bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 11
Ezekiel 11
Sindhi Bible
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 12 →
1
پوءِ روح مون کي مٿي کڻي خداوند جي گهر جي اُڀرندي واري در وٽ آندو، جنهن جو منهن اُڀرندي ڏانهن آهي: ۽ اُتي دروازي جي لنگهہ تي پنجويهہ ماڻهو مون کي ڏسڻ ۾ آيا؛ ۽ انهن ۾ مون قوم جا سردار، يازنياہ بن عزور، ۽ فلطياہ بن بناياہ ڏٺا.
2
۽ هن مون کي چيو تہ اي آدمزاد، هي اُهي ماڻهو آهن جي بدڪاريءَ جون رٿون ٿا رٿين، ۽ هن شهر ۾ خراب صلاح مصلحت ٿا ڏين:
3
جو چون ٿا تہ وقت ويجهو ڪونهي تہ گهر ٺاهيون: هي شهر ديڳ آهي ۽ اسين گوشت آهيون.
4
تنهنڪري انهن جي برخلاف نبوت ڪر، اي آدمزاد نبوت ڪر.
5
پوءِ خداوند جو روح مون تي آيو ۽ انهي مون کي چيو تہ ڳالهاءِ، خداوند ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا خاندان اوهان هيئن چيو آهي: ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون اوهان جي دل ۾ اچن ٿيون، تن جي مون کي خبر آهي.
6
۽ اوهان هن شهر ۾ گهڻائي ماڻهو ڪُٺا آهن، ۽ اُن جون گهٽيون ڪُٺلن سان ڀري ڇڏيون آهن.
7
تنهنڪري خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهان جا ڪُٺل ماڻهو جي اوهان شهر جي وچ ۾ رکيا آهن، سي اُهو گوشت آهن ۽ هي شهر اُها ديڳ آهي: پر اوهين انهي منجهان ٻاهر ڪڍيا ويندا.
8
اوهين ترار کان ڊنا آهيو؛ ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي ترار آڻيندس.
9
۽ آءٌ اوهان کي انهي منجهان ڪڍي ڌارين جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اوهان ۾ عدالتن جي تعميل ڪندس.
10
اوهين ترار سان ڪِرندا؛ آءٌ اسرائيل جي سرحد تي اوهان جي عدالت ڪندس؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
11
هي شهر اوهان جي ديڳ نہ ٿيندو، ۽ نہ اوهين اُنهي جي وچ ۾ گوشت ٿيندا؛ آءٌ اسرائيل جي سرحد تي اوهان جي عدالت ڪندس؛
12
۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان: ڇالاءِ جو اوهين منهنجن قانونن تي نہ هليا آهيو، نڪي اوهان منهنجي حڪمن جي تعميل ڪئي آهي، پر جيڪي قومون اوهان جي آس پاس آهن، تن جي دستورن تي هليا آهيو.
13
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن مون نبوت پئي ڪئي، تڏهن فلطياہ بن بناياہ ڪِري پيو ۽ مري ويو. تڏهن آءٌ منهن ڀر ڪِري پيس ۽ وڏي آواز سان دانهون ڪري چيم، تہ هاءِ، خداوند خدا! تون اسرائيل جي باقي بچيلن جي اصل پڄاڻي ڪري ڇڏيندين ڇا؟
14
۽ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
15
اي آدمزاد، تنهنجا ڀائر، يعني تنهنجا ڀائر ۽ عزيز ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو، اهڙا آهن جن يروشلم جي ماڻهن کي چيو آهي تہ اوهين پاڻ کي خداوند کان پري رکو؛ هيءَ زمين اسان کي موروثي ملڪيت ڪري ڏني ويئي آهي.
16
تنهنڪري تون چئُہ، تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيتوڻيڪ مون هنن کي پري ڪڍي قومن ۾ رکيو آهي، ۽ هنن کي ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم تڏهن بہ آءٌ، جن جن ملڪن ۾ هو آيا آهن اُتي ٿوري وقت لاءِ هنن جي لاءِ هڪ اَجهو ٿيندس.
17
تنهنڪري تون چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي قومن مان آڻي گڏ ڪندس، ۽ جن جن ملڪن ۾ اوهين پکيڙيا ويا آهيو، تن مان ڪڍي گڏ ڪندس، ۽ اسرائيل جي زمين اوهان کي ڏيندس.
18
۽ هو اُتي ايندا ۽ سڀ ڪراهت جهڙيون شيون ۽ سڀ گندگيون اُتان ڪڍي ڇڏيندا.
19
۽ آءٌ انهن کي هڪڙي دل ڏيندس ۽ اوهان منجهہ نئون روح وجهندس، ۽ اُها پٿر جهڙي دل هنن جي بدن مان ڪڍي وٺندس، ۽ گوشت واري دل ڏيندوسان:
20
انهيءَ لاءِ تہ هو منهنجي قاعدن تي هلن ۽ منهنجي قانون جي سنڀال ڪري تعميل ڪن: ۽ هو منهنجي قوم ٿيندا ۽ آءٌ هنن جو خدا ٿيندس.
21
باقي اُهي جن جي دل سندن ڪراهت جهڙين شين ۽ سندن گندگين جي پٺيان ٿي وڃي، تن جي واٽ آءٌ خود سندن مٿي تي آڻيندس؛ خداوند خدا ائين ٿو فرمائي.
22
تڏهن ڪروبين پنهنجا پر کنيا، ۽ ڦيٿا انهن جي پاسي ۾ هئا؛ ۽ اسرائيل جي خدا جو جلال هنن جي مٿان هو.
23
۽ خداوند جو جلال شهر جي وچ مان مٿي چڙهي ويو، ۽ جيڪو جبل شهر جي اُڀرندي پاسي آهي، انهي تي وڃي بيٺو.
24
۽ روح مون کي مٿي کڻي، خدا جي روح جي وسيلي رويا ۾ ڪسدين منجهہ قيدين وٽ آڻي لاٿو. انهي طرح جيڪو رويا مون ڏٺو هو، سو مون وٽان هليو ويو.
25
تڏهن جيڪي ڳالهيون خداوند مون کي ڏيکاريون هيون، سي مون انهن قيدين کي بيان ڪري ٻڌايون.
← Chapter 10
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 12 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48