bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 42
Isaiah 42
Sindhi Bible
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 43 →
1
ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.
2
هو رڙ نہ ڪندو، نڪي هل ڪندو، نڪي هن جو آواز گهٽيءَ ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو.
3
ڦٿل ڪانو بہ هو ڪين ڀڃندو، ۽ دکيل سڻيءَ کي بہ هو ڪين وسائيندو: هو سچائيءَ سان عدالت جاري ڪندو.
4
جيسين ڪ هو زمين تي عدالت قائم نہ ڪندو، تيسين هو نڪي ٿڪبو، نڪي بي همت ٿيندو؛ ۽ ٻيٽ هن جي شريعت جو انتظار ڪندا.
5
خداوند خدا جنهن آسمان پيدا ڪيا ۽ انهن کي پکيڙيو آهي؛ جنهن زمين ۽ جيڪي منجهس نڪري ٿو سڀ پري پکيڙي ڇڏيو آهي؛ ۽ جيڪو انسان کي ساهہ، ۽ جيڪي ڌرتيءَ تي هلن چلن ٿا، تن کي روح ٿو ڏئي، سو فرمائي ٿو تہ،
6
مون خداوند توکي سچائيءَ سان سڏيو آهي، آءٌ تنهنجو هٿ جهليندس ۽ تنهنجي سنڀال ڪندس، ۽ توکي اُمت جي لاءِ عهد، ۽ قومن جي لاءِ سوجهرو ڪري ڏيندس؛
7
تہ تون انڌن جون اکيون کولين، قيدين کي قيد مان ڪڍين، ۽ جيڪي اونداهيءَ ۾ ويٺا آهن، تن کي قيد خاني مان ڪڍين.
8
آءٌ خداوند آهيان؛ اهو منهنجو نالو آهي: آءٌ پنهنجو جلال ڪنهن ٻئي کي ڪين ڏيندس، نڪي پنهنجي تعريف اُڪريل مورتن کي ڏيندس.
9
ڏسو، اڳوڻيون ڳالهيون اچي پوريون ٿيون آهن، ۽ آءٌ نيون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان: اهي پوريون ٿين تنهن کان اڳ ۾ آءٌ اوهان کي انهن جي خبر ٿو ڏيان.
10
اوهين جي سمنڊ ڏانهن لهي ٿا وڃو ۽ جيڪي منجهس آهيو، اي ٻيٽ ۽ انهي جا رهاڪو، خداوند جي لاءِ نئون گيت ڳايو، ۽ زمين جي هڪڙي ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين سندس تعريف ڳايو،
11
ڀلي تہ بيابان ۽ ان جا شهر، ۽ قيدار جا آباد ڪيل ڳوٺ پنهنجو آواز مٿي ڪن؛ ڀلي تہ سلع جا رهاڪو ڳائين، ۽ جبلن جي چوٽيءَ تان وڏي سڏ پڪارين.
12
ڀلي تہ اهي خداوند جو جلال ظاهر ڪن، ۽ ٻيٽن ۾ هن جي تعريف پڌري ڪن.
13
خداوند بهادر مرد وانگي نڪرندو، هو جنگي مرد وانگي غيرت پيدا ڪندو: هو رڙ ڪندو، هائو، هو وڏا سڏ ڪندو: هو پنهنجي دشمن تي غالب ٿيندو.
14
آءٌ گهڻو وقت ماٺ ڪري ويٺو آهيان؛ مون صبر ڪري پاڻ کي پئي روڪيو آهي: هاڻي آءٌ سورائتيءَ زال وانگي رڙيون ڪندس؛ آءٌ سهڪندس ۽ اُڀا ساهہ کڻندس.
15
آءٌ جبلن ۽ ٽڪرين کي ويران ڪندس، ۽ انهن جو سڀ گاهہ ٻوٽو سڪائي ڇڏيندس؛ آءٌ ندين کي ٻيٽ ڪندس، ۽ ڍنڍن کي سڪائي ڇڏيندس.
16
آءٌ انڌن کي انهيءَ رستي کان آڻيندس، جنهن جي انهن کي خبر ڪانهي؛ آءٌ کين انهن واٽن تان هلائيندس جن جي انهن کي سڌ ڪانهي: آءٌ انهن جي اڳيان اوندهہ کي سوجهرو ڪندس، ۽ ڏنگين جاين کي سنئون ڪندس، آءٌ اهي ڪم ڪندس، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي نہ ڏيندس.
17
اهي جي اُڪريل مورتن تي ڀروسو ٿا رکن، ۽ جي پلٽيل مورتن کي چون ٿا تہ اوهين خدا آهيو، سي پٺ تي ڦيريا ويندا، ۽ اهي ڏاڍا شرمندا ٿيندا.
18
اوهين جي ٻوڙا آهيو سي ٻڌو: اوهين جي انڌا آهيو سي نظر ڪريو تہ ڏسو.
19
منهنجي بندي کان سواءِ ٻيو ڪير انڌو آهي؟ يا ڪير اهڙو ٻوڙو آهي، جهڙو منهنجو قاصد جنهن کي آءٌ موڪليان ٿو؟ جنهن جو مون سان صلح آهي تنهن جهڙو انڌو ٻيو ڪير آهي؟ ۽ خداوند جي بندي جهڙو ٻيو ڪير انڌو آهي؟
20
تنهنجي نظر گهڻين شين تي پوي ٿي پر اهي ڏسين نٿو؛ هن جا ڪن کليل آهن، پر هو ٻڌي نٿو.
21
خداوند کي اهو پسند آيو تہ پنهنجيءَ راستبازيءَ جي خاطر شريعت جو اقبال وڌائي ۽ انهيءَ کي سرفراز ڪري.
22
پر هيءَ اها اُمت آهي جا ڦرجي ۽ لٽجي ويئي آهي: اهي سڀ چرن ۾ ڦاٿل، ۽ قيد خانن ۾ بند ٿيل آهن: اهي شڪار ٿي ويا آهن ۽ ڪوبہ انهن کي نٿو ڇڏائي؛ اهي لٽجي ويا آهن ۽ ڪوبہ نٿو چوي تہ موٽائي ڏيون.
23
اوهان مان ڪير آهي جو انهيءَ ڏانهن ڪن ڏيندو؟ جو ايندڙ وقت بابت غور سان ٻڌندو؟
24
ڪنهن يعقوب کي لٽ جي لاءِ ڏنو ۽ اسرائيل کي ڦورن جي حوالي ڪيو؟ خداوند ائين نہ ڪيو ڇا؟ جنهن جو انسان گناهہ ڪيو آهي، ۽ جنهن جي رستن تي انهن هلڻ نہ گهريو، ۽ جنهن جي شريعت جي انهن تابعداري نہ ڪئي.
25
تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ڪاوڙ جو جوش، ۽ جنگ جو زور انهيءَ تي ليٽائي وڌو؛ جنهن ڪري انهيءَ کي چوڌاري باهہ وڪوڙي وئي، تنهن هوندي بہ انهيءَ کي خبر ڪانہ پئي؛ باهہ ساڙي ڇڏيس تہ بہ هن اها ڳالهہ دل تي نہ رکي.
← Chapter 41
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 43 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66