bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 36
Isaiah 36
Sindhi Bible
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 37 →
1
هاڻي حزقياہ بادشاهہ جي حڪومت جي چوڏهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو، تہ اسور جو بادشاهہ سنحيرب، يهوداهہ جي سڀني قلعي وارن شهرن تي چڙهي آيو ۽ اهي ورتائين.
2
۽ اسور جي بادشاهہ، ربشاقيءَ کي لڪيس مان هڪڙي وڏي لشڪر سان، حزقياہ بادشاهہ وٽ يروشلم ڏانهن موڪليو، ۽ هو ميٽ جي کاڻ واري شاهي رستي تي مٿئين تلاءَ جي موريءَ وٽ اچي بيٺو.
3
تڏهن خلقياہ جو پٽ الياقم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي نڪري وٽس آيا.
4
۽ ربشاقيءَ هنن کي چيو تہ هاڻي اوهين حزقياہ کي هيئن چئو، تہ شاهہ عظيم، يعني اسور جو بادشاهہ ٿو چوي تہ تون ڪهڙي اميد تي ڀروسو ٿو رکين؟
5
آءٌ چوان ٿو تہ تنهنجي مشورت ۽ جنگ جي طاقت سڀ وات جون ڳالهيون آهن: آخر ڪنهن جي ڀروسي تي تو مون سان فساد ڪيو آهي؟
6
ڏس، تون انهي چٿيل ڪانهي جي لٺ تي، يعني مصر تي ڀروسو ٿو ڪرين، جنهن تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏئي تہ سندس هٿ ۾ گهڙي ونڌي ڇڏيس: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ انهن سڀني لاءِ هڪ اهڙو آهي، جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.
7
پر جيڪڏهن تون مون کي چوندين تہ اسين خداوند پنهنجي خدا تي ڀروسو ٿا رکون، تہ هو اهو ناهي ڇا جنهن جا مٿانهان مڪان ۽ قربانگاهون حزقياہ ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو اٿس تہ اوهين هن ٻئي قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪريو؟
8
تنهن ڪري هاڻي آءٌ توکي چوان ٿو تہ تون منهنجي مالڪ اسور جي بادشاهہ سان شرط ٻڌ، آءٌ توکي ٻہ هزار گهوڙا ڏيان ٿو، ۽ تون پنهنجي طرفان انهن تي سوار چاڙهي ڏيکار.
9
تڏهن ڪهڙيءَ طرح تون گاڏين ۽ گهوڙيسوارن لاءِ مصر تي ڀروسو رکي منهنجي مالڪ جي معمولي نوڪرن مان هڪڙي سردار جو منهن ڦيرائي سگهندين.
10
هاڻي بہ آءٌ خداوند جي چوڻ کان سواءِ هن ملڪ کي برباد ڪرڻ لاءِ مٿس چڙهي آيو آهيان ڇا؟ خداوند مون کي چيو تہ هن ملڪ تي چڙهي وڃ ۽ انهي کي برباد ڪر.
11
تڏهن الياقيم، ۽ شبناہ، ۽ يوآخ، ربشاقيءَ کي چيو تہ مهرباني ڪري پنهنجن ٻانهن سان ارامي ٻوليءَ ۾ ڳالهاءِ، ڇالاءِ جو اسين اها سمجهون ٿا: پر جيڪي ماڻهو ڀت تي ويٺا آهن، تن جي ٻڌندين، اسان سان يهودين جي ٻوليءَ ۾ نہ ڳالهاءِ.
12
پر ربشاقيءَ چيو تہ منهنجي مالڪ مون کي هي ڳالهيون چوڻ لاءِ فقط تنهنجي مالڪ ڏانهن ۽ تو ڏانهن موڪليو آهي ڇا؟ هن مون کي هنن ماڻهن ڏانهن ڪونہ موڪليو آهي ڇا؛ جي ڀت تي ويٺا آهن، تہ هو تو سان گڏ پنهنجو گونهن کائين، ۽ پنهنجو پيشاب پيئن.
13
پوءِ ربشاقي اُٿي بيٺو، ۽ يهودين جي ٻوليءَ ۾ وڏي آواز سان چوڻ لڳو تہ، اوهين شاهہ عظيم، اسور جي بادشاهہ جون ڳالهيون ٻڌو.
14
بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ، حزقياہ کان ٺڳجي نہ وڃو؛ ڇالاءِ جو هو اوهان کي ڇڏائي نہ سگهندو.
15
نڪي حزقياہ جي چوڻ تي خداوند تي ڀروسو رکو، تہ خداوند اسان کي ضرور ڇڏائيندو، ۽ هي شهر اسور جي بادشاهہ جي حوالي نہ ڪيو ويندو.
16
حزقياہ جو چوڻ نہ ٻڌو، ڇو جو اسور جو بادشاهہ هيئن ٿو فرمائي تہ اوهين مون سان صلح ڪريو ۽ مون ڏانهن هليا اچو؛ ۽ اوهان مان هرڪو پنهنجي ڊاک ۽ پنهنجي انجير جي وڻ جو ميوو کائي، ۽ هرڪو پنهنجي حوض جو پاڻي پيئي:
17
جيسين ڪہ آءٌ اچي اوهان کي انهي ملڪ ۾ وٺي وڃان جو اوهان جي ملڪ وانگي اَن ۽ شراب جو ملڪ، ۽ مانيءَ ۽ ڊاک جو ملڪ آهي.
18
سنڀالجو، متان حزقياہ هيئن چئي اوهان کي ٺڳي تہ خداوند اسان کي ڇڏائيندو. غير قومن جي معبودن مان ڪنهن بہ پنهنجو ملڪ اسور جي بادشاهہ جي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟
19
حمات ۽ ارفاد جا معبود ڪٿي آهن؟ سفرائيم جو معبود ڪٿي آهي؟ انهن سامريہ کي منهنجي هٿان ڇڏايو آهي ڇا؟
20
هنن ملڪن جي سڀني معبودن مان ڪهڙن پنهنجو ملڪ منهنجي هٿان ڇڏايو آهي جو خداوند يروشلم کي منهنجي هٿان ڇڏائيندو.
21
پر هو ماٺ ڪري بيٺا، ۽ جواب ۾ هڪڙو اکر بہ نہ ڪُڇيائون: ڇالاءِ جو بادشاهہ جو حڪم هو تہ هن کي جواب نہ ڏجو.
22
تنهن کان پوءِ خلقياہ جو پٽ الياقيم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي حزقياہ وٽ آيا، ۽ ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌايائونس.
← Chapter 35
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 37 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66