻي ٿي نڪتا، ڇالاءِ جو گهر جو اڳ اُڀرندي ڏانهن هو: ۽ پاڻي گهر جي ساڄي پاسي کان قربانگاهہ جي ڏکڻ پاسي هيٺان ئي هيٺان ٿي لٿا.
2
تنهن کانپوءِ هو اُتر واري دروازي کان مون کي ٻاهر وٺي آيو، ۽ ٻاهرين رستي کان، ٻاهرين دروازي ڏانهن مون کي وٺي هليو، يعني انهي دروازي واري رستي کان جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي؛ ۽ ڏس، ساڄي پاسي کان پاڻي وهي ٿي نڪتا.
3
جڏهن اُهو ماڻهو ڏوري هٿ ۾ کڻي اُڀرندي ڏانهن نڪري ويو، تڏهن هن هڪ هزار هٿ ماپيا ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي مرن جيڏا هئا.
4
وري هن هڪ هزار ماپيو ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي گوڏن جيڏا هئا. وري هن هڪ هزار ماپيو ۽ مون کي پاڻين مان لنگهايائين، تہ پاڻي چيلهہ جيڏا هئا.
5
تنهن کانپوءِ هن هڪ هزار ماپيو، تہ اُها هڪڙي ندي ٿي پيئي، جنهن مان آءٌ لنگهي نہ سگهيس: ڇالاءِ جو پاڻي چڙهيل هئا، ترڻ جهڙا پاڻي، يعني هڪڙي ندي جنهن مان ڪوبہ لنگهي نہ ٿي سگهيو.
6
۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، تو هي ڏٺو آهي ڇا؟ پوءِ هن مون کي موٽائي نديءَ جي ڪناري وٽ آندو.
7
هاڻي جڏهن آءٌ موٽي آيس، تڏهن ڏٺم تہ نديءَ جي ڪناري تي، هِن پاسي توڙي هُن پاسي تمام گهڻا وڻ هئا.
8
تڏهن هن مون کي چيو تہ هي پاڻي اُڀرندي واري ملڪ ڏانهن نڪري ٿا وڃن، ۽ عرباہ ۾ لهي ويندا: ۽ هو سمنڊ ڏانهن ويندا؛ جيڪي پاڻي ڪڍيا ويا هئا سي سمنڊ ۾ وڃي پوندا؛ ۽ اُهي پاڻي مٺا ٿي پوندا.
9
۽ هيئن ٿيندو تہ جتي نديون اينديون اُتي سڀ ساهہ وارا جيئرا رهندا ۽ تمام گهڻيون مڇيون ٿينديون: ڇالاءِ جو اُهي پاڻي اتي آيا آهن تہ سڀ شيون شفا حاصل ڪن، ۽ جتي جتي ندي ايندي اُتي سڀڪا شيءِ جيئري رهندي.
10
۽ هيئن ٿيندو تہ مڇي مارڻ وارا انهي جي ڀرسان بيهندا: عين جديءَ کان وٺي عين عجليم تائين ڄارن پکيڙڻ جي جاءِ ٿيندي؛ انهن جي مڇي بہ انهن ئي جي قسمن جي ٿيندي، ۽ وڏي سمنڊ جي مڇيءَ وانگر تمام گهڻي ٿيندي.
11
پر انهن جون گپ واريون جايون ۽ ڌٻڻيون مٺيون نہ ٿينديون؛ اُهي کاريون ئي رهنديون.
12
۽ نديءَ جي ڀرسان ان جي ڪناري تي ٻنهي پاسي هر قسم جا ميويدار وڻ اُڀرندا، جن جا پَن ڪين ڪومائبا، ۽ نہ انهن جو ميوو کٽندو: هر مهيني اُهي نئون ڦر ڪندا، ڇالاءِ جو انهي جا پاڻي پاڪ مڪان مان ٿا نڪرن: ۽ ان جو ميوو کائڻ ۾ ايندو ۽ ان جا پن دوا جي ڪم ايندا.
13
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ هيءَ حد ٿيندي، جنهن موافق اوهين اسرائيل جي ٻارهن ئي فرقن موجب اها زمين ورثي ۾ ورهائي انهن کي ڏيندا. يوسف کي بہ حصا ملندا.
14
۽ اوهان مان هر ڪنهن کي هڪ جهڙو ورثو ملندو؛ جنهن بابت مون قسم کنيو تہ اُها اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏيندس: ۽ اها زمين اوهان جي ورثي ۾ ايندي.
15
۽ انهي زمين جي هيءَ حد ٿيندي: اُتر جي پاسي وڏي سمنڊ کان وٺي حتلون جي رستي صداد جي گهڙڻ جي جاءِ تائين.
16
حمات، بيروت، سبريم جو دمشق جي سرحد ۽ حمات جي سرحد جي وچ ۾ آهي؛ وچ وارو مصر، جو حوران جي سرحد جي پاسي ۾ آهي.
17
۽ سمنڊ کان وٺي سرحد هيءَ ٿيندي، حصر عينان، دمشق جي سرحد تي، ۽ اُتر واري حد اُتر ڏانهن حمات جي سرحد آهي. اها آهي اُتر پاسي جي حد.
18
۽ اُڀرندي واري حد حوران ۽ دمشق ۽ جلعاد ۽ اسرائيل جي وچ ۾ يردن ندي ٿيندي: اُتر واري حد کان وٺي اُڀرندي واري سمنڊ تائين، اوهين ماپ ڪجو. اها آهي اُڀرندي پاسي جي حد.
19
۽ ڏکڻ واري حد ڏکڻ ڏانهن تمر کان وٺي مريبوت قادس جي پاڻين تائين، مصر جي نهر وٽان وڏي سمنڊ تائين. اها آهي ڏکڻ ڏانهن ڏکڻ واري حد.
20
۽ اُلهندي واري حد ٿيندي وڏو سمنڊ، ڏکڻ واري سرحد کان وٺي حمات جي گهڙڻ واري جاءِ جي آمهون سامهون تائين. اها آهي اُلهندي پاسي جي حد.
21
انهي طرح اها زمين اوهين اسرائيل جي فرقن موجب پاڻ ۾ ورهائي کڻجو.
22
۽ هيئن ٿيندو تہ اها اوهين ڪُڻا وجهي ورثو ڪري ورهائجو، ۽ جيڪي پرديسي اوهان ۾ رهندڙ هجن، ۽ جي اوهان منجهہ رهي اولاد پيدا ڪن، تن کي بہ ڏجو؛ ۽ اُهي اوهان جي لاءِ بني اسرائيل ۾ گهر ڄاولن وانگر ٿيندا؛ انهن کي اوهان سان گڏ اسرائيل جي فرقن منجهہ ورثو ملندو.
23
۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن بہ فرقي ۾ ڪو پرديسي رهندو هجي، انهي کي اُتي سندس ورثو ڏجو؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.
← Chapter 46
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 48 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48