bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 17
Isaiah 17
Sindhi Bible
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 18 →
1
دمشق بابت ڪلام. ڏسو، دمشق شهر نہ رهندو پر سڃو ڦٽل ڍير ٿيندو.
2
عروعير جا شهر ويران ٿي ويا آهن؛ اهي ڌڻن جي لاءِ آهن، جي اتي سمهندا ۽ ڪوبہ انهن کي نہ ڊيڄاريندو.
3
افرائيم ۾ ڪو ڪوٽ نہ رهندو، ۽ دمشق ۽ ارام جي باقي بچلين وٽ بہ بادشاهت نہ رهندي؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهن جو حال بہ اهڙو ٿيندو جهڙو بني اسرائيل جي جلال جو.
4
۽ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ يعقوب جي وڏائي گهٽ ڪئي ويندي، ۽ سندس چرٻي ۽ بدن ڏٻرا ٿي ويندا.
5
۽ اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو لاهيارو، بيٺل ان گڏ ڪري، ۽ پنهنجي هٿ سان سنگ سنگ ڪري لڻي؛ هائو، اهو اهڙو ٿيندو جهڙو ڪو ماڻهو رفائيم جي واديءَ ۾ سنگ چونڊي گڏ ڪري.
6
انهيءَ هوندي بہ خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ ڪي داڻا انهن ۾ رهجي ويندا، جيئن ڪي زيتون جي وڻ ۾ رهندا آهن جڏهن ان کي ڌوڻبو آهي، ٻہ يا ٽي داڻا تمام مٿانهين ٽاريءَ جي چوٽيءَ تي، ۽ چار يا پنج ڦردار وڻ جي تمام ٻاهرين ٽارين ۾.
7
انهي ڏينهن انسان پنهنجي خالق ڏي نظر ڪندو، ۽ ان جون اکيون اسرائيل جي پاڪ خدا ڏانهن نهارينديون.
8
۽ هو قربانگاهن ڏي نہ نهاريندو جي سندس هٿن جو ڪم آهن، نڪي هو انهيءَ شيءِ کي مان ڏيندو جا هن جي آڱرين جوڙي هوندي، پوءِ اهي آشريم هجن يا سج جون مورتون.
9
انهي ڏينهن هن جا مضبوط شهر، جهنگ ۾، ۽ جبل جي چوٽيءَ تي ويران ڪيلن جاين جهڙا ٿيندا، جي بني اسرائيل جي اڳيان ويران ٿيا، ۽ اهي ويران رهندا.
10
ڇالاءِ جو تو پنهنجي نجات ڏيندڙ خدا کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ پنهنجي طاقت جي ٽڪر کي ياد نہ ڪيو اٿيئي؛ تنهن ڪري تون مزي جهڙا وڻ پوکين ٿو، ۽ عجيب قلمن سان انهي کي سينگارين ٿو:
11
وڻن رکڻ واري ڏينهن تون انهيءَ جي چوڌاري لوڙهو ڏين ٿو، ۽ صبح جو تون انهيءَ ۾ ٻور ٿو ڏسين؛ پر فصل جو ڏينهن ڏک ۽ سخت مصيبت جو ڍڳ ٿيندو.
12
هاءِ، گهڻين قومن جو گوڙ، جي سمنڊ جي گجڻ وانگي گجن ٿيون؛ ۽ گهڻين قومن جو جوش، جو زور واري پاڻيءَ جي وهڪري جهڙو آهي!
13
قومون گهڻي پاڻيءَ جي وهڪري وانگي ڪاهي اينديون: پر هو انهن کي عتاب ڏيندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون، جيئن بُهہ واءُ جي اڳيان جبلن تي ۽ جيئن طوفان واچوڙي ۾ مٽيءَ کي اُڏائي.
14
شام جي وقت خوف آهي ۽ صبح کان اڳي اهي نابود ٿي ويندا. اهو انهن جو حصو آهي جي اسان کي لٽين ٿا، ۽ انهن جو جي اسان کي ڦرين ٿا.
← Chapter 16
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 18 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66