bible
ra
🌐 Language
English
Español
Français
Deutsch
Português
Italiano
Nederlands
Русский
中文
日本語
한국어
العربية
Türkçe
Tiếng Việt
ไทย
Indonesia
All Languages
Home
/
Sindhi
/
Sindhi Bible
/
Isaiah 45
Isaiah 45
Sindhi Bible
← Chapter 44
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 46 →
1
خداوند پنهنجي مسح ڪيل خورس بابت فرمائي ٿو، تہ مون هن جو ساڄو هٿ جهليو آهي تہ قومن کي سندس اڳيان مات ڪريان، آءٌ بادشاهن جون چيلهيون ڍريون ڪندس؛ آءٌ هن جي اڳيان در کوليندس، ۽ دروازا بند نہ ٿيندا.
2
آءٌ تنهنجي اڳيان هلندس ۽ کڙٻڙيا هنڌ سنوان ڪندس: آءٌ پتل جا در ڀڃي پرزا پرزا ڪندس، ۽ لوهہ جا گز وڍي ڌار ڪندس:
3
آءٌ توکي اوندهہ جا خزانا، ۽ ڳجهين جاين ۾ لڪل دولت ڏيندس، تہ توکي خبر پوي تہ آءٌ اهو خداوند اسرائيل جو خدا آهيان، جو تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيان ٿو.
4
مون پنهنجي بندي يعقوب، ۽ پنهنجي چونڊيل اسرائيل جي خاطر توکي تنهنجو نالو وٺي سڏيو آهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ مون توکي لقب ڏنو آهي.
5
آءٌ خداوند آهيان، ٻيو ڪوبہ ڪونهي؛ مون کانسواءِ ٻيو خدا ڪونهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ آءٌ تنهنجي ڪمر ٻڌندس:
6
انهي لاءِ تہ اُڀرندي کان اُلهندي تائين اهي ڄاڻن تہ مون کان سواءِ ٻيو ڪونهي: آءٌ خداوند آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.
7
آءٌ روشنائي جوڙيان ٿو، ۽ اونداهي پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ سلامتي ٿو آڻيان، ۽ مصيبت پيدا ٿو ڪريان؛ آءٌ اهو خداوند آهيان جو اهي سڀ ڪم ٿو ڪريان.
8
اي آسمان، اوهين مٿان هيٺ ڪري پئو، ۽ ڀلي تہ آسمان راستبازي وسائين: ڀلي تہ زمين کلي پوي، ۽ انهي مان نجات ۽ راستبازيءَ جو ڦل گڏجي نڪري؛ مون خداوند انهيءَ کي پيدا ڪيو آهي.
9
افسوس آهي انهي تي جو زمين جي ٺڪرن مان هڪڙو ٺڪر آهي ۽ پنهنجي خالق سان تڪرار ٿو ڪري! مٽي ڪنڀر کي چوندي ڇا تہ تون ڇا ٿو جوڙين؟ يا تنهنجي هٿ جو ڪم چوي تہ هن کي هٿ نہ آهن؟
10
افسوس آهي انهي تي جو پيءُ کي چوي ٿو تہ تون ڇا ٿو ڄڻين؟ يا ڪنهن زال کي چوي تہ توکي ڇا جا سور ٿيا آهن؟
11
خداوند اسرائيل جو پاڪ خدا، ۽ ان جو خالق ائين ٿو فرمائي: تہ ايندڙ ڳالهين بابت اوهين مون کان پڇو يعني منهنجن پٽن بابت، ۽ منهنجي هٿ جي ڪمن بابت مون کي حڪم ڏيو.
12
مون زمين جوڙي آهي، ۽ انهيءَ تي انسان پيدا ڪيو اٿم: مون، يعني منهنجي هٿن، آسمان کي تاڻيو آهي، ۽ انهي جي سموري لشڪر تي حڪم هلايو اٿم.
13
مون هن کي راستبازيءَ سان اُٿاريو آهي، ۽ آءٌ هن جا سڀ رستا سنوان ڪندس: هو منهنجو شهر اڏيندو، هو منهنجن قيدين کي قيمت ۽ عيوضي وٺڻ کان سواءِ مفت آزاد ڪري ڇڏيندو، لشڪرن جو خداوند ائين ٿو فرمائي.
14
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مصر جي دولت، ۽ ڪوش جي تجارت، ۽ سبا جا قداور ماڻهو تو وٽ ايندا، ۽ تنهنجا ٿيندا؛ اهي تنهنجي پٺيان هلندا؛ اهي زنجيرن ۾ ٻڌجي ايندا: ۽ اُهي توکي سجدو ڪندا، ۽ توکي عرض ڪري چوندا تہ يقيناً خدا تو ۾ آهي؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي، ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.
15
اي اسرائيل جا خدا، اي نجات ڏيڻ وارا، سچ پچ تون ئي هڪڙو خدا آهين، جو پوشيدگيءَ ۾ آهين.
16
اهي شرمندا ٿيندا، هائو، اهي سڀ پشيمان ٿيندا: جيڪي بتن جوڙڻ وارا آهن، سي سڀ منجهي پوندا.
17
پر خداوند اسرائيل کي بچائي هميشہ جي نجات ڏيندو: اوهين ابدي زماني تائين ڪڏهن بہ شرمندا نہ ٿيندا، نڪي پشيمان ٿيندا.
18
ڇالاءِ جو خداوند جنهن آسمان پيدا ڪيا، اهو ئي خدا آهي؛ هن زمين جوڙي ۽ تيار ڪئي؛ هن انهيءَ کي قائم ڪيو، هن انهيءَ کي ويران نہ پيدا ڪيو، بلڪ رهڻ جي لاءِ انهي کي جوڙيائين: هو فرمائي ٿو تہ آءٌ خداوند آهيان؛ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
19
مون ڳجهہ ڳوهہ ۾، يا زمين جي ڪنهن اونداهي جاءِ ۾ ڪلام نہ ڪيو آهي؛ مون يعقوب جي اولاد کي ڪونہ چيو تہ مون کي اجايو ڳوليو: آءٌ خداوند سچ ٿو ڳالهايان ۽ راستيءَ جون ڳالهيون ظاهر ٿو ڪريان.
20
اوهين گڏجي اچو؛ اوهين جي قومن مان بچي نڪتا آهيو سي گڏ ٿي ويجها اچو: جيڪي پنهنجيءَ اُڪريل مورت جو ڪاٺ ٿا کڻن، ۽ انهيءَ معبود کان دعا ٿا گهرن جو بچائي نٿو سگهي، سي بي سمجهہ آهن.
21
اوهين ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ انهي کي ويجهو آڻيو؛ ڀلي تہ اُهي پاڻ ۾ صلاح مصلحت ڪن: ڪنهن قديم زماني کان اهو ڏيکاريو آهي؟ ڪنهن پراڻي وقت کان اهو ظاهر ڪري ٻڌايو؟ مون خداوند ائين نہ ڪيو آهي ڇا؟ ۽ مون کان سواءِ ٻيو خدا ڪونهي؛ يعني عادل خدا ۽ نجات ڏيندڙ؛ مون کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.
22
اي زمين جا رهاڪو اوهين سڀ مون ڏانهن نهاريو ۽ نجات حاصل ڪريو: ڇالاءِ جو آءٌ خدا آهيان، ۽ ٻيو ڪو بہ ڪونهي.
23
مون پنهنجو قسم کنيو آهي، منهنجي وات مان سچائيءَ سان ڪلام نڪتو آهي، سو وري نہ ڦرندو، تہ سڀڪو گوڏو منهنجي اڳيان جهڪندو، ۽ هرڪا زبان منهنجو قسم کائيندي.
24
هرڪو مون بابت چوندو تہ رڳو خداوند ۾ راستبازي ۽ طاقت آهي: انهي وٽ ئي ماڻهو ايندا، ۽ جيڪي کانئس ناراض هئا، سي سڀ شرمندا ٿيندا.
25
اسرائيل جو سارو نسل انهي ۾ سچو ثابت ٿيندو، ۽ انهي تي فخر ڪندو.
← Chapter 44
Jump to:
Chapter 1
Chapter 2
Chapter 3
Chapter 4
Chapter 5
Chapter 6
Chapter 7
Chapter 8
Chapter 9
Chapter 10
Chapter 11
Chapter 12
Chapter 13
Chapter 14
Chapter 15
Chapter 16
Chapter 17
Chapter 18
Chapter 19
Chapter 20
Chapter 21
Chapter 22
Chapter 23
Chapter 24
Chapter 25
Chapter 26
Chapter 27
Chapter 28
Chapter 29
Chapter 30
Chapter 31
Chapter 32
Chapter 33
Chapter 34
Chapter 35
Chapter 36
Chapter 37
Chapter 38
Chapter 39
Chapter 40
Chapter 41
Chapter 42
Chapter 43
Chapter 44
Chapter 45
Chapter 46
Chapter 47
Chapter 48
Chapter 49
Chapter 50
Chapter 51
Chapter 52
Chapter 53
Chapter 54
Chapter 55
Chapter 56
Chapter 57
Chapter 58
Chapter 59
Chapter 60
Chapter 61
Chapter 62
Chapter 63
Chapter 64
Chapter 65
Chapter 66
Chapter 46 →
All chapters:
1
2
3
4
5
6
7
8
9
10
11
12
13
14
15
16
17
18
19
20
21
22
23
24
25
26
27
28
29
30
31
32
33
34
35
36
37
38
39
40
41
42
43
44
45
46
47
48
49
50
51
52
53
54
55
56
57
58
59
60
61
62
63
64
65
66