bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Ezekiel 7
Ezekiel 7
Sindhi Bible
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 8 →
1
اُنهي کان سواءِ هي بہ خداوند جو ڪلام مون تي نازل ٿيو، تہ
2
اي آدمزاد، خداوند خدا اسرائيل جي ملڪ کي ٿو فرمائي تہ پڇاڙي، يعني ملڪ جي چئني ڪُنڊن تي پڇاڙي آئي آهي.
3
هاڻي تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي، ۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس.
4
۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو: پر آءٌ تنهنجون واٽون توتي آڻيندس، ۽ تنهنجا ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا: ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
5
خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ خرابي، بي مثل خرابي، ڏس اُها اچي ٿي.
6
پڇاڙي اچي پهتي آهي، اها پڇاڙي اچي پهتي آهي، بلڪ توتي چڙهي آئي آهي؛ ڏس، اُها اچي ٿي.
7
اي زمين جا رهاڪو، تنهنجي سزا توتي آئي آهي: وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن اچي ويجهو پيو آهي، نہ جبلن تان خوشيءَ جي نعرن هڻڻ جو ڏينهن، پر گوڙ گڙٻڙ جو ڏينهن.
8
هاڻي جلدي آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ پنهنجو غصو توتي پورو ڪندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس.
9
۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو، پر آءٌ توکي تنهنجن ڪمن موجب سزا ڏيندس، ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند مارڻ وارو آهيان.
10
ڏس، اُهو ڏينهن اچي ٿو: تنهنجي سزا نڪتي آهي؛ لٺ ٻور جهليو آهي؛ مغروريءَ مُکڙيون ڪڍيون آهن.
11
ظلم اُڀري شرارت جي لٺ ٿيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ڪونہ رهندو، نہ سندن جماعت مان ۽ نہ سندن دولت مان، ۽ نہ هنن ۾ ڪا بزرگي رهندي.
12
وقت اچي پهتو آهي، ڏينهن ويجهو ايندو وڃي: خريد ڪندڙ خوشي نہ ڪري، ۽ نہ وڪڻندڙ غم ڪري، ڇالاءِ جو انهن جي سڄي جماعت تي غضب نازل ٿيو آهي.
13
ڇالاءِ جو وڪڻندڙ وري وڪڻيل شيءِ وٽ موٽي نہ ايندو، جيتوڻيڪ اُهي اڃا جيئرا هوندا: ڇالاءِ جو اهو رويا سڄي جماعت لاءِ آهي؛ ڪوبہ ڪونہ موٽندو، ۽ نڪو پاڻ کي پنهنجيءَ حياتيءَ جي بدڪاريءَ ۾ مضبوط ڪندو.
14
هنن قرناءِ وڄائي آهي، ۽ سڀ ڪجهہ تيار ڪيو اٿن؛ پر ڪوبہ جنگ ڪرڻ ڪونہ ٿو وڃي: ڇالاءِ جو منهنجو غضب انهي جي ساري جماعت تي نازل ٿيو آهي.
15
ترار ٻاهران آهي، ۽ مري ۽ ڌڪار اندر وچ ۾ آهن: جيڪو ٻنيءَ ۾ آهي سو ترار سان مرندو، ۽ جيڪو شهر ۾ آهي، تنهن کي ڏڪار ۽ مرض ناس ڪندو.
16
پر جيڪي هنن مان ڀڄي نڪرندا سي بچندا، ۽ وادين جي ڪبوترن وانگي جبلن تي هوندا، ۽ انهن مان هرڪو پنهنجي بدڪاريءَ جي سبب ماتم ڪندو.
17
سڀ هٿ سست ٿيندا، ۽ سڀ گوڏا پاڻيءَ جهڙا ضعيف ٿيندا.
18
هو پنهنجي چيلهہ سان کٿا بہ ٻَڌندا، ۽ خوف هنن کي ڍڪي ڇڏيندو؛ ۽ سڀني جي منهن تي شرم هوندو، ۽ انهن سڀني جا مٿا گنجا هوندا.
19
هو پنهنجي چاندي گهٽين ۾ اُڇلائيندا، ۽ هنن جو سون ناپاڪ شيءِ جهڙو ٿيندو؛ هنن جي چاندي ۽ هنن جو سون خداوند جي ڪاوڙ جي ڏينهن هنن کي ڇڏائي نہ سگهندو؛ هو پنهنجن روحن کي راضي نہ ڪندا، ۽ نہ هو پنهنجو پيٽ ڀري سگهندا: ڇالاءِ جو اُهو هنن جي بدڪاريءَ جو آٿڙائڻ وارو پهڻ ٿيو آهي.
20
باقي هن جي زيور جي سونهن، سا هنن وڏائي لاءِ رکي: ۽ هن پنهنجي ڪراهت جهڙين شين، ۽ نفرت جهڙين شين جون مورتون انهي مان جوڙيون: تنهنڪري مون انهن کي سندن لاءِ ناپاڪ ڪيو.
21
۽ اُهو آءٌ ڌارين ماڻهن جي هٿن ۾ شڪار ڪري ڏيندس، ۽ زمين جي شريرن کي لٽ جو مال ڪري ڏيندس؛ ۽ اُهي هن کي ناپاڪ ڪندا.
22
پنهنجو منهن بہ آءٌ هنن کان ڦيرائيندس، ۽ هو منهنجي اندرين جاءِ ناپاڪ ڪندا: ۽ چور انهي ۾ گهڙندا ۽ انهي کي ناپاڪ ڪندا.
23
زنجير ٺاهہ، ڇالاءِ جو ملڪ خونريزيءَ جي ڏوهن سان ڀريو پيو آهي، ۽ شهر ظلم سان ڀريل آهي.
24
تنهنڪري آءٌ غير قومن مان تمام خراب ماڻهو آڻيندس، ۽ اُهي هنن جي گهرن جا مالڪ ٿيندا: آءٌ زور وارن جو فخر بہ ڀڃي ڇڏيندس، ۽ هنن جون پاڪ جايون ناپاڪ ڪيون وينديون.
25
خرابي اچي ٿي، ۽ هو خير سلامتي ڳوليندا، پر اُها ڪانہ لڀندا.
26
نقصان تي نقصان ايندو، ۽ افواهہ تي افواهہ هوندي؛ ۽ هو نبيءَ جي رويا ڳوليندا، پر شريعت ڪاهنن کان نڪري ويندي ۽ صلاح مصلحت بزرگن کان.
27
بادشاهہ ماتم ڪندو، ۽ اميرن تي حيرت غالب ٿيندي، ۽ رعيت جا هٿ ڏڪندا: آءٌ هنن جي چال موافق ساڻن هلت ڪندس، ۽ سندن ڪمن موجب آءٌ هنن جي عدالت ڪندس: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.
← Chapter 6
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 8 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48