bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 13
Isaiah 13
Sindhi Bible
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 14 →
1
بابل بابت ڪلام جو يسعياہ بن آموص کي رويا ۾ حاصل ٿيو.
2
اُگهاڙي جبل تي هڪڙو جهنڊو کڙو ڪر، هنن جي لاءِ پنهنجو آواز مٿي ڪر، هٿ لوڏي اشارو ڪر تہ هو اميرن جي درن ۾ گهڙي وڃن.
3
مون پنهنجن مخصوص ڪيلن ماڻهن کي حڪم ڏنو آهي، هائو، مون پنهنجي ڪاوڙ جي لاءِ پنهنجن بهادرن کي سڏيو آهي، يعني پنهنجي فخر سان خوشي ڪندڙن ماڻهن کي.
4
جبلن ۾ هڪڙي جماعت جو آواز آهي جو هڪڙي وڏي قوم جي گوڙ جهڙو آهي! گڏ ٿيلن قومن جي بادشاهتن جي جنگ جو آواز! لشڪرن جو خداوند جنگ جي لاءِ لشڪر گڏ ڪري ٿو.
5
هو هڪڙي پرانهين ملڪ مان، آسمان جي تمام ٻاهرين ڀاڱي مان اچن ٿا، يعني خداوند ۽ اُن جي ڪاوڙ جا هٿيار، انهيءَ لاءِ تہ ساري زمين ناس ڪن.
6
اوهين ووءِ ووءِ ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن نزديڪ آهي؛ اهو قادر مطلق وٽان موت وانگي ايندو.
7
تنهن ڪري سڀ هٿ ضعيف ٿيندا، هر ڪنهن ماڻهوءَ جي دل پگهري ويندي؛
8
۽ هو ڊڄي ويندا؛ عذاب ۽ درد هنن کي وڪوڙي ويندا، سورن واري زال وانگي هنن کي سور ٿيندا: هو هڪ ٻئي جي حال تي حيران ٿيندا؛ هنن جا منهن باهہ جي شعلي جهڙا ٿيندا.
9
ڏسو، خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، جو ڪاوڙ ۽ خوفناڪ غضب جي ڪري ظلم جهڙو ٿيندو؛ انهيءَ لاءِ تہ زمين کي ويران ڪري، ۽ انهيءَ منجهان گنهگار ناس ڪري ڪڍي ڇڏي.
10
ڇالاءِ جو آسمان جا تارا ۽ ان جا برج پنهنجي روشنائي نہ ڏيندا: سج پنهنجي دوري ۾ ڪارو ٿي ويندو، ۽ چنڊ پنهنجي روشنائي نہ چمڪائيندو.
11
۽ آءٌ جهان کي سندس خرابيءَ جي لاءِ، ۽ شريرن کي سندن بدڪاريءَ لاءِ سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ مغرورن جي مغروري بند ڪرائيندس، ۽ خوفناڪ ماڻهن جي وڏائي هيٺ ڪري ڇڏيندس.
12
آءٌ ماڻهوءَ کي عمدي سون کان بلڪ انسان کي اوفير جي خالص سون کان بہ وڌيڪ ڪامياب ڪندس.
13
تنهن ڪري آءٌ آسمانن کي ڏڪائيندس، ۽ لشڪرن جي خداوند جي ڪاوڙ ڪري، ۽ سندس خوفناڪ غضب جي ڏينهن ۾، زمين پنهنجي جاءِ تان لوڏي ڪڍندس.
14
۽ هيئن ٿيندو جو ڀڄايل هرڻ وانگي، ۽ انهن رڍن وانگي جن کي ڪوبہ گڏ نٿو ڪري، هو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي قوم ڏي ورائيندا، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ملڪ ڏي ڀڄائيندا.
15
جيڪو بہ لڀندو تنهن کي ونڌيندا؛ ۽ جيڪو بہ گرفتار ٿيندو سو ترار سان ماريو ويندو.
16
انهن جا کير پياڪ ٻار بہ سندن روبرو اُڇلائي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ انهن جا گهر لٽيا ويندا، ۽ انهن جي زالن سان زور زبردستي ٿيندي.
17
ڏسو، آءٌ مادين کي هنن جي برخلاف اُٿاريندس، جي چانديءَ جي پرواهہ نہ رکندا ۽ سون مان هنن کي ڪابہ خوشي نہ ٿيندي.
18
۽ انهن جون ڪمانون جوان ماڻهن کي پرزا پرزا ڪري ڇڏينديون، ۽ انهن کي کير پياڪن تي ڪوبہ رحم نہ ايندو؛ انهن جي اک ٻارن کي بہ ڇڏي نہ ڏيندي.
19
۽ بابل، جو بادشاهن جو فخر، ۽ ڪلدين جي وڏائي جي رونق آهي، تنهن جو اهڙو حال ٿيندو، جهڙو سدوم ۽ عموراہ جو ٿيو هو، جڏهن خدا انهن کي اونڌو ڪري ڇڏيو.
20
اهو وري نہ وسندو، نڪي انهيءَ ۾ پيڙهي بہ پيڙهي ڪو رهندو: نڪي ڪو عرب اتي تنبو کوڙيندو؛ نڪي ڌنار پنهنجا ڌڻ اتي ويهاريندا.
21
پر جهنگلي جانور اتي سمهندا، ۽ انهن جا گهر هلاک ڪندڙ جانورن سان ڀرجي ويندا: ۽ اتي اٺ پکي رهندا ۽ غول نچندا.
22
۽ انهن جي قلعن ۾ بگهڙ رڙيون ڪندا، ۽ انهن جي فرحت جهڙن محلاتن ۾ گدڙ اونائيندا: ۽ اُن جو وقت ويجهو آيو آهي ۽ ان جا ڏينهن گهڻا نہ ٿيندا.
← Chapter 12
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 14 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66