bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 43
Ezekiel 43
Sindhi Bible
← Chapter 42
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 44 →
1
تنهن کان پوءِ هن مون کي دروازي وٽ آندو، يعني اُهو دروازو جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن هو.
2
۽ ڏسو، اسرائيل جي خدا جو جلال اُڀرندي پاسي کان آيو: ۽ هن جو آواز گهڻين پاڻين جي آواز جهڙو هو: ۽ زمين هن جي جلال سان چمڪڻ لڳي.
3
۽ اُهو مون انهي رويا موافق ٿي ڏٺو، هائو، انهي رويا وانگر ٿي ڏٺم جڏهن آءٌ اهو شهر ناس ڪرڻ آيو هوس؛ ۽ اُهي رويا بہ اُنهي رويا جهڙا هئا، جي مون ڪبار نديءَ جي ڪناري تي ڏٺا هئا: ۽ آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس.
4
۽ خداوند جو جلال انهي دروازي جي رستي گهر ۾ آيو، جنهن جو رخ اُڀرندي ڏانهن آهي.
5
۽ روح مون کي کڻي اندرين ايوان ۾ آڻي لاٿو؛ ۽ ڏسو، خداوند جي جلال هيڪل کي ڀري ڇڏيو.
6
۽ مون هيڪل مان هڪڙي ماڻهوءَ کي ڳالهائيندو ٻڌو؛ ۽ هڪڙو ماڻهو اچي منهنجي پاسي ۾ بيهي رهيو.
7
۽ اُنهي مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هيءَ منهنجي تختگاهہ آهي، ۽ منهنجي پيرن جي ترين رکڻ جي جاءِ آهي، جتي آءٌ هميشہ لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهندس: ۽ اسرائيل جو گهراڻو اڳتي وري منهنجي پاڪ نالي کي پنهنجي زناڪاريءَ سان، ۽ پنهنجن مٿانهن مڪانن تي پنهنجي بادشاهن جي لاشن سان، ناپاڪ نہ ڪندو، ۽ نہ هو ۽ نہ سندن بادشاهہ.
8
هنن پنهنجي چانئٺ منهنجي چانئٺ جي ڀرسان رکي، ۽ پنهنجي در جو ٿنڀ منهنجي در جي ٿنڀ جي ڀرسان، ۽ منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ رڳي ڀت هئي؛ ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم هنن ڪيا، تن سان هنن منهنجو نالو پليت ڪيو آهي: تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.
9
هاڻي هو پنهنجي زناڪاريءَ ۽ پنهنجن بادشاهن جي مڙهن کي مون کان پري اُڇلائين، تہ پوءِ آءٌ هنن جي وچ ۾ هميشہ لاءِ رهندس.
10
اي آدمزاد، تون اهو گهر اسرائيل جي گهراڻي کي ڏيکار، تہ هو پنهنجين بدڪارين کان شرمندا ٿين: ۽ تون هنن کي اهو نمونو ماپڻ ڏي.
11
۽ جيڪڏهن هو پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندا ٿين تہ پوءِ هنن کي انهي گهر جي نقشي ۽ ڊول مان، ۽ انهي جي ٻاهر وڃڻ ۽ اندر اچڻ جي رستن کان، ۽ انهي جي سڀني شڪلين، ۽ انهي جي سڀني قانونن، ۽ سڀني رسمن، ۽ سڀني قاعدن کان واقف ڪر، ۽ سندن روبرو اُهي لکي ڇڏ: تہ هو انهي جو نقشو ۽ انهي جا سڀ قانون سنڀالي ياد رکن، ۽ انهن جي تعميل ڪن.
12
۽ هن گهر جو قاعدو هي آهي: جبل جي چوٽيءَ تي چوڌاري انهي جي سڄي حد تمام پاڪ رهندي. هن گهر جو قاعدو اهو آهي.
13
۽ قربانگاهہ جون ماپون هٿن جي حساب سان هي آهن: (هڪ هٿ جي ماپ آهي ماڻهوءَ جو هٿ، ۽ هٿ جي موڪرائي.) پائو هڪ هٿ ٿيندو ۽ ويڪر هڪ هٿ، ۽ ان جو ڪنارو چوڌاري اُن جي وٽ سان اٽڪل هڪڙي گرانٺ: اهو ٿيندو قربانگاهہ جو پائو.
14
۽ زمين تي پائي کان وٺي هيٺين طاقيءَ تائين ٻہ هٿ ٿيندا، ۽ ويڪر هڪ هٿ؛ ۽ ننڍي طاقيءَ کان وڏي طاقيءَ تائين چار هٿ، ۽ ويڪر هڪ هٿ.
15
۽ مٿين قربانگاهہ چار هٿ ٿيندي؛ ۽ قربانگاهہ جي چلهي کان مٿي چار سڱ ٿيندا.
16
۽ قربانگاهہ جو چلهو ٻارهن هٿ ڊگهو ۽ ٻارهن هٿ ويڪرو، چئني پاسي چورس ٿيندو.
17
۽ طاق چوڏهن هٿ ڊگهو ۽ چوڏهن هٿ ويڪرو، چئني پاسي ائين ٿيندو: ۽ ان جي چوڌاري ڪنارو اڌ هٿ ٿيندو؛ ۽ ان جو پائو چوڌاري هڪ هٿ ٿيندو؛ ۽ ان جي ڏاڪڻ جو رخ اُڀرندي ڏانهن ٿيندو.
18
۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن ڏينهن هو قربانگاهہ جوڙيندا، تنهن ڏينهن ان جا قانون هي ٿيندا، ۽ انهي لاءِ تہ انهي تي ساڙڻ واريون قربانيون پيش ڪن، ۽ انهي تي رت ڇاٽارين.
19
خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ لاوي ڪاهن جي صدوق جي نسل جا آهن، ۽ مون کي ويجها آهن تہ منهنجي خدمت چاڪري ڪن، تن کي تون هڪڙو وهڙو گناهہ جي قرباني لاءِ ڏجانءِ.
20
۽ ان جي رت مان ڪجهہ کڻي ان جي چئن سڱن تي، ۽ طاق جي چئن ڪُنڊن تي ۽ ان جي چوڌاري ڪناري تي ڇاٽارج: انهي طرح تون انهي کي صاف ڪج ۽ انهي لاءِ ڪفارو ڏج.
21
تون گناهہ جي قربانيءَ وارو ڍڳو بہ وٺي، پاڪ مڪان جي ٻاهران، گهر جي ٺهرايل هنڌ انهي کي ساڙج.
22
۽ ٻئي ڏينهن هڪڙو بي عيب ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ پيش ڪج؛ ۽ هو قربانگاهہ کي صاف ۽ پاڪ ڪندا، جيئن هنن انهي کي ڍڳي سان پاڪ صاف ڪيو هو.
23
جڏهن انهي کي تون صاف ڪري بس ڪرين، تڏهن هڪڙو بي عيب وهڙو، ۽ ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو آڻي، قرباني ڪج.
24
۽ تون هنن کي خداوند جي اڳيان آڻج، ۽ ڪاهن انهن تي لوڻ وجهن، ۽ اُهي هنن کي خداوند جي لاءِ ساڙڻ جي قرباني ڪري پيش ڪن.
25
ست ڏينهن برابر هر روز هڪڙو ٻڪر گناهہ جي قربانيءَ لاءِ تيار ڪج: هو هڪڙو وهڙو ۽ ڌڻ مان هڪڙو بي عيب گهٽو بہ تيار ڪن.
26
ست ڏينهن برابر هو قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڏيندا، ۽ انهي کي صاف ڪندا؛ انهي طرح هو انهي کي پاڪ ڪندا.
27
۽ جڏهن هو اُهي ڏينهن پورا ڪندا، تڏهن هيئن ٿيندو تہ اٺين ڏينهن، ۽ انهي کانپوءِ، ڪاهن قربانگاهہ تي اوهانجون سوختني قربانيون، ۽ اوهان جون سلامتيءَ واريون قربانيون چاڙهيندا: ۽ خداوند خدا ٿو فرمائي تہ آءٌ اوهان کي قبول ڪندس.
← Chapter 42
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 44 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48