bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 43
Isaiah 43
Sindhi Bible
← Chapter 42
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 44 →
1
پر هاڻي اي يعقوب، خداوند جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جنهن توکي جوڙيو آهي، سو هيئن ٿو فرمائي: تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي؛ مون تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيو آهي، تون منهنجو آهين.
2
جڏهن تون پاڻيءَ مان لنگهندين تڏهن آءٌ تو سان هوندس؛ ۽ جڏهن ندين مان لنگهندين، تڏهن اهي توتي اُٿلي نہ پونديون: جڏهن تون باهہ مان لنگهندين، تڏهن نہ سڙندين؛ نڪي تو تي مچ ٻرندو.
3
ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان، اسرائيل جو پاڪ خدا، تنهنجو نجات ڏيندڙ؛ مون تنهنجي ڇوٽڪاري لاءِ مصر ڏنو آهي، ۽ ڪوش ۽ سبا تنهنجي لاءِ ڏنا اٿم.
4
جيئن ڪ تون منهنجي نظر ۾ قيمتي ۽ معزز آهين، ۽ مون توکي پيار ڪيو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ تنهنجي بدلي ۾ ماڻهو ۽ تنهنجيءَ حياتيءَ جي عيوض امتون ڏيندس.
5
ڊڄ نہ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: آءٌ تنهنجو نسل اُڀرندي کان آڻيندس، ۽ اُلهندي کان توکي گڏ ڪندس؛
6
آءٌ اُتر کي چوندس تہ ڇڏي ڏي؛ ۽ ڏکڻ کي چوندس تہ رکي نہ ڇڏ؛ منهنجا پٽ پري کان آڻ ۽ منهنجون ڌيئر زمين جي ڇيڙي کان.
7
جيڪو بہ منهنجي نالي سڏجي ٿو، ۽ جنهن کي مون پنهنجي جلال جي لاءِ پيدا ڪيو آهي؛ تنهن کي مون جوڙيو آهي؛ هائو، انهي کي مون بنايو آهي.
8
انهن انڌن ماڻهن کي ڪڍي ٻاهر آڻ جن کي اکيون آهن، ۽ انهن ٻوڙن کي جن کي ڪن آهن.
9
ڀلي تہ سڀ قومون گڏ ڪيون وڃن، ۽ اُمتون اچي گڏ ٿين: انهن مان ڪير اهو ٻڌائي سگهندو، ۽ اسان کي اڳوڻيون ڳالهيون ڏيکاري سگهندو: ڀلي تہ اهي پنهنجا شاهد آڻين، تہ اهي سچا ثابت ٿين: يا ڀلي تہ اهي ٻڌن، ۽ چون تہ اهو سچ آهي.
10
خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ منهنجو بندو جنهن کي مون چونڊيو آهي: انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻو ۽ مون تي ايمان آڻيو، ۽ سمجهو تہ آءٌ اهو آهيان: مون کان اڳي ڪوبہ خدا نہ ٿيو آهي، نڪي مون کان پوءِ ٿيڻو آهي.
11
آءٌ ئي فقط خداوند آهيان؛ ۽ مون کان سواءِ ڪوبہ نجات بخشيندڙ ڪونهي.
12
جڏهن اوهان ۾ ٻيو ڪوبہ ڌاريو معبود ڪونہ هو تڏهن مون بيان ڪيو، مون بچايو ۽ مون ڏيکاريو: تنهن ڪري خداوند فرمائي ٿو تہ اوهين منهنجا شاهد آهيو، ۽ آءٌ خدا آهيان.
13
هائو، جڏهن کان ڏينهن شروع ٿيو تڏهن کان آءٌ ئي آهيان؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو منهنجي هٿان ڇڏائي سگهي: آءٌ ڪم ڪندس، ۽ ڪير آهي جو روڪيندو؟
14
خداوند اوهان جو نجات ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جي خاطر مون بابل ڏانهن موڪليو آهي، ۽ انهن سڀني کي، يعني ڪسدين کي سندن خوشين جي جهازن تي چاڙهي ڀڄائي آڻيندس.
15
آءٌ خداوند اوهان جو پاڪ خدا، اسرائيل جو خالق ۽ اوهان جو بادشاهہ آهيان.
16
خداوند، جو سمنڊ ۾ رستو ۽ وڏن پاڻين ۾ واٽ ٿو جوڙي،
17
۽ جيڪو جنگي گاڏين ۽ گهوڙن، لشڪرن ۽ بهادرن کي ڪڍي ٿو اچي، سو هيئن ٿو فرمائي تہ اهي سڀ گڏ سمهندا، اهي نہ اُٿندا؛ اُهي معدوم ٿي ويا آهن، اهي سڻيءَ وانگي اُجهامي ويا آهن.
18
اوهين اڳوڻيون ڳالهيون ياد نہ ڪريو، نڪي قديم زماني جي ڳالهين تي غور ڪريو:
19
ڏسو، آءٌ هڪڙو نئون ڪم ڪندس؛ اهو هينئر ظاهر ٿيندو ڇا؛ اوهين انهي کان ناواقف رهندا؟ بلڪ آءٌ بيابان ۾ رستو ٺاهيندس، ۽ رڻ پٽ ۾ نديون وهائيندس.
20
جهنگلي جانور، گدڙ ۽ اٺ پکي بہ منهنجي عزت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي اُمت، پنهنجي چونڊيلن کي پيئڻ لاءِ بيابان ۾ پاڻي ۽ رڻ پٽ ۾ نديون ٿو ڏيان.
21
اها اُمت جا مون پنهنجي لاءِ جوڙي، تہ اُهي منهنجي تعريف ڪن.
22
انهي هوندي بہ اي يعقوب، تو مون کي نہ پڪاريو، بلڪ اي اسرائيل تون مون کان بيزار ٿي پيو آهيان.
23
تو پنهنجين سوختني قربانين لاءِ ننڍو چوپايو مال منهنجي حضور ۾ نہ آندو آهي؛ نڪي پنهنجين قربانين سان مون کي عزت ڏني اٿيئي. مون توکي نذرانن آڻڻ لاءِ لاچار ڪونہ ڪيو، نڪي لوبان ساڙڻ لاءِ توکي ٿڪايم.
24
تو منهنجي لاءِ پئسا خرچي لوبان ڪونہ ورتو، نڪي تو مون کي پنهنجي قربانيءَ جي چرٻيءَ سان ڍءُ ڪرايو: پر تو پنهنجن گناهن جو بار مون تي وڌو، ۽ پنهنجن ڏوهن سان مون کي ٿڪائي ڇڏيو.
25
آءٌ هائو آءٌ، اهو آهيان جو پنهنجي خاطر تنهنجون خطائون مٽائي ٿو ڇڏيان؛ ۽ آءٌ تنهنجا گناهہ ياد نہ ڪندس.
26
مون کي ياد ڏيار؛ اچو تہ پاڻ ۾ بحث ڪريون: تون پنهنجو مقدمو بيان ڪر تہ تون سچو ثابت ٿين.
27
تنهنجي پهرئين پيءُ گناهہ ڪيو، ۽ تفسير ڪندڙن منهنجي برخلاف ڏوهہ ڪيو آهي.
28
تنهن ڪري آءٌ پاڪ مڪان جي سردارن کي ناپاڪ ڪندس، ۽ آءٌ يعقوب کي لعنت، ۽ اسرائيل کي ملامت ٺهرائيندس.
← Chapter 42
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 44 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66